بلاگنئون

ٿر جو آخري انقلابي محمد حسن پسايو

اھو چنگ چارڻ امانت اٿئي

متان سر بنا ڪرين ڪي صدائون.

آئون ھن جي باري ۾ ھڪڙو لفظ چوان ته ناراض نه ٿجو “ٿر جو آخري انقلابي” سچ ته ھن کي اپوزيشن ۾ ئي مزو ايندو ھو. ٿر جي صحافتي يا عوامي سياست  جي تاريخ ھن  جي ذڪر کانسواءِ اڌوري ۽ اڻ پوري آهي. هي اهي انسان هئا جن جو ڪردار شروعاتي سالن ۾ اسان  کي سامهون ته گهٽ نظر اچي ٿو يا سندس زندگي جا پڇاڙڪا سال جيڪي عوامي تحريڪ سان گذاريائين، پر سندس ڪردار ان کان گهڻو اڳ تڏهن کان هو جڏهن هو جهرن جهنگن ۾ ڪنڊيڪٽر هجي يا ڳوٺ ۾ ڪو عام ڳوٺاڻو بنجي گهمندو هجي، پر هو هر ظلم خلاف ڳوٺن ۾ عام ماڻهن کي جدوجهد تي آماده ڪري ٿو. انهن کي درخواستون لکي ڏئي ٿو علائقي ۾ ٿيندڙ ظلم خلاف ماڻهن سان گڏ بيهي ٿو، ھي ٿر ۾ھڪ نئون  منظر آھي جو ھڪ پورھيت طبقي جو فرد اسٽيٽسڪو کي چئلينج ڪري ٿو پيو. تڏھن ٿر جو منظر هن طرح جو هو ته ماڻھن کي گونگو ڪري زبان کسي وئي هئي. مجال ڪو ماڻھو زبان کولي سگھي، تڏھن حالت اھڙي هوندي هئي جو روينيو  جو تپيدار، پوليس جو سپاهي علائقي جا طاقتور ماڻهو هئا جنهن کان مرضي پئسا وٺن يا ڪيس داخل ڪن، ٻڪريون، ڇيلا، ڪڪڙ وٺن يا کرڙ، شال، کٿو کڻن بارڊر تي وري رينجرس جنهن کي ايس پي آر چوندا هئا روز ڪنهن نه ڪنهن  کي صبح شام پادر هڻندي هئي ته سندن  رعب قائم رهي.

