ايڊيٽوريلنئون

ڪراچي اولڊ سٽي ۾ وڏي پئماني تي ترقياتي ڪمن جو آغاز

ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (KMC) اولڊ ڪراچي جي بحالي ۽ بهتريءَ لاءِ 70 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي ترقياتي منصوبن جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي پيڙهه جو پٿر آچر جي ڏينهن ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب رکيو. هن جامع منصوبي جو مقصد پراڻي ڪراچيءَ جي روڊن رستن جي تعمير، سيوريج نظام جي بحالي ۽ عوامي سهولتن کي بهتر بنائڻ آهي. جنهن جي تڪميل جي تاريخ 30 جون مقرر ڪئي وئي آهي. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته مرڪزي منصوبو جنهن ۾ جوڙيا بازار، بولٽن مارڪيٽ، مٺادر ۽ کارادر شامل آهن، 59 ڪروڙ 56 لک رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيا ويندا. ان کان علاوه تاريخي لي مارڪيٽ جي عمارت جي بحاليءَ لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي رقم مختص ڪئي وئي آهي، جيڪا مقامي واپارين جي مدد سان 90 ڏينهن اندر مڪمل ڪئي ويندي.

انفرااسٽرڪچر جي بهتري جي تحت 4 لک اسڪوائر فوٽ پيور بلاڪس وڇايا ويندا ۽ 8 لک 50 هزار اسڪوائر فوٽ روڊ تعمير ڪيا ويندا. گڏوگڏ جوڙيا بازار، بولٽن مارڪيٽ، مٺادر، کارادر ۽ لي مارڪيٽ جي عمارتن کي بحال ڪيو ويندو. 2026ع کي ترقياتي منصوبن جي تڪميل جو سال قرار ڏنو ويو آهي ۽ اولڊ سٽي ايريا کي جديد شهري سهولتن سان آراستا ڪرڻ ڪي ايم سي جي اولين ترجيح آهي. ڪراچي جنهن کي ڪڏهن “روشنين جو شهر” چيو ويندو هو، پنهنجي قديم ورثي ۽ تاريخي سڃاڻپ جي بحاليءَ جو حقدار آهي. ڪراچيءَ ۾ تمام گهڻيون تاريخي عمارتون موجود آهن، جيڪي هن شهر جي عظمت، ثقافت ۽ برطانوي دور جي فنِ تعمير جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهن. جن مان ڪيتريون ئي عمارتون وڪٽورين، گوٿڪ ۽ مغليه طرز تعمير جو خوبصورت ميلاپ آهن، جن ۾ ايمپريس مارڪيٽ 1889ع ۾ ملڪه وڪٽوريه جي ياد ۾ ٺاهي وئي. فريئر هال 1865ع ۾ تعمير ٿيو، هي پنهنجي خوبصورت باغ ۽ لائبريري جي ڪري مشهور آهي ان جي ڇت تي مشهور مصور صادقين جا شاهڪار نقش موجود آهن. ڪي ايم سي جي بلڊنگ 1930ع ۾ مڪمل ٿي، هيءَ عمارت جيسل مير جي زرد پٿر مان ٺهيل آهي ۽ اڄ به شهر جي انتظاميه جو مرڪز آهي. ميري ويدر ٽاور ايم اي جناح روڊ ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ جي سنگم تي واقع آهي ۽ هن جي صفائي ۽ مرمت کي به پروجيڪٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو 1892ع ۾ مڪمل طور تعمير ڪري کوليو ويو، جيڪو سر وليم ايل ميري ويدر جي ياد ۾ تعمير ڪرايو ويو، جيڪو سنڌ جو ڪمشنر رهيو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ اسيمبلي اهي ٻئي عمارتون پنهنجي عاليشان بناوٽ ۽ تاريخي اهميت جي ڪري سڃاتيون وڃن ٿيون. لي مارڪيٽ لياري ۽ کارادر جي وچ ۾ واقع آهي. هيءَ مارڪيٽ پنهنجي مخصوص گهڙيال، ٽاور ۽ روايتي بازار واري ماحول جي ڪري اولڊ ڪراچيءَ جو روح چيو وڃي ٿي. هاڻي انهن سڀني عمارتن جي بحاليءَ لاءِ جيڪڏهن حڪومت ڪو منصوبو تيار ڪيو آهي ته اها هڪ خوش آئند ڳالهه آهي. هن سڄي منصوبي جي لاءِ ورلڊ بينڪ مالي معاونت ڪري رهي آهي.

