بلاگنئون

قانون جي رکوالن هٿان نوشهروفيروز ۾ ڪرپشن جو اسڪينڊل

هونئن ته ڪرپشن يا بدعنواني ھڪ سماجي برائي جو نالو آھي جيڪا ڪنھن معاشري، ملڪ، رياست، سياسي، انتظامي، حڪومتي، معاشي ۽ معاشرتي نظام کي ناڪام يا ناڪاره بڻائي تباھي، بربادي، تنزل يا پستي ڏي وٺي وڃي ٿي. ڪرپشن اڏوهيءَ وانگر نظام جي ڪاٺ کي کوکلو ڪري ڪمزور ۽ ناس ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙي اڏوهي سرڪاري ادارن ۾ ملندي آهي. ڪرپشن يا بدعنواني جو سبب ناجائز طريقي سان دولت شھرت طاقت يا اقتدار جي حاصلات آھي. ان جي نمونن ۾ غبن، فراڊ يا دوکو، اختيار جو ناجائز استعمال يا فرض جي ادائگي کان انڪار يا پاسو ڪرڻ وغيره شامل آهن. ڪرپشن سماج اندر صحيح ۽ غلط، بري ۽ ڀلي، اھل ۽ نا اھل، حق ۽ ناحق، انصاف ۽ نا انصافي جي وچ ۾ تميز يا فرق کي ختم ڪري سماجي قدرن ۽ سماجي اخلاقيات کي ناس ڪري ٿي. جيڪڏهن تاريخ جو مشاھدو ڪجي ته خبر پوندي ته قومن، تھذيبن ۽ معاشرن جي تباهيءَ جو وڏو سبب بدعنواني يا ڪرپشن رھي آھي. اھا بي ايماني جو ھڪ وڏو قسم آھي ۽ ان جي محرڪن ۾ سڀ کان وڏو محرڪ لوڀ ۽ لالچ آھي. اھو ھڪ اھڙو عارضي نفعو ڏيندڙ انفرادي عمل آھي، جيڪو اجتماعي نقصان يا تباهي آڻي ٿو. تنھنڪري ھر معاشري ۾ اھو ڳڻتي وارو موضوع رھيو آھي، جنھن ڪري ان کي روڪڻ لاءِ خاص قانونسازي ذريعي خاص ادارا جوڙيا ويندا آھن، پر جڏهن قانون جا رکوالا ڪرپشن ڪري ان لٽ مار ۾ شامل ٿي وڃن ته عوام جو قانوندانن تان اعتماد کڄي ويندو آهي۔ اهڙوئي هڪ واقعو گذريل ڏينهن نوشهروفيروز بار ايسوسيئيشن ۾ پيش آيو جتي ضلعي بار جي بينڪ اڪائونٽ مان هڪ ڪروڙ 92 لک صدر ۽ جنرل سيڪريٽري غير قانوني طور تي ڪڍرائي ڇڏيا آهن، جنهن جو اعتراف ڊسٽرڪٽ بار جي سينئر وڪيلن شير محمد اڄڻ، ابرار حسين چانڊيو، قادر خانزادو، نعيم احمد کوسو، بار جي خزانچي شڪيل عباسي ۽ ٻين ضلعي بار هال ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. انهن وڪيلن ضلعي بار جي صدر محمد اياز مري ۽ جنرل سيڪريٽري شوڪت علي ٻوهيو مٿان مبينا طور الزام لڳايو ته ان ٻنهي اڳواڻن ملي ڀڳت ڪري سنڌ بار ۽ پاڪستان بار سميت ٻين ادارن کان مليل ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري ڇڏيا آهن اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺي غير قانوني طور اڪائونٽ مان ڪڍايل پئسا واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته نوشهروفيروز ضلعي بار جي الائيڊ بينڪ اڪائونٽ مان وڪيلن جي فيسن، وفاق ۽ سنڌ سرڪار پاران بار جي مدد لاءِ ڏنل فنڊن جا هڪ ڪروڙ 92 لک رپيا غير قانوني طور ڪڍرائي هڙپ ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جو ڪوبه رڪارڊ موجود ناهي ۽ نه ئي ڪو اجلاس گهرائي ڪنهن ڪم ڪرائڻ جي منظوري ورتي وئي آهي. اڳواڻن موجب جڏهن اسان بينڪ اڪائونٽ چيڪ ڪرايوسين ته اڪائونٽ ۾ رڳو 9 لک 87 هزار موجود آهن، باقي رقم جو ڪو حساب ڪتاب نه آهي انهن چيو ته بار جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري پنهنجا اختيار اورانگهي غير قانوني طور پئسا ڪڍرايا آهن جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾  قبول نه ڪنداسين. اڳواڻن سنڌ بار ۽ پاڪستان بار سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته هن سڄي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي اڪائونٽ مان ڪڍرايل بار جي امانتي رقم واپس ڪرائي وڃي. ٻي صورت ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صدر ۽ جنرل سيڪريٽري خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ويندي ۽ ضلعي بار اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو. اڳواڻن موجب ماضيءَ ۾ به بار جي اڪائونٽ جي لٽ مار ٿيندي رهي آهي، پر شعور يافته وڪيلن جي بيداريءَ سبب اهي پئسا واپس ايندا رهيا آهن. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر قانون جي پاسداري ڪندڙ ڪرپشن ڪرڻ تي ڇو مجبور آهن، جڏهن کين ديانتدار ۽ ايماندار سمجهي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جو منصب ارپيو ويندو آهي ته اهي پنهنجي ذميواريءَ جو غلط استعمال ڇو ٿا ڪن. کين ايڏي وڏي مليل عزت هڪ لمحي ۾ ختم ڪرائي ٿا ڇڏين۔ جيڪڏهن انهن پئسن مان بار جو ڪو ڪم نٿو ڪرايو وڃي ته اهي پئسا بار جي غريب ۽ مستحق وڪيلن جي سهائتا تي خرچ ڪرڻ لاءِ هڪ فنڊ طور رکيل هوندا آهن، پر هتي ڪهاڻي ئي ابتڙ آهي. ماضي قريب ۾ ضلعي جي اهم منصب تي فائز ڊپٽي ڪمشنر موٽروي ايم 6 جي اڏاوت لاءِ زمين جي خريداريءَ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن وارو مامرو سامهون آيو، ٿوري گهڻي جاچ کانپوءِ ڪرپٽ عناصرن کي بي ڏوهي ثابت ڪري کين آجو ڪيو ويو، آخر اهي پئسا ڪيڏانهن ويا انهن جو ڪو حساب ڪتاب ظاهر نه ٿيو، جيڪڏهن انصاف جا تقاضا ائين ئي پورا ٿيندا رهيا ته پوءِ نه رڳو بار، پر سمورن ادارن جي ائين لٽ ٿيندي رهندي. 9 ڊسمبر تي جڏهن سڄي دنيا ۾ ڪرپشن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو ته ڇا نوشهروفيروز ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظامي خلاف شعور يافته طبقو آواز اٿاريندو ۽ ماضي توڙي حال ۾ ٿيل ڪرپشن وارو باب بند ڪري مستقبل کي محفوظ بڻائيندو؟ اڳي ئي سنڌ ۾ وسيلن جي لٽ مار کان ويندي، ادارن جي کوکلو ٿيڻ تائين اسان جي قوم خاموشي اختيار ڪيو ويٺي آهي، ائين قوم جي ترقيءَ جو هر منصوبو ناڪام ٿيندي نظر اچي ٿو. سرڪاري ادارن کان ويندي خانگي ادارن تائين سمورو نظام ڪرپشن جي ور چڙهندو پيو وڃي. اسان پنهنجن ادارن کي پاڻ پنهنجي هٿن سان لٽي تباهه ڪري رهيا آهيون ته پوءِ ڌارين تي ڪهڙو ڏوهه ڏجي. ان کان اول جو پاڻ پنهنجي ڌرتي تي هميشه لاءِ اوپرا بڻجي وڃون، اسان جا ايندڙ نسل هميشه جي غلاميءَ ۾ غرق ٿي وڃن، پاڻ کي ۽ پنهنجن ادارن کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻو پوندو، پر جيڪڏهن ائين اکيون بند ڪري ويٺل رهياسين ته قوم جو مسقبل انتهائي ڀيانڪ هوندو.

