محبت هڪ اهڙو احساس آهي جنهن جي تاثير ڏاڍي مٺي لڳندي آهي، محبت اهو لفظ آهي جنهن جو ڪو مثال ئي نٿو ملي. هن لفظ سان پيار پنهنجائپ ۽ خلوص جو اهڃاڻ ذهن تي اڀري ايندو آهي، محبت رڳو هڪ لفظ نه، پر هڪ خوبصورت احساس آهي. محبت جا رشتا هجن يا محبت جون ڳالهيون، محبت ڏيڻ هجي يا محبت وٺڻ هجي، اها ڪنهن خوبصورت رنگين احساس جو نالو آهي، لفظ محبت به پنهنجي اندر هڪ خاص احساس رکي ٿو جنهن کي ٻڌي سڪون ملي ٿو. محبت جي ڀيٽ ۾ نفرت جو لفظ وري هڪ چڙ ڏياريندڙ ۽ احساسن کي مجروح ڪندڙ لفظ آهي، محبت جي وچ ۾ جڏهن نفرت اچي ٿي وڃي ته اها محبتن جي سمورن محلن کي ساڙي خاڪ جو ڍير بڻائي ڇڏيندي آهي. نفرت نه رڳو انساني تباهي جو ڪارڻ بڻجي ٿي، پر پکي پکڻ قدرتي سونهن ۽ فطرت کي به ساڙي ناس ڪرڻ ۾ دير ناهي ڪندي. تنهنڪري اسان کي هر حال ۾ محبتن کي پنهنجي هٿان وڃائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهي محبتون ئي ته هونديون آهن جيڪي ميل ملاقاتن جو وڏو بهانو آهن، جيڪي پنهنجائپ جي مٺاس سان ڀريل هونديون آهن. جيڪو مزو محبتن ۾ هوندو آهي اهو نفرتن ۽ ڌڪار ۾ ناهي هوندو. دنيا جي هر آسائش ۽ قربت جو پهريون ڏاڪو محبت جي مٽيءَ سان جڙيل هوندو آهي ۽ محبت به اها، جيڪا بنا لالچ هجي، بنا لوڀ ۽ بي لوث هجي. يقينن انسان پکي پکڻ جيت جانور محبت جي سڳي ۾ جڙجي دنيا جي هر ڏکي ۽ اوچي ديوار پار ڪري سگهن ٿا، ائين ئي محبتون انسانن ۽ ٻين جاندارن جي جيئدان جو سهارو پڻ بڻجنديون رهن ٿيون. محبتن جي ڏيھه ۾ جيڪڏهن ڪو ڪنهن مجبوري تحت وڇڙي وڃي ٿو ته اها محبت ڪڏهن به مرندي ناهي، بلڪه اها هڪ عجيب سڪ جو سبب بڻجي اميد جا ڏيئا ٻاري آس وند اکين سان پنهنجي محبت ڪندڙ جون راهون ڏسندي رهندي آهي. ان بي لوث محبت جو ئي ڪمال هوندو آهي جو سالن جا سال هڪ ٻئي کان پري رهندڙ به جڏهن ملندا آهن ته ڏسڻ سان ئي سڀ ٿڪ لھڻ سان گڏ انسان جون اهي آس وند اکيون به دل جي تھه خاني ۾ ميلاپ جي روشني محسوس ڪندي خوشيءَ جا لڙڪ لاڙي ڳلن جي چوڌاري چميون ضرور ڏينديون آهن.