سنڌ اڄ سوڳوار ۽ هر اک آلي آهي ڇوته سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙهندڙ سنڌ امڙ جو صالح فرزند محمد ادريس راجپوت لاڏاڻو ڪري ويو آهي. محمد ادريس راجپوت آبپاشي ماهر طور سڃاتو ويو. هو آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري به رهيو، سندس ٻي وڏي سڃاڻپ رٽائرمينٽ کانپوءِ، پنهنجي موضوع سان نڀائيندي، سنڌ جي نقطهءِ نظر کي ڌيان ۾ رکندي، مضمون ۽ مقالا لکڻ ۽ عوام کي آگاهي ڏيڻ هو. هو مختلف موقعن تي سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس پيش ڪندو رهيو. محمد ادريس راجپوت 20 نومبر 1941ع تي ديندار خان راجپوت جي گھر، ڀارت جي ضلعي “گڙگائون” جي هڪ ڳوٺ “نُوهه” (Nuh) ۾ پيدا ٿيو. هي اڃان اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ مس داخل ٿيو هو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سبب، سندس خاندان نئين ٺهيل ملڪ پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، جنهنڪري سندس خاندان پهريائين ٽنڊو الهيار، پوءِ ساهتي پرڳڻي جي مشهور شهر ٺاروشاهه ۽ آخر قنبر ۾ اچي ويٺو. ننڍپڻ ۾ ماءُ جي لاڏاڻي سبب کيس ڏاڏيءَ پاليو. جنهنڪري مٿس ان جو ڪافي اثر رهيو. هن ابتدائي تعليم 1955ع ۾ مين پرائمري اسڪول قنبر ۽ مئٽرڪ 1959ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان پهرين پوزيشن سان حاصل ڪئي. هن انٽر سائنس گروپ (مئٿميٽڪس) ۾ 1961ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڊويزن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. سندس والد جي خواهش کيس ڊاڪٽر ڪرڻ جي هئي، پر پنهنجي شوق سبب هن سول انجينئرنگ (1965ع ) ۾ بِي، اِي اين اِي ڊِي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ گولڊ ميڊل ماڻي حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هي 1966ع ۾ آبپاشي کاتي ۾ اسسٽنٽ انجينئر مقرر ٿيو، جتي 1970ع ۾ اسسٽنٽ ايگزيڪيٽو انجينئر طور ترقي حاصل ڪيائين ۽ پوءِ ترقي ڪندي، صوبائي سيڪريٽري آبپاشي ٿيو ۽ 19 نومبر 2001ع تي رٽائر ڪيائين. ان دوران هي مختلف سرڪاري پراجيڪٽن جو انچارج به رهيو. ادريس راجپوت رٽائرمينٽ کانپوءِ 2002ع کان وٺي مسلسل سنڌ جي پاڻيءَ جي مسئلي تي ڄاڻ ڀريا مضمون پئي لکيا آهن. جن کي بيحد پذيرائي پئي ملي. مارچ 2003ع ۾ انهن مضمونن کي نوجوان اديب رياضت ٻرڙي، ترتيب ڏئي، هڪ ڪتاب جي صورت ۾ “گريٽر ٿل ڪينال ۽ ڪالاباغ ڊيم” جي نالي سان، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران پڌرو ڪيو. محمد ادريس راجپوت کي سندس خدمتن جي مڃتا ۾ اڪيڊمي پاران اپريل 2003ع ۾ “ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ” به ڏنو ويو. تصوف جي مطالعي سان دلچسپي رکندڙ محمد ادريس راجپوت جي رهائش 1979ع کان وٺي ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي ڪراچيءَ ۾ هئي سنڌ ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو محافظ ڪجهه مھينا اڳ فرش تي ڪري پيو ھو، جنهن ڪري کيس مٿي ۾ ڌڪ لڳو هو. ڪافي علاج ڪرائڻ باوجود سندس طبيعت بحال نه ٿي سگهي. ايتري تائين جو سندس ڳالھائڻ ٻولھائڻ به ختم ٿي ويو. افسوس جو حڪومت وقت به سنڌ جي ھن سگھاري آواز پاڻي جي پاسبان جو پرڏيھه مان سرڪاري خرچ تي علاج نه ڪرايو ۽ گذريل ڏينهن 22 ڊسمبر 2025ع تي سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ پاڻ هميشه لاءِ الوداع ڪري ويو. سندس جنازي نماز شفقت مسجد ۾ ادا ڪئي وئي.