بلاگنئون

زھر جو پيالو پيئندڙ سقراط جي عدالتي قتل جو تاريخي جائزو

سقراط، يونان جي قديم دور جو هڪ امُلهه نالو آھي، جنهن فلسفي جي دنيا کي ھڪ نئون رخ ڏنو ھو. سقراط 469 ق. م ۾ ايٿنز ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ سنگتراش هو ۽ ماءُ دائي ھئي، پر سقراط جو ذهن انهن کان بلڪل مختلف هو. هو ننڍپڻ کان ئي سوچيندڙ، سوال ڪندڙ ۽ تجزيو ڪندڙ ھو. هن باضابطا طور ڪو تعليمي ادارو نه کوليو، پر ايٿنز جي گهٽين، بازارن ۽ چوڪن تي ماڻهن سان بحث مباحثو ڪري، پنهنجا نظريا پيش ڪندو ھو.

سقراط جو مڃڻ هو ته “اڻڄاڻ هجڻ ئي سڀ کان وڏي ڄاڻ آهي.” هن جو طريقو “سقراطي طريقو”(Socratic Method)  سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ هو ماڻهن کان سوال ڪري، انهن جي سوچ جي کوٽ کي ظاهر ڪندو هو. هو سمجهندو هو ته علم انسان جي اندر ئي آهي، صرف ان کي جاڳائڻو آهي. هن نوجوانن کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ سماج جي روايتي غلط عقيدن کي للڪارڻ سيکاريو.

سقراط جي اھا سوچ ۽ بيباڪي ايٿنز جي حڪمرانن کي پسند نه آئي. هن تي الزام لڳايو ويو ته هو نوجوانن کي بگاڙي ٿو ۽ رياست جي ديوتائن کي به نٿو مڃي. 399 ق. م ۾ سقراط تي مقدمو هليو. سندس دفاع ۾ ڪيترن شاهديون ڏنيون، پر سقراط پنهنجي نظريي تان پوئتي نه هٽيو. کيس معافي وٺي پنهنجن سمورن نظرين کي ڪوڙو قرار ڏئي موت کان بچڻ جو موقعو ڏنو ويو يا معافي نه وٺڻ جي صورت ۾ زهر جو پيالو پيئڻ جي سزا ڏني وئي، پر  سقراط زھر جو پيالو پي پنهنجو پاڻ کي ھميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.

سقراط کي موت جي سزا ڏئي، ان جي فلسفي، تعليم ۽ سچ جي جستجوءَ کي دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر اھا دفن ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ زنده ٿي وئي. سندس شاگردن، خاص طور افلاطون، سقراط جي تعليم کي محفوظ ڪيو. اڄ به دنيا جي تعليمي نظامن ۾ سقراطي طريقو استعمال ٿيندو آهي، جتي استاد رڳو علم نه ڏيندو آهي، پر شاگردن جي ذهنن کي به جاڳائيندو آهي.

اڄ تاريخ جي ورقن ۾ سقراط جو نالو علم، اخلاق ۽ سوال ڪرڻ جي جرئت جي علامت طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سقراط کي ايٿنز جي عدالتن جي طرفان زهر جو پيالو پيئڻ جو حڪم، نه رڳو هڪ انسان جو قتل ھو، بلڪه فڪر، منطق ۽ اظهار جي آزادي جي اصولن کي به قتل ڪرڻ جي برابر ھو. هي واقعو “عدالتي قتل” جو ھڪ انتهائي افسوسناڪ مثال آهي، جيڪو اڄ به انساني سوچ لاءِ هڪ سوال آهي ته ڇا قانون انصاف جي نالي تي اھڙو ظلم ڪري سگهي ٿو؟

سقراط تي لڳايل الزام ٻه هئا:

(1) نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ (2) رياست جي ديوتائن تي ايمان نه رکڻ! پر جيڪڏهن ان وقت جي سياسي ۽ سماجي حالتن تي نظر وڌي وڃي ته صاف محسوس ٿئي ٿو ته هي الزام سندس سوال ڪرڻ جي جرئت، عقل جي پروڙ ۽ روايتن کي چئلينج ڪرڻ سبب لڳايا ويا. سقراط اهڙو استاد هو، جيڪو پنهنجن شاگردن کي سيکارڻ بدران سوچڻ تي وڌيڪ مجبور ڪندو ھو، پر افسوس ان کي شايد اھا خبر نه هئي ته اقتدار ۽ طاقت هميشه اهڙين سوچن کان ڊڄندي آهي.

مقدمو عائد ٿيڻ کانپوءِ عدالت سقراط کي چيو ته هو معافي وٺي، پنهنجا نظريا واپس وٺي ته کيس بچائي سگهجي ٿو! پر سقراط سچ تي ثابت قدم رهيو. هن چيو، “مان اهڙي زندگيءَ کي ھرگز ترجيح نه ڏيندس، جتي مان سچ نه چئي سگهان.” هن زهر جو پيالو پيتو، پر فڪر جي آزاديءَ جو علم ايندڙ دنيا تائين اوچو ڪري ڇڏيو.

