بلاگنئون

سنڌ لسانيات ۽ دفتري ٻولي ڊپلوما ڪورس

ڄامشورو ۽ حيدرآباد جي علمي هوائن ۾ 27 جنوري 2026ع تي هڪ اهڙو سونهري صبح اُڀريو، جنهن سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل لاءِ فڪر، فهم ۽ فخر جو پيغام آندو. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ جي ملاقات رڳو رسمي روبرو نه، پر علمي عزم، ادبي احساس ۽ قومي ذميواريءَ جو زنده مثال بڻجي سامهون آئي. هي ملاقات لفظن جي واعدن کان وڌيڪ عمل جي ابتدا هئي. هن علمي سنگم ۾ “سنڌي لسانيات” ۽ “دفتري سنڌي ٻولي” ۾ ڊپلوما ڪورس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي سائنسي سگھه، سرڪاري ساک ۽ سماجي سڃاڻپ لاءِ هڪ سنجيده، سگهارو ۽ ساراھ جوڳو قدم آهي. هي قدم دراصل ٻوليءَ جي بقا، بڻتر (Structure) ۽ بهبود جو بنياد آهي. سنڌي ٻولي صرف سُرن جي سونهن نه، پر صدين جي سچائي، ساڃاھ ۽ سڃاڻپ جو سرمايو آهي. جڏهن اها ٻولي علمي ادارن جي ايوانن ۾ پڙهائي ويندي، دفترن جي دستاويزن ۾ لکبي ۽ تحقيق جي تحريرن ۾ جهلڪندي، تڏهن ئي اها پنهنجي اصل عظمت سان اُڀرندي.

لسانيات:  “سنڌي لسانيات” جو ڊپلوما ٻوليءَ جي سائنسي سمجهاڻيءَ جو سجاڳ سفر آهي. هتي لفظن جي صورت، آوازن جي ترتيب ۽ جملن جي جوڙجڪ کي علمي انداز سان سمجهايو ويندو. هي ڪورس شاگردن کي صرف پڙهندڙ نه، پر پرک ڪندڙ، سوچيندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ بڻائيندو. لسانيات جي سکيا سان شاگرد ٻوليءَ جي باطني بناوت، معنوي موڙ ۽ تاريخي تبديليءَ کي سمجهي سگهندا. هي علم سنڌيءَ کي رڳو روايت نه، پر تحقيق جو موضوع بڻائيندو. اهڙي طرح هي پروگرام ساڃاھ، سمجھه ۽ سائنسي سوچ جو سرچشمو ثابت ٿيندو.

دفتري ٻولي: ٻئي پاسي “دفتري سنڌي ٻولي” جو ڊپلوما دفترن جي دنيا لاءِ ڏاڍو دور انديش قدم آهي. سرڪاري نظام ۾ صاف، سليس ۽ سڌي ٻوليءَ جي سخت ضرورت هوندي آهي. جڏهن حڪم، هدايتون ۽ خط پنهنجي ٻوليءَ ۾ هوندا، تڏهن عوام کي آساني ٿيندي ۽ ادارن ۾ اثرائتي ڪارڪردگي وڌندي. هي ڪورس شاگردن کي خط و ڪتابت، نوٽنگ، ڊرافٽنگ، ترجمو ۽ ٽائپنگ جي تربيت ڏئي، کين عملي دنيا لاءِ تيار ڪندو. اهڙي سکيا سان دفترن ۾ سنڌيءَ جي سگھه وڌندي ۽ ڌاري ٻولين جي دارومدار ۾ گهٽتائي ايندي. يعني سنڌي ٻولي صرف شاعريءَ جي سونهن نه، پر سرڪاري سگھه به بڻبي.

علمي ادارن جو گڏيل قدم: سنڌ لينگويج اٿارٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو هي گڏيل گام، گڏيل گواهي ۽ گڏيل گهربل قدم، حقيقت ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سنهري سوکڙي آهي. جڏهن ادارا گڏجي ڪم ڪن ٿا، تڏهن نتيجا به نرالا نڪرندا آهن. ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ جي سنجيدگي ۽ ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ جي فراخدلي، سنڌي ٻوليءَ لاءِ فڪر ۽ فخر جو مثال آهن. هنن جي ڪوشش سان سنڌي تعليم، تحقيق ۽ تدريس جي نئين دور ۾ داخل ٿيندي. هي فيصلو صرف نصاب جو اضافو نه، پر قومي سڃاڻپ جو اعلان آهي.

تجنيسي تاثرات: سنڌيءَ جي سجاڳي، سنڌيءَ جي سگھه، سنڌيءَ جي سربلندي؛، لفظن جي وقار، وڻج ۽ واڌاري؛، علم جي روشني، رستي ۽ راهبري؛ ۽ قوم جي بقا، بهبود ۽ برتريءَ لاءِ بنيادي بنياد بڻبو.

نتيجو:  ٻوليءَ جي بقا، قوم جي بقا هوندي آهي. جڏهن ٻولي علمي ادارن ۾ پڙهائي ويندي، جڏهن دفترن ۾ لکي ويندي، جڏهن تحقيق ۾ ڪم آندي ويندي، تڏهن ئي اها زنده رهندي. اسان جي ادارن جو اڄ جو ڪيل ڪم اسان جي مستقبل جي تعمير ڪري رهيو آهي. سنڌي لسانيات ۽ دفتري سنڌي ٻوليءَ جا هي ڊپلوما پروگرام سنڌيءَ جي مستقبل لاءِ مضبوط مورچو ثابت ٿيندا. هي قدم ساراھ جوڳو ۽ سنجيده آهي. اهڙن قدمن سان سنڌي ٻولي نه صرف زنده رهندي، پر زماني سان گڏ اڳتي وڌندي.

ڇو ته جي سنڌ سکندي، ته سنڌ سڌرندي، جي سنڌي وڌندي ته سنڌ وک وک اڳتي وڌندي. سنڌ لينگويج اٿارٽي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي هن سجاڳ ساٿ کي دل جي گهرائيءَ سان داد، دعا ۽ دلي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي.