هڪ خبر مطابق ٻولهاڙي ڪڻڪ گودام مان 64 ڪروڙن کان وڌيڪ ماليت جي ڪڻڪ جون ٻوريون گم ڪري وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اينٽي ڪرپشن طرفان ڪيس داخل ڪري جاچ جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي ۽ اسسٽٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ذيشان حيدر ميمڻ جي فرياد تي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر نويد احمد طاهر، فوڊ انسپيڪٽر الهڏنو ميمڻ ۽ فوڊ سپروائيزر علي رضا بروهي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ فوڊ انسپيڪٽر الهڏنو ميمڻ کي ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حڪم تي اينٽي ڪرپشن طرفان جاچ شروع ڪئي وئي، جنهن مان انڪشاف ٿيو ته ٻولهاڙي ڪڻڪ گودام مان تقريبن 64 ڪرڙو 48 لک 35 هزار رپين جي ماليت جون 64 هزار 4 سئو 83 ڪڻڪ جو ٻوريون غائب ڪيون ويون.
سنڌ ۾ ان قسم جي واردات جو هي ڪو پهريون واقعو ناهي، جنهن تي عوام کي تمام گهڻي حيرت ٿي هجي. اسان سڀني کي خبر آهي ته هنن واقعن جي پٺيان اصل تلخ حقيقت ڪهڙي آهي. هي سڄو نظام کوکلو ٿي چڪو آهي ۽ پنهنجا بنياد وڃائي چڪو آهي. اهو هڪ کليل راز آهي ته سنڌ ۾ ٻين صوبن جي حساب سان وڌيڪ ڪرپشن ٿئي ٿي ۽ ان کي روڪڻ جي لاءِ ڪي به قدم نٿا کنيا وڃن. هتي ادارن ۾ جيڪا ڀرتي ٿئي ٿي انهن ۾ نوڪريون وڪرو ڪيون وڃن ٿيون، جنهن کي قانوني ڪور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ان ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جهڙو ادارو به الزام هيٺ آهي. جڏهن نوڪري ميرٽ تي ملڻ بدران بازاري وکر وانگر وڪامجڻ شروع ٿي وڃي ته پوءِ اها نوڪري ناهي رهندي، پوءِ اها هڪ ڪاروبار بڻجي ويندي آهي ۽ ان جي پٺيان هڪ پورو شيطاني چڪر شروع ٿي ويندو آهي. نوڪري خريد ڪرڻ وارو لکن يا ڪروڙن جي رشوت ڏئي پئسو سيڙائيندو آهي ۽ پوءِ نوڪري ڪنهن اهڙي اداري ۾ حاصل ڪندو آهي جتي هڪ ڪرسيءَ تي ويهي پنهنجي ترجيح مطابق سيڙپ ڪيل رقم کي واپس ڪڍڻ جي لاءِ ننهن ۽ چوٽيءَ جو زور لڳائيندو آهي. هڪ دفعو جڏهن هو پنهنجي لڳايل رقم ڪڍي وٺندو آهي، تيستائين هو ان ڪرپشن جو عادي ٿي ويندو آهي ۽ خدمت جي بجاءِ بار بار ڪرپشن ڪندو رهندو آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ ۾ ادارتي نظام ناڪام ٿي چڪو آهي. اسان کي هن وقت چند ماڻهو ادارن ۾ ايماندار نظر اچن ٿا ۽ اهي ايماندار آفيسر هن نظام ۾ ڪوبه فرق وجهي نٿا سگهن، ڇو ته پورو نظام ڪرپشن جي هٿ ور چڙهيل آهي ۽ انهن ماڻهن جي سبب ئي ٻولهاڙي جهڙا واقعا اسان کي هڪٻئي جي پٺيان ٿيندا نظر اچن ٿا. هن وقت اينٽي ڪرپشن ۽ نيب جهڙا ادارا پنهنجي ڪارڪردگيءَ ۾ مايوس ڪندڙ نظر اچي رهيا آهن. نيب جهڙو ادارو جتي سالن جا سال ڪيس هلن ٿا نتيجو ٻڙي نڪري ٿو. نيب جي اندر پلي بارگين جهڙو تڪراري قانون ان جي ڪارڪردگيءَ تي ڪيترائي سوال اٿاري