هي فنڊنگ سڌي ريت سنڌ حڪومت جي هٿ ۾ هجڻ بجاءِ هڪ مخصوص پروجيڪٽ امپليمنٽيشن يونٽ ذريعي هلائي ويندي ته جيئن شفافيت برقرار رهي سگهي. جڏهن ته هن پروجيڪٽ ۾ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن  (FWO) وڏو ڪردار ادا ڪندي. جيئن ته (ايف ڊبليو او) فوج جي نگرانيءَ هيٺ ڪم ڪندو ان ڪري اميد آهي ته ان ۾ پئسو صحيح جڳهه تي خرچ ٿيندو ۽ منصوبو مڪمل ڪري عوام کي ڏنو ويندو. اولڊ ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڪي به ترقياتي ڪم ٿيندي نظر نه آيا آهن، هتان جو ڍانچو مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو آهي ۽ ان پاسي وڃڻ وقت ڪراچيءَ جي تباهه حاليءَ جو منظر هر ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسي موٽندو آهي. ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته اولڊ ڪراچي جيڪا ڪراچيءَ جو اصل حسن آهي ان جي خوبصورتيءَ کي قومي ورثو سمجهي ان جي ٻيهر تعمير ڪئي وڃي، ڇو جو اهو ورثو نه صرف عام ماڻهو کي سهولتون فراهم ڪندو بلڪه ڪيترن ئي ٻين ملڪن جي ماڻهن کي جيڪي پاڪستان سياحت جي لاءِ اچن ٿا انهن کي به ڪراچي وٺي اچڻ تي مجبور ڪندو، ڇو ته ڪراچيءَ ۾ تمام گهڻيون خوبصورت پراڻيون عمارتون سياحن جي ڏسڻ لاءِ موجود آهن. اميد آهي ته سڄي ڪراچي جيڪا هينئر بدحالي جو شڪار آهي ان کي ترقياتي ڪمن جي ذريعي مضبوط انفرااسٽرڪچر سان خوبصورت بڻائي نوان روڊ تعمير ڪيا ويندا، پيئڻ جي پاڻيءَ جي لاءِ لائينون وڇايون وينديون، نيڪاس جو نظام بهتر بنائڻ جي لاءِ سڄي اولڊ ڪراچيءَ ۾ نيون گٽرن جون لائينون وڇايون وينديون، ڪراچيءَ کي ايترو خوبصورت بڻايو ويندو جيڪو ڪراچيءَ جو حق آهي. ڪراچيءَ کي خوبصورت بنائڻ جي لاءِ لنڊن، بارسلونا، استنبول، جهڙن تاريخي شهرن ۾ مرڪزي علائقن کي ڏسي انهن جي ترقياتي ماڊل کي ذهن ۾ رکندي منصوبابندي ڪئي وڃي ته هي شهر تمام خوبصورت بڻجي سنڌ حڪومت کي تمام گهڻو ٽيڪس ڪمائي ڏئي سگهي ٿو. ڪراچيءَ کي هڪ زنده ميوزيم جي طور تي جيڪڏهن جديد انداز سان جديد سهولتن سان تعمير ڪيو وڃي ته ڪراچيءَ جون رونقون بحال ٿي سگهن ٿيون. اميد آهي ته هن سڄي پراجيڪٽ کي وقت اندر شفافيت سان مڪمل ڪيو ويندو ۽ عوام کي صاف سٿرو ماحول مهيا ڪيو ويندو، جيڪو سڀني ڪراچيءَ وارن ماڻهن جي ضرورت به آهي ۽ اهڙو صاف سٿرو شهر انهن جي نفسيات تي به بهتر اثر وجهندو.