آخر ۾ هڪ ننڍڙو سبق آميز قصو اوهان جي نظر ڪريان ٿو، ھڪ ڳوٺ ۾ ڪبوتر ۽ ڪبوتري اچي نڪتا انھن کي رات ٿي وئي ھڪ وڻ تي ڪچھري ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ڳوٺ سڄو ويران لڳو پيو آھي، شايد ھتي چٻرا گھڻا آھن، ان ڪري سڄو ڳوٺ ويران آھي، ھلو ته ھلون ۽ ٻئي ڪنھن ڳوٺ ۾ رات رھون. ان وڻ جي چوٽي تي چٻرو ويٺو ھو، جيڪو ھنن جون ڳالھين ٻڌي رھيو ھو، سو ھيٺ لھي آيو ڪبوتر ۽ ڪبوتري کي چيائين رات گھڻي گذري وئي آھي توھان پري کان آيا آھيو اڄ رات منھنجي مھماني کائو صبح جو ھليا وڃجو. چٻري جي گھڻي اسرار تي ڪبوتر ۽ ڪبوتري ترسي پيا ۽ چٻري ھنن جي خاص خاطرداري ڪئي، صبح جو جڏھن ڪبوتر ۽ ڪبوتري موڪلائي وڃڻ لڳا ته چٻري ڪبوتر کي چيو ته ڪبوتري منھنجي زال آھي. تون ڀلي وڃ باقي ڪبوتري توسان گڏ ڪونه ھلندي. ڪبوتر چٻري کي چيو تنھنجو دماغ خراب آھي ڇا؟ ڪبوتري منھنجي زال آھي، چٻري چيو ھل ڳوٺ جي چڱن وٽ فيصلو ٿا ڪرايون جنھن تي ڪبوتر راضي ٿي ويو ۽ ويا چڱن وٽ، چڱن ٻنھي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ڏنو ته ڪبوتري چٻري جي زال آھي. ڪبوتر ويچارو روئي روانو ٿيو ته پويان چٻري سڏ ڪيو ته ترس ڪبوتري تنھنجي ئي زال آھي. ڪلھ رات توھان چيو پئي ته چٻرن ڳوٺ کي ويران ڪيو آھي. ھاڻي خبر پيئي چٻرن نه، بلڪه چڱن مڙسن جي اهڙن اونڌن فيصلن جي ڪري ڳوٺ ويران ٿيندا آھن.