ٿو. نيب جڏهن ڪنهن به ڪيس ۾ رڪوري ڪري ٿي ته عوام کي ان جو ڪوبه سنئون سڌو فائدو پهچڻ جي بجاءِ پورا انگ اکر به ظاهر نٿا ڪيا وڃن. نيب تي هميشه اهو الزام لڳو آهي ته هي ادارو سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، پر سٺي ڳالهه اها آهي ته هن وقت ٻولهاڙي جي چوري واري معاملي ۾ اينٽي ڪرپشن هن ڪيس ۾ هٿ وڌو آهي، اينٽي ڪرپشن نيب کان وڌيڪ موثر ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن ان ۾ شفافيت سان ڀرتيون ٿين. اصل ۾ اسان جي ادارن ۾ ويٺل سڀئي آفيسر ميرٽ تي ڀرتي ٿيڻ بدران يا ته سياسي اثر تحت ڀرتي ٿين ٿا يا وري رشوت ڏئي نوڪريون حاصل ڪن ٿا. تنهنڪري اهي ڪنهن به ڪيس کي حتمي شڪل تائين پهچائڻ جي قابل نٿا رهن. وري ڳالهه اچي ٿي ته نظام کي سڌارڻ جي، ان لاءِ اوور هالنگ جي ضرورت آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته اها اوور هالنگ ڪير ڪري سگهي ٿو؟ ان جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي.
اسان کي پنهنجي ارد گرد انهن ماڻهو کي نشانو بنائڻ جي ضرورت آهي جيڪي ميرٽ کي پٺيان ڌڪي رشوت ڏئي نوڪريون خريد ڪن ٿا. اسان مان هر ڪنهن کي اهڙن ماڻهن خلاف آواز اٿاري انهن جي نشاندهي ڪرڻ جي ضرورت آهي. سماج جيستائين پنهنجو پاڻ کي تبديل نه ڪندو تيستائين نظام ۾ ازخود تبديلي اچڻ جو امڪان تمام گهٽ آهي. نظام تڏهن تبديل ٿيندا آهن جڏهن عوام جي چوڪسي وڌي ويندي آهي، عوام سوال اٿاريندي آهي ۽ عوام پنهنجن حقن لاءِ رستن تي ٻاهر نڪري ايندو آهي. ٻولهاڙي ۾ جيڪڏهن هيڏي وڏي ڪڻڪ جي چوري جو اسڪينڊل سامهون آيو آهي ته ان جا سنوان سڌا اثر غريب عوام جي مانيءَ تي پوندا. ان کان اڳ به سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي ڪڻڪ جون چوريون ٿي چڪيون آهن. جنهن ۾ سکر ۾ ڪيترائي آفيسر ڪڻڪ جي چوريءَ جي الزام ۾ جيل ويا. رشوت ڏئي نوڪريون وٺڻ وارا يا ڪرپشن ڪرڻ وارا ماڻهو ئي اٽي جي قيمت جي واڌ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا، غريب جي دسترخوان تان سندس ماني چورائين ٿا ۽ غريب جي ٻار جي غذائي کوٽ جو سبب بڻجن ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ غريب عوام کي ذهني اذيت برداشت ڪرڻي پوي ٿي ۽ پوءِ اٽي جي لائينن ۾ بيهي تذليل ڀوڳڻي پوي ٿي. اميد آهي ته هن ڪيس جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪئي ويندي ۽ هن گناهه ۾ جيڪي به ماڻهو شريڪ آهن انهن سڀني کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ ڪو اهڙو نظام جوڙيو ويندو، جنهن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري ٻورين جي ڊجيٽل ٽئگنگ ڪئي ويندي ته جيئن ٻورين جي هڪ هنڌان ٻي جاءِ تي کڄي وڃڻ سان انهن جي ٽريڪنگ ٿي سگهي. چوري کي روڪڻ لاءِ صرف ارادي جي مضبوطي ۽ نيت جي صفائي جي ضرورت آهي جيڪا اسان جي سنڌ حڪومت جي اندر نظر نٿي اچي.