بلاگنئون

اچو ته ظلم جي تشريح ڪريون

انساني سماج محبت، رحم ۽ احترام جي اصولن تي قائم آهي. جڏهن ڪو انسان پنهنجي طاقت، اختيار يا حيثيت جو ناجائز استعمال ڪندي ڪنهن ٻئي انسان سان ظلم ڪري ٿو، ان جو جيئڻ ڏکيو بڻائي ٿو، تڏهن اهو عمل رڳو هڪ فرد سان زيادتي نه، پر پوري انسانيت جي توهين هوندو آهي. تاريخ ۽ تجربي ثابت ڪيو آهي ته انسانيت سان ظلم جو انجام هميشه دردناڪ رهيو آهي. ظلم ڪندڙ ماڻهو عارضي طور پاڻ کي طاقتور سمجهن ٿا، پر سندن ضمير کين ڪڏهن به سڪون سان رهڻ نٿو ڏئي. سندن زندگي بيچيني، خوف ۽ اڪيلائي جو شڪار ٿي وڃي ٿي، جيڪو ٻين جي خوشين کي برباد ڪري ٿو، اهو پاڻ به سچي خوشي کان محروم رهي ٿو. قدرت جو نظام اهڙو آهي، جتي هر عمل جو بدلو ضرور ملي ٿو.

اسلام به انسانيت سان حسن سلوڪ جو درس ڏئي ٿو. حضرت محمد ﷺ جن فرمايو ته بهترين انسان اهو آهي، جيڪو ٻين لاءِ فائديمند هجي. هن تعليم مان واضح آهي ته انسانيت جي خدمت ئي اصل عظمت آهي، جڏهن ته ظلم انسان کي اخلاقي طور تباهه ڪري ڇڏي ٿو. سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي به پنهنجي شاعريءَ ۾ محبت، صبر ۽ انسان دوستي جو پيغام ڏنو. هن ظلم کي انسان جي زوال جو سبب قرار ڏنو ۽ محبت کي ڪاميابي جو رستو ٻڌايو. اڄ اسان جي معاشري ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي عملن تي نظرثاني ڪريون. اسان کي گهرجي ته ڪنهن جي دل نه ڏکويون، ڪنهن جو حق نه کسيون ۽ ڪنهن جي زندگيءَ کي عذاب نه بڻايون. ڇو ته جيڪو ٻين لاءِ آسانيون پيدا ڪري ٿو، ان لاءِ قدرت آسانيون پيدا ڪري ٿي. هن دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي تڏهن اچي سگهي ٿي جڏهن اسان مان هر ماڻهو پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري هڪ مهذب انسان ۾ تبديل ڪندو ۽ اهڙي زندگي گذارڻ لاءِ پنهنجي تربيت ڪندو جيڪا هو چاهي ٿو ته کيس ۽ سندس خاندان جي لاءِ هجڻ گهرجي. جنهن سان هو زندگيءَ ۾ سڪون سان رهي سگهي. انهن اصولن تي عمل ڪندي هو ٻين جي لاءِ به اهو سڀ ڪجهه چاهيندو جيڪو هو پنهنجي ۽ پنهنجي خاندانن وارن لاءِ چاهي ٿو. ٻين جو حق ڦرڻ، ٻين تي ظلم ڪرڻ، پنهنجي ذميدارين کان منهن موڙڻ ۽ سماج ۾ اهڙيون سرگرميون ڪرڻ جنهن سان انسان کي فائدو پهچڻ جي بجاءِ نقصان پهچي اهي سڀئي عمل ظلم جي دائري ۾ اچن ٿا. ظلم صرف اهو ناهي ته ڪنهن کي جسماني يا روحاني تڪليف ڏني وڃي يا ڪنهن جو قتل ڪيو وڃي، بلڪه ڪو اهڙو عمل جيڪو سماج ۾ بيچيني پيدا ڪري ۽ سماج ۾ بگاڙ پيدا ڪري اهو ظلم آهي.

اسان مان هر ماڻهو کي ان ڳالهه تي يقين هئڻ گهرجي ته ظلم جو انجام هميشه دردناڪ هوندو آهي. تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته انصاف، محبت، همدردي، رواداري ۽ ايمانداريءَ جو رستو اختيار ڪريون، ڇو ته اهي ئي اهڙا قدر آهن جن ۾ انسانيت جي بقا ۽ ڪاميابي لڪل آهي.