بلاگنئون

سنڌ جي اسڪولن کي نئين عمارتن ۽ نئين تعليمي ڪئلينڊر جي اشد ضرورت

سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن سان گڏوگڏ وڏن شهرن ۾ به اسڪولن جو انفرااسٽرڪچر ڀڃ ڊاهه جو شڪار هجڻ جي ڪري موسمياتي تبديلين جي اچڻ جي ڪري پڙهائيءَ جي عمل تي تمام گهڻو برو اثر وجهي رهيو آهي. گرمين جي موسم ۾ لائيٽ نه هجڻ، ڪن اسڪولن ۾ پنکن جو نه هجڻ ۽ بلڊنگ جي ڀڃ ڊاهه جي ڪري شاگرد ڪلاسن ۾ اندر ويهڻ جي بجاءِ ٻاهر ويهي تعليم جو سلسلو جاري رکڻ تي مجبور ٿين ٿا. جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ خاص طور تي اتر سنڌ جي علائقن ۾ جڏهن شديد سيءُ پوي ٿو ته شاگرد اسڪولن جي بلڊنگن ۾ دروازا، دريون نه هجڻ جي ڪري پنهنجي تعليم جو سلسلو جاري نٿا رکي سگهن. هر سال وانگر هن سال به سياري جي موسم اچڻ سان سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ساڳيا مسئلا ٻيهر سامهون ڪر کڻي بيٺا آهن. سخت سرد موسم نه رڳو شاگردن ۽ استادن جي تڪليفن کي ظاهر ڪري ٿي، پر سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ پراڻين پاليسين جي ناڪاميءَ کي به وائکو ڪري ٿي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ذميوار ادارا بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران اڄ به انگريزن جي دور جون پاليسيون لاڳو ڪرڻ تي ڀاڙين ٿا، جيڪي هاڻي اسان جي حالتن سان ميل نٿيون کائين. سياري جي موڪلن ۽ اسڪول جي ٽائمنگ بابت پاليسي ان جو واضح مثال آهي. ڊسمبر ۾، جڏهن موسم گهڻي سرد نه هئي، موڪلون ڏنيون ويون، جڏهن ته جنوري ۾، جڏهن سردي پنهنجي عروج تي هوندي آهي، اسڪول ٻيهر کوليا وڃن ٿا، رڳو وقت ۾ ٿوري نرمي ڪندي صبح جو وقت 8:30 کان 9:00 وڳي اسڪول شروع ڪيو وڃي ٿو، هيءَ نام نهاد سردار شاهه جي نرمي سخت سردي ۾ بلڪل ناڪافي آهي، خاص طور تي انهن ٻارن لاءِ، جيڪي ڊگها فاصلا پنڌ يا پبلڪ ٽرانسپورٽ وسيلي طئي ڪن ٿا. اصل مسئلو نه موڪلون آهن ۽ نه ئي وقت، پر سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. اڪثر اسڪولن ۾ مناسب ڪلاس روم، بجلي، گرمائش جو بندوبست، صاف پيئڻ جو پاڻي ۽ موسم کان محفوظ عمارتون موجود ناهن. اهڙين حالتن ۾ نه استاد صحيح نموني پڙهائي سگهن ٿا ۽ نه ئي شاگرد سکيا حاصل ڪري سگهن ٿا. ڇو ته اسڪولن ۾ ڪيترائي غريب ٻار جن کي پورا نه تن تي ڪپڙا هوندا آهن نه انهن کي پيرن ۾ پائڻ جي لاءِ سولا سڌا بوٽ آهن جيڪي کين سيءَ کان بچائي سگهن جڏهن اهي ٽٽل ڀڳل ڪلاسن ۾ اچي ويهن ٿا ته سندن جسماني حالت اهڙي نه هوندي اهي جو اهي استاد جي سبق ڏانهن ڌيان ڌئي سگهن. بنا سهولتن جي معياري تعليم جي اميد رکڻ غير حقيقت پسندانه آهي.

جيڪڏهن سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن، جهڙوڪ: بند ڪلاس روم، صحيح دروازا ۽ دريون، بجلي ۽ گرمائش جو بندوبست، جيڪو اڄڪلهه سولر سسٽم جي ڪري سستو ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ مهيا ڪرڻ جي قابل آهي ته سخت سرد موسم ۾ به پڙهائي جاري رکڻ ۾ ڪو مسئلو پيدا نه ٿيندو، بلڪه هر ٻار اهو چاهيندو ته هو وڌ کان وڌ اسڪول ۾ حاضر ٿي اسڪول جي سهولت مان فائدو وٺي ۽ گرم ماحول ۾ پنهنجي تعليم جو عمل جاري رکي، پر بدقسمتيءَ سان پاليسي ٺاهيندڙ عارضي قدمن تي ڌيان ڏين ٿا، جڏهن ته مستقل ۽ پائيدار حلن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. اڪثر استادن تي الزام لڳايو ويندو آهي ته هو موڪلون گهري رهيا آهن، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي. استاد غير ضروري موڪلون نٿا گهرن، پر هو بنيادي سهولتن جو مطالبو ڪن ٿا ته جيئن هو بهتر نموني پنهنجا فرض نڀائي سگهن. محفوظ، گرم ۽ سهولتن سان ليس ماحول ۾ استاد بهتر طور پڙهائي سگهن ٿا ۽ شاگرد به عزت ۽ ڌيان سان تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت نوآبادياتي دور جون پراڻيون پاليسيون ۽ عمارتون ختم ڪري مقامي حالتن مطابق تعليمي پاليسيون ۽ اسڪولن جي عمارتن ۾ تبديليون آڻي ۽ غريب ٻارن جي لاءِ تعليم جي عمل کي دلچپس ۽ سولو بڻائي. پاڪستان جي موسم، سماجي حالتون ۽ ڳوٺاڻا مسئلا برطانوي دور کان مڪمل طور مختلف آهن. بنا تبديلي پراڻا ڍانچا لاڳو ڪرڻ تعليمي نظام کي سخت نقصان پهچايو آهي.

حڪومت کي گهرجي ته هيٺين ڳالهين کي ترجيح ڏئي:

*  سڀني سرڪاري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي.

*  موسم موجب تعليمي ڪئلينڊر تيار ڪيو وڃي.

*  سخت موسم دوران عملي اسڪول ٽائمنگ ترتيب ڏنو وڃي.

*  عارضي قدمن بدران ڊگهي مدي وارا ڍانچا جوڙيا وڃن.

صرف اهڙي صورت ۾ سرڪاري اسڪول نجي ادارن سان مقابلو ڪري سگهن ٿا ۽ عوام جو اعتماد ٻيهر حاصل ڪري سگهن ٿا. معياري تعليم سختي سان نه، پر سيڙپڪاري، منصوبابندي ۽ استادن ۽ شاگردن جي عزت سان حاصل ٿئي ٿي. تعليم قومي ترقيءَ جو بنياد آهي. جيستائين اهي بنيادي مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن، تيستائين تعليمي سڌارن جا نعرا بي مقصد ۽ بي معنيٰ رهندا.