سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن سان گڏوگڏ وڏن شهرن ۾ به اسڪولن جو انفرااسٽرڪچر ڀڃ ڊاهه جو شڪار هجڻ جي ڪري موسمياتي تبديلين جي اچڻ جي ڪري پڙهائيءَ جي عمل تي تمام گهڻو برو اثر وجهي رهيو آهي. گرمين جي موسم ۾ لائيٽ نه هجڻ، ڪن اسڪولن ۾ پنکن جو نه هجڻ ۽ بلڊنگ جي ڀڃ ڊاهه جي ڪري شاگرد ڪلاسن ۾ اندر ويهڻ جي بجاءِ ٻاهر ويهي تعليم جو سلسلو جاري رکڻ تي مجبور ٿين ٿا. جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ خاص طور تي اتر سنڌ جي علائقن ۾ جڏهن شديد سيءُ پوي ٿو ته شاگرد اسڪولن جي بلڊنگن ۾ دروازا، دريون نه هجڻ جي ڪري پنهنجي تعليم جو سلسلو جاري نٿا رکي سگهن. هر سال وانگر هن سال به سياري جي موسم اچڻ سان سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ساڳيا مسئلا ٻيهر سامهون ڪر کڻي بيٺا آهن. سخت سرد موسم نه رڳو شاگردن ۽ استادن جي تڪليفن کي ظاهر ڪري ٿي، پر سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ پراڻين پاليسين جي ناڪاميءَ کي به وائکو ڪري ٿي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ذميوار ادارا بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران اڄ به انگريزن جي دور جون پاليسيون لاڳو ڪرڻ تي ڀاڙين ٿا، جيڪي هاڻي اسان جي حالتن سان ميل نٿيون کائين. سياري جي موڪلن ۽ اسڪول جي ٽائمنگ بابت پاليسي ان جو واضح مثال آهي. ڊسمبر ۾، جڏهن موسم گهڻي سرد نه هئي، موڪلون ڏنيون ويون، جڏهن ته جنوري ۾، جڏهن سردي پنهنجي عروج تي هوندي آهي، اسڪول ٻيهر کوليا وڃن ٿا، رڳو وقت ۾ ٿوري نرمي ڪندي صبح جو وقت 8:30 کان 9:00 وڳي اسڪول شروع ڪيو وڃي ٿو، هيءَ نام نهاد سردار شاهه جي نرمي سخت سردي ۾ بلڪل ناڪافي آهي، خاص طور تي انهن ٻارن لاءِ، جيڪي ڊگها فاصلا پنڌ يا پبلڪ ٽرانسپورٽ وسيلي طئي ڪن ٿا. اصل مسئلو نه موڪلون آهن ۽ نه ئي وقت، پر سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. اڪثر اسڪولن ۾ مناسب ڪلاس روم، بجلي، گرمائش جو بندوبست، صاف پيئڻ جو پاڻي ۽ موسم کان محفوظ عمارتون موجود ناهن. اهڙين حالتن ۾ نه استاد صحيح نموني پڙهائي سگهن ٿا ۽ نه ئي شاگرد سکيا حاصل ڪري سگهن ٿا. ڇو ته اسڪولن ۾ ڪيترائي غريب ٻار جن کي پورا نه تن تي ڪپڙا هوندا آهن نه انهن کي پيرن ۾ پائڻ جي لاءِ سولا سڌا بوٽ آهن جيڪي کين سيءَ کان بچائي سگهن جڏهن اهي ٽٽل ڀڳل ڪلاسن ۾ اچي ويهن ٿا ته سندن جسماني حالت اهڙي نه هوندي اهي جو اهي استاد جي سبق ڏانهن ڌيان ڌئي سگهن. بنا سهولتن جي معياري تعليم جي اميد رکڻ غير حقيقت پسندانه آهي.