سقراط جي قتل کي “عدالتي قتل” سڏڻ لاءِ قانوني لحاظ کان جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته اھو واضح ٿئي ٿو ته ايٿنز جي رياست، جيڪا ان وقت جي نام نهاد “جمھوري نظام” هيٺ هلي رهي هئي، اُن قانون جي نالي ۾ هڪ اخلاقي ۽ فلسفياڻي فڪر کي دٻائڻ لاءِ هڪ شخص کي قتل ڪرڻ جو رستو اختيار ڪيو. اچو ته ان عدالتي قتل واري فيصلي جو قانوني نقطهءِ نظر سان جائزو وٺون.

  1. قانون جي تشريح ۾ مبهم الزام: سقراط تي لڳايل ٻنهي الزامن (نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ ۽ رياستي ديوتائن جو انڪار) جي ان وقت ڪابه واضح قانوني تشريح يا حد مقرر نه هئي. قانوني اصول موجب، “no crime without a law”، يعني ڪنهن به عمل کي تڏهن جرم قرار ڏئي سگهجي ٿو، جڏهن اهو اڳواٽ قانون ۾ واضح طور تي بيان ٿيل هجي. ايٿنز ۾ ان قسم جي اخلاقي يا مذهبي انحراف کي وضاحت سان “جرم” قرار ڏيڻ جو ڪوبه منظم قانون موجود نه هو.

  2. شخصي عقيدي تي سزا ڏيڻ: قانون جو بنيادي اصول آهي ته مذهب، عقيدو يا اظهار جي آزادي فرد جو ذاتي حق آهي، جيستائين اهو ٻين جي حقن يا امن امان ۾ دخل اندازي نه ڪري. سقراط صرف روايتي ديوتائن بدران “داخلي آواز” يا ضمير جي ڳالهه ڪئي، جنهن کي تشدد يا بغاوت سان ڳنڍڻ قانوني طور غلط ھو. اڄ جي دور ۾، اها ضمير جي آزاديءَ تي پابندي جي برابر آهي، جيڪا انساني حقن جي عالمي اعلان(Universal Declaration of Human Rights) جي آرٽيڪل 18 جي به  خلاف ورزي آهي.

  3. عدالتي دٻاءُ ۽ غير جانبداريءَ جي کوٽ: سقراط جو مقدمو عوامي نمائندن تي ٻڌل جُيوري(jury) جي سامهون هلايو ويو ۽ چون ٿا ته اتي لڳ ڀڳ 500 کان وڌيڪ جُيوري جي ميمبرن فيصلو ڪيو ھو!، پر انهن جي راءِ مذهبي ۽ سياسي تعصب تي ٻڌل هئي، نه ته ثبوتNatural Justice جو اصول چوندو آهي ته “عدالت غير جانبدار هئڻ کپي”، پر سقراط کي سزا ڏيڻ مھل عدليه عوام جي تعصب هيٺ دٻجي وئي.

  4. سزا جو عدم تناسب (Disproportionate Punishment): فرض ڪريون ته سقراط نوجوانن کي پنهنجين ڳالهين سان متاثر ڪيو ته به انهيءَ جي سزا “موت” نه هجڻ کپي ھا. قانوني اصول موجب، سزا کي هميشه ڏوهه سان تناسب رکڻ گهرجي. هتي هڪ فلسفي جي استاد کي زهر جو پيالو پيئڻ جو حڪم ڏيڻ، فڪر جي اظهار تي ھڪ غير انساني سزا هئي. بهرحال سقراط جو قتل واضح طور تي ھڪ عدالتي قتل هو، جنهن ۾:

* قانون جي تشريح مبهم هئي.

* ڏوھ جي ڪابه واضح تعريف نه هئي.

* سزا غير مناسب ۽ انتقامي هئي.

* ۽ عدالتي فيصلي تي سياسي ۽ مذهبي تعصب غالب هو.

هي واقعو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته جيڪڏهن عدالتون ضمير بدران دٻاءُ تحت فيصلا ڪن ته قانون انصاف جو هٿيار نه، پر ظلم جو اوزار بڻجي ويندو.  سقراط جي زندگي، فلسفو، تعليم ۽ موت اسان کي سيکاري ٿو ته سچ ڳالهائڻ هميشه آسان نه هوندو آهي، پر لازمي هوندو آهي. سقراط جي قرباني انساني تاريخ ۾ هڪ اهڙو روشن مثال آهي، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته فڪر کي ڪڏهن به قيد نٿو ڪري سگهجي ۽ علم جي روشني هميشه جھالت جي اونداھ تي غالب ٿيندي آھي.

***