بلاگنئون

ڊسمبر ۾ وڇڙي ويلن کي ڪير وساري سگھندو؟

ڪٿي پڙهيو هئم ته ڊسمبر ايندڙ مھيني جنوري کي وڏا چيلينج ڏئي ويندو آهي، جنھن کي جنوري قبول ڪري فيبروري تي ڇڏيندو آهي. ايئن مارچ مھڻا سھندي به فيبروري کان فڪر وٺندو آهي، پوءِ به اڌورا خواب ڇڏي اپريل کي ڏئي ڇڏيندو آهي. اپريل وري آزيون نيازيون ڪري مئي کي منھن ۾ ڏيندو آهي، مئي مونجهارن جو شڪار بڻجي جون کي جنون ڏيکارڻ لاءِ تيار ڪندي آهي جولاءِ وري آگسٽ جي آجيان جي تياري ڪندو آهي ايئن وري آگسٽ سيپٽمبر کي سورن لاءِ سامان مهيا ڪري ڏيندو آهي. سيپٽمبر وري آڪٽوبر کي اڃان وڌيڪ عذابن جي آزمائش ۾ وجهندو آهي، آڪٽوبر جي الوداع کان پوءِ نومبر جون نرم نرم راتيون ۽ ڏينھن ڊسمبر لاءِ سڄو سُور ڇڏي ويندا آهن  ۽ ڊسمبر مھيني ۾ جيڪي ٻين کي سور پلئه پيا آهن، جيڪي واقعا سرزد ٿيا اهي سور ۽ واقعا تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن، جن کي هر سال ياد ڪيو وڃي ٿو.

ڏونگر! ڏک پئي، ڪيم توسين ڳالهڙي،

پاڻان آئون مُئِي، سُور سُڻائي پرينءَ جو،

ڊسمبر ۾ سور ڏئي ويلن مان ڪنھن جو ذڪر ڪريان ڪنھن جو ذڪر ڇڏيان بھرحال ڊسمبر مھيني ۾ جيڪي سياست، ادب خدمت سان واسطو رکندڙ آهن انھن ۾ 5 ڊسمبر 2013 تي ڏکڻ آفريڪا جو آزادي پسند اڳواڻ، ملڪ جو پھريون ڪارو صدر، جنھن زندگيءَ جا 27 سال جيل ۾ گذاريا انصاف ۽ همت جي علامت بڻيل نيلسن منڊيلا وفات ڪئي. مدر ٽريسا جيڪا اصل ۾ ڄائي سيپٽمبر ۾، پر سندس خدمتن عيوض کيس ڊسمبر ۾ ياد ڪيو ويندو آهي، پر انھن ۾ هر سال جنھن جي وڇوڙي کي گهڻو ياد ڪيو ويندو آهي، ان ۾ خاص طور تي  سنڌ جي ڏاهي سياسي شخصيت آمريت سان مھاڏو اٽڪائيندڙ سوڀو گيانچنداڻي جيڪو 8 ڊسمبر تي سنڌ جي هر ماڻهو کي الوداع چئي پنھنجون يادون ڇڏي ويو، جنھن پاڪستان ٺھڻ دوران سنڌ جي وارثن جي لڏپلاڻ دوران سنڌ جي ڌرتي کي نه ڇڏيو هو. هي سنڌ جو جوڌو ساهَه جي تند ٽٽڻ تائين سنڌ سان سچو رهيو. 23 تاريخ تي لڇمڻ ڪومل دم جي مرض جي درد ۾ رهي ڪري “وھي کاتي جا پنا” جھڙو ڪتاب ڏئي وڇوڙي جو داغ ڏنو. 25 ڊسمبر تي مزاحيه اداڪار چارلي چيپلن وفات ڪئي، پر سنڌ سدائين سوڳوار رهي آهي ته سنڌ جي ان راڻي جي شھادت تي سوڳوار رهي، جنهن جي شھادت تي هر شئي جو ڪاروهنوار بند ٿي ويو هو. اها تاريخ  27 ڊسمبر هئي، جنھن تاريخ تي محترمه بينظير ڀٽو کي گولي هڻي شھيد ڪيو ويو هو. ساڳي تاريخ تي  سنڌ جي قومي راڳي سرمد سنڌي هڪ حادثي سبب اسان سڀني کان موڪلائي ويو، 28 ڊسمبر تي مھا قوي شيخ اياز جھڙي شخصيت وڇڙي وئي، جنھن پنھنجي شاعري سميت ڪيئي مضمونن جا ڪتاب مطالعي لاءِ ڏنا.

