بلاگنئون

پنجاب ظالم يا مظلوم؟

ڊاڪٽر مبارڪ علي لکي ٿو: “تاريخ کي حڪمرانن سدائين پنهنجن مفادن جي مطابق ترتيب ڏنو آهي. استحصالي طبقو پنهنجا ڏوھ لڪائڻ لاءِ تاريخ کي ان ريت پيش ڪري ٿو ته ظالم ۽ مظلوم جي سڃاڻپ مشڪل ٿي وڃي.”

پنجاب جي تاريخ تي ڳوڙهي نظر وڌي وڃي ته اهو چٽو ٿئي ٿو ته هي پرڳڻو پاڻ به بيٺڪيتن جي ڏاڍ جو شڪار رهيو آهي. برطانوي راڄ جي دوران پنجاب کي هڪ “مارشل ريس” جي طور تي پيش ڪيو ويو آهي، جتان کان وڏي انگ ۾ فوجي ڀرتي ڪيا ويا ۽ برطانوي سلطنت جي مفادن جي لاءِ استعمال ٿيا.

برطانوي تاريخدان “ايان ٽيلبوٽ”  لکي ٿو، “برطانوي حڪمت عملي پنجاب کي هڪ سامراجي مشين ۾ بدلائي ڇڏيو، جتي مقامي رهواسين کي پنهنجي ئي زمين تي استحصالي قوتن جي طور تي بيهاريو ويو.” اها پاليسي نه صرف پنجاب جي عام عوام کي رياستي ڏاڍ جي تحت آندائون بلڪه ننڍي کنڊ جي ٻين قومن ۾ به پنجاب جي خلاف بدگماني پيدا ڪئي ته جيئن اصل استحصالي قوتون پسمنظر ۾ رهي سگهن .

پنجابي عوام کي استحصالي ڍانچي جو حصو بنجڻ تي مجبور ڪيو ويو، پر اهي انهيءَ کان فائدي وٺڻ لاءِ ان جو شڪار ئي رهيا. نصير الدين قريشي پنهنجي تحقيق “Colonial Punjab: Economic and Social Impact” ۾ لکي ٿو ته برطانوي حڪومت پنجاب جي هارين کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهڙو نظام ٺاهيو جنهن ۾ “ٻهراڙي جي پنجابي نوجوانن وٽ يا ته زميندارن جي غلامي ۾ رهڻ يا برطانوي فوج ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو.”

اهي ڀرتيون صرف برطانوي جنگين جي لاءِ نه بلڪه مقامي سطح تي استحصالي قوتن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ به هيون. Denis Kabore’ پنهنجي ڪتاب: The Martial Races Theory and Punjab ۾ لکي ٿو، “برطانوي راڄ پنجابين کي فوجي بڻايو، پر انهن کي ڪنهن به انتظامي يا عملي ترقي جي موقعن کان پري رکيو ته جيئن اهي طاقت جي اصل سرچشمي کان ٻاهر رهن.” اهوئي سبب آهي ته اڄ به پنجابي مزدور عالمي سطح تي محنت جي منڊي ۾ سستي مزدوري تي وڪامجن ٿا. جڏهن ته وسيلن تي قبضو اميرن جو آهي.

پنجابي عوامي مظلوميت صرف جسماني يا معاشي ناهي بلڪه ثقافتي ۽ لساني طور تي به جاري رهي. ” عائشه جلال” لکي ٿي ته”پاڪستان ۾ فوج ۽ بيورو ڪريسي جي طاقت جو مرڪز پنجاب بڻايو ويو، مگر ان جو مطلب اهو نه هو ته عام پنجابي کي ان جو ڪو فائدو رسيو، بلڪه اسٽيبلشمينٽ پنجابي عوام کي به هڪ بيٺڪيتي نظام جو شڪار رکيو.”

پنجابي ٻولي کي اسڪولن کان ڪڍيو ويو،ته جيئن پنجاب جو عوام پنهنجي سڃاڻپ کان ڪٽجي وڃي ۽ هڪ “رياستي قوم” جو حصو بنجڻ تي مجبور ٿئي.”

پنجابي ثقافت کي“ڳوٺاڻو”، “ڄٽ” ۽ “پينڊو” جي لفظن سان دٻايو ويو ته جيئن پنجابي عوام ڪمتري واري احساس ۾ مبتلا رهي ۽ پنهنجي تاريخي سڃاڻپ جي گهر نه ڪري سگهي.

پنجابي ادب،لوڪ ڪهاڻين ۽ شاعري کي نصاب کان هٽائي ڪري اهڙين ٻولين کي مسلط ڪيو ويو جيڪي پنجاب جي اصل ثقافت کي کائي ويون.

ڊاڪٽر مبارڪ علي مطابق، “اها حڪمت عملي نه صرف پنجابي عوام کي ان جي سڃاڻپ کان پري وٺي وئي بلڪه ٻين مظلوم قومن ۾ پنجاب جي خلاف هڪ نفرت انگيز تصور جي لاءِ به پيش ڪئي وئي ته جيئن اصل استحصالي قوتون، فوجي اشرافيه، جاگيردار ۽ بيوروڪريسي پردي پٺيان رهن.”

پنجاب پاڪستان جي سڀ کان وڏي زرعي معيشت آهي، پر ان جي وسيلن تي قبضو ائين ڪيو ويو ته عام پنجابي هاري يا مزدور ان کان فائدو نه وٺي سگهي. مبارڪ علي لکي ٿو، “پنجاب جا وسيلا، هاري ۽ مزدور عالمي سرمائيداري جي چنبي ۾ آهن، پر انهن کي استحصالي طاقت سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته اصل استحصالي طبقو بدستور اقتدار ۾ موجود آهي.”