29 ڊسمبر تي وسيع علم جو مالڪ درگاھ ڀٽ شاهه جو درگاهه نشين سائين نثار حسين شاهه لاڏاڻو ڪيو، پر جيڪڏهن اسان در محمد پٺاڻ صاحب جي لکيل تاريخ جي دري کي کولڻ سان سنڌ سان  تعلق رکندڙ آهي شخصيتون ڏسڻ ۾ اينديون  جيڪي  ڊسمبر جي مھيني ۾ پيدا ٿيون پر انھن شاعر، اديبن سياسي ماڻهن، جي زندگيءَ تي لکندا سين ته مضمون طويل ٿي ويندو مون فقط پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ مختصر طور احوال قلمبند ڪيون ته جيئن پڙهندڙ پنھنجي محسن کي به ڄاڻي سگهن، ياد ڪري سگهن انهن ۾ منگهارام ملڪاڻي، صوفي شاعر فقير جانڻ، مذهبي قاري عيسيٰ، اڳوڻو حڪمران غلام شاھ ڪلهوڙو، اڳوڻو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو، شاعر پھلاج جيواڻي ،شاعر غلام محمد غلام، فريڊم فائيتر حافظ عبدالحمید ٿريچاڻي ليکڪ ۽ پبلشر ميلارم منگترام واسواڻي ، آرٽسٽ زينت شيخ ،مذهبي اسڪالر مولانا محمد صديق ڪڇي، ليکڪ عبدالرحيم ڏيٿو ،شاعر عبدالرزاق راز، سماج سڌارڪ ۽ فلاسفر ديوان ڏيارام گدو مل شھاڻي،سياسي اڳواڻ ڏيون ڪمار مالهي اداڪار رشيد صابر، اداڪار راڻي، شاعر مينھل فقير مَھر ،بزرگ سماجي شخصيت سوامي پريمداس ناتاڻي،کي سنڌ ڪڏهن نه وساري سگهندي

ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته ڊسمبر مھيني ۾ گذاري ويل ڏاهن ماڻهن کان علاوه جيڪي شخصيتون  1800 کان 1900 عيسوي جي ڊسمبر  مھيني ۾ سنڌ جي ڌرتي تي پيدا ٿيون هيون، تن مان ڪن جي نالن کان به واقفيت ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو جن ۾ خاص طرح جيئن سينيئر صحافي شيخ عزيز، شاعر مايا ساگر اوڏ، ڊاڪٽر چمنداس ڇاٻلاڻي، سگهڙ گل محمد ڪنڀر، سگهڙ محمد زمان باجاري، ناليوارو ليکڪ گوبند پنجابي، ڳائڻو ڀيرو مل ڀمڀاڻي،  ڳائڻو سنتوش ڀاڳيا، ڊاڪٽر تنوير عباسي، حليم سنڌي، منصور ابڙو، ساقي ابڙو، آرٽسٽ منو گيھاڻي، بينا منسکاڻي، آرٽسٽ پريمچند ٺڪر، موسيڪار هيرو ننگوراڻي سياسي اڳواڻ چاڪر علي جوڻيجو سميت هزارين سنڌ جون شخصيتون آهن جن جي مواد کي ڳولهي، سھيڙي روز جي بنياد تي انھن جي سوانح عمري لکي انھن کي ياد ڪجي. انھن وسري ويل شخصيتن تي قلم کڻي ايندڙ نسل کي متعارف ڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي ايئن نه ٿئي جو انھن جا نالا فقط ڪتابن جي ورقن ۾ ئي گم ٿي سڙي وڃن.

گوندر جنين گذاريو، مُنھن تنين مشعل،

ڪا مون پوري ڪَل، انين جي افسوس جي (سچل)