مٺي پاڻي واري نظام جي اوٽ ۾ هارين کان زمينون کسي جاگيردارن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حوالي ڪيون ويون ته جيئن اهي زراعت کي عالمي منڊي ۾ وڪڻي سرمايو حاصل ڪن.

ڪڻڪ چانور ۽ ٻين زرعي جنسن کي عالمي سطح تي وڪڻڻ جي لاء پنجاب جي هارين کي گهٽ قيمت ڏني وڃي ٿي۔جڏهن ته عالمي منڊين ۾ اهي ساڳيون جنسون ڳرن اگهن تي وڪرو ٿين ٿيون. وڏا ڊيم ٺاهي عام هاري جي زمين کي بنجر ڪيو ويو ۽ پاڻي جي حقن تي قضو رياستي اشرافيه ڪري ڇڏيو. اهي سموريون پاليسيون پنجاب جي عوام کي هڪ پاسي ته ڏاڍ ۾ رکن ٿيون ۽ ٻئي پاسي انهن کي پاڪستان جي ٻين مظلوم پرڳڻن جي خلاف پيش ڪري وڏو “ظالم” بڻائي ڪري ڏيکاريو وڃي ٿو. جڏهن بلوچستان، سنڌ ۽ خيرپختونخواهه ۾ محرومي جا سوال اٿن ٿا ته ان جو ذميوار پنجابي عوام کي سمجهيو وڃي ٿو، حالانڪه اهي پاڻ به انهيءَ ڏاڍ جو شڪار آهن.  پنجابي عوام جي نوجوانن کي روزگار لاءِ يورپ  ۽ وچ ايشيا موڪليو و يو، جتي اهي “سستي” اگھه ۾ مزدور طور تي ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته وسيلن تي اقتداري ڌرين جو آهي.

ڊاڪٽر احمد حسين پنهنجي ڪتاب: “Colonial Punjab and Post-Colonial Reality” ۾ لکي ٿو، “برطانوي حڪت عملي پنجاب ۾ هڪ اهڙو طبقو پيدا ڪيو جيڪو نه ته اصل ۾ حاڪم هو ۽ نه مڪمل محڪوم هو، بلڪه اهو صرف بيٺڪيتي ڏاڍ کي هلائڻ جو هڪ اوزار هو.” اهوئي سبب آهي ته پنجابي کي طاقتور سڏي ان جي عام عوام کي محرومي کان لڪايو ويو ته جيئن اصل طاقتون اسٽيبلشمينٽ ۽ سرمائيدار طبقو بچي وڃي.

ان ريت پنجاب جي مزدور ۽ روزگار واري ڌنڌي واري جي حيثيت هڪ اهڙي مخصمي ۾ آهي، جتي هو هڪ ئي وقت رياستي مشينري جو فعال جز به  آهن ۽ انهيءَ نظام جي استحصال جو شڪار به اهو طبقو آهي، جيڪو ڏهاڙي وارن مزدورن، فيڪٽري ورڪرن، سرڪاري ملازمن ۽ نجي ادارن جي ڪارڪنن تي مشتمل آهي. هڪ اهڙي استحصالي ڍانچي ۾ ڦاٿل آهي، جتي ان جي محنت کان  رياست ۽ سرمائيداراڻو نظام ته فائدو وٺن ٿا، پر انهن جي پنهنجي زندگي ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندي وڃي ٿي.

ڊاڪٽراحسان ملڪ پنهنجي تحقيق  “Punjab Under Colonial Rule”  ۾ لکي ٿو، “برطانوي راڄ پنجابي مزدور ۽ ڪلارڪ طبقي کي رياستي ڍانچي ۾ ان ريت شامل ڪيو ته اهي ان کي پنهنجو اهم حصو محسوس ڪن، پر انهن کي اختيار يا طاقت ڪڏهن حاصل نه ٿئي. اهوئي ماڊل بعد ۾ بيٺڪيتي رياست ۾ به برقرار رهيو.”

اها حقيقت نظرانداز نٿي ڪري سگهجي ته پنجابي عوام پاڻ به هڪ استحصالي ڍانچي جو حصو بنجڻ جي بجاءِ ان جو شڪار آهي. رياستي مشينري ۽ پنجاب جي وسيلن تي هڪ هٽي قائم ڪري انهن کي عالمي منڊي جو پوئلڳ ڪري ڇڏيو، جتي هاري، مزدور ۽ محنت ڪش طبقو صرف ڪچو مال پيدا ڪرڻ وارو بڻجي رهجي ويو. اصل چئلينج اهو آهي ته پنجابي عوام ۽ ٻيون مظلوم قوميتون ان حقيقت کي سمجهي ٻڌي قائم ڪري سگهن ٿيون ته جيئن استحصالي قوتن کي ننگو ڪري سگهجي؟ يا پوءِ انهيءَ سامراجي سوچ جو شڪار رهندڙ جيڪو هڪ کي ظالم ۽ ٻئي کي مظلوم بڻائي اصل قابض قوتن کي پردي جي پٺيان رکي ٿو؟ ان کي وائکو ڪجي. جيستائين سڀ مظلوم طبقا ۽ قوميتون ان جبر جي نظام کي بحيثيت هڪ استحصالي ڍانچي طور نٿيون سڃاڻن، تيستائين نفرت ۽ ورهاست جو فائدو صرف انهن ئي قوتن کي ٿيندو، جيڪي پردي جي پٺيان رهي سڀني جو استحصال ڪري رهيون آهن.