پوليس ماڻهن کان پئسا، مال رڍ، ٻڪري ڦري ويندي هئي، پٽيل جي مرضي جيئن ڪري سندس رسائي سردارن ۽ قانون تائين هئي ان وقت حسن درخواستون لکي ڏيئڻ ماڻهن کي راغب ڪري ٿاڻن يا روينيو ۾ ڪيس ڪرائڻ ۾ گڏ بيهندو هو. هي اهڙي ٿر جو منظر آهي جڏهن پريس ته وڏي ڳالھه، پر نه فون نه ڪو خط، پر تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ ڪا پوسٽ آفيس به نه آهي. ضلع هيڊڪوراٽر به سوين ميل پري ميرپورخاص آهي، جتي ئي ڪا ڪورٽ يا ڊي سي ويٺل آهي. مٺي ۾ اي سي آهي سو به جي موڪل تي ويو ته مهينو ڇٽو، پر عوامي ماڻهو حسن نه صرف آفيسن، پر خطن ذريعي اخبارن ۾ خبرون موڪلڻ، خط لکڻ، درخواستون ڏيڻ سميت هر مدد ڪندو هو ماڻهن کي مسئلن جي حل بابت سجاڳ ڪندو هو. آئون مرحوم محمد حسن پسائي جي يادگيريون لکڻ لاءِ جڏهن پنهنجي ذهن کي ڦلهوريان ٿو ته هڪ سفيد وکريل وارن وارو، ميندي لڳل ڏاڙهي، هر وقت مرڪي ملندڙ شخص پهرين ٿورو تيز، پر وري آهستي ڳالهائيندڙ شخص نظر اچي ٿو جيڪو آهي ته ڪنڊيڪٽر، پر سندس هٿ ۾ ڪتاب ۽ اخبارون آهن. ڇڪڙي مان لهي ٿو ته ڪيترا ماڻهو کيس ويڙهي وڃن ٿا. ساڻس گڏ چار ڄڻا گڏ ڪي ٽٽل ميرن سراٽيل  ڪپڙن وارا، ڪي وکريل وارن وارا ڪيئي ٿريا ساڻس گڏ آهن. ڪٿي  سندس راڄ جي گرفتار ماڻهن جي ڪيسن تي ڳالهائي ٿو. ڪڏهن مختيارڪار آفيس ۾ ته وري ڪڏهن اخبارن واري ڪيبن واري وٽ اچي ان کان اخبارون پيو کڻي،  اخبارن ۾ ڏيپلي جي لڳل خبر کي ٽڪ مارڪ پيو ڪري. ٻي منظر ۾  مون کي ايم آر ڊي تحريڪ جي اجلاس جو منظر نظر ٿو اچي. ڏيپلي ۾ لوهارن جي گهرن ڀرسان سڄڻ پسائي جي جڳھه آهي، اتي اجلاس جي صدارت عوامي شاعر غلام محمد راهو ڪري پيو. فرشي نشت تي محمد حسن پسايو، عبدالرحمان لنڊ، پھلاج پروانو، غلام محمد راھو، مصري جمعاڻي , عبدالرحمان لنڊ ۽ ٻيا ويٺل آهن ساڳي جاء تي وري فاضل راهو جي قتل واري  واقعي تي تعزيتي اجلاس به هلي پيو. وري هڪ ٻيو منظر آهي حاجي غلام محمد لاٽ ننگرپارڪر جي صوبائي سيٽ تان ڪامياب ٿي پنهنجي اباڻي شهر ڏيپلي آيو آهي، سندس شاندار استقبال جو منظر آهي. حاجي غلام محمد لاٽ جي ڪاميابي جي ريلي ننگرپارڪر کان ڏيپلي پهتي آهي. ھڪ منظر آهي جڏهن هو مون سان ڏيپلي ۾ اچي مليو هو ته اسان جون اخبارون ڏيپلي ۾ هلايو ان وقت سوٽ اسد ڪاوش ۽ آئون سنڌ، عوامي آواز ۽ برسات اخبارون ڏيپلي ۾ نيوز پيپر ايجنسي طور هلائيندا هئاسين. ان وقت اسان سان  باضابطا ڪچهري ڪيائين، پوءِ ته اهو سلسلو سندس آخري گهڙين تائين رهيو. خانداني تعلق ۽ جماعتي هئڻ سان ڪري هو جلدئي اسان کي آماده ڪري ويو ته سندس  اخبارون ۽ رسالا هلائجن. اخبارن وڪرو ڪرڻ جي ڳالھه ڪجي ته حسن سميت اسان مان اڪثر نيوز پيپر  ايجنٽ  ان ۾ نقصان کائي قرضي ٿياسين. مرحوم حسن به اخبارن جي نيوزپيپر ايجنسي هلائڻ ۾ نقصان کاڌو، ڪيترائي سنگتي پئسا کائي ويا، ڪامريڊن سان اهو مسئلو هوندو آهي ته هڪ ته هو سٺا واپاري نه هوندا آهن. ڪنهن کان پئسا وٺي نه سگهندا آهن، اڪثر ڪامريڊ مفت جي اخبار ۽ رسالو کڻي ويندا هاڻ ڪير وڙهي، سو مرحوم سدائين ان ٽوٽ واري ڪاروبار ۾ لڳو رهيو . سندس مقصد صرف اهو هو ته ميڊيا جي پهچ عوام تائين هجي ۽ عوام جي پهچ به ميڊيا تائين هجي. ان ۾  جيڪڏهن مالي نقصان ٿئي ٿو ته ڪو هرج ناهي. اسان جو مقابلو گڙنگ واپارين سان هو، پر انهن جا به ڇڪا ڇڏائي ڏنا هئا. حسن بعد انهن واپارين کي ڪو مڙس گڏيو ئي ناهي. الک اخبار آئي ته هڪ ٿرٿلو مچي ويو گهٽ رقم ۽ جلدي پهچ ٿر جون خبرون هجن مٿان وري ضلعي جو رپورٽر حسن مرحوم هجي پوءِ ڪيئن ٿا ڀانيو؟ اصل پٽيلن وڏيرن آفيسرن کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيائين. سندس هڪ خبر ياد ٿي اچي سندس لکڻ جو انداز واهه جو هو. گڏ ويٺا هجون ڪچهري ڪندي اخبار جي خبر لکي رهيو هو، خبر ۾ هو روايتي طريقي بدران سنڌي پهاڪا ۽ لوڪ اصطلاحون استعمال ڪندو هو. زڪوات ۽ عشر کاتي ۾ سياسي اڳواڻن جي ويجهن وڏيرن، سردارن ۽ پٽيلن کي چيئرمين بڻائي پئسا ڪڍائي کائي وڃڻ تي لکي ٿو.

چم جي واڙ ۽ ڪتا واهي

ٿر جي پٽيل زڪوات چيئرمين ۽ آفيسرن مستحقين جا پئسا ڪڍائي کائي ويا. ٻي  ڏينھن اخبار ۾ ساڳي هيڊنگ سان خبر آئي ته ٿرٿلو ۽ ٽهڪ هجن، چيئرمن جا منهن ڀيلا ٿي ويا. ان دور ۾ عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ محاذ ۾ سرد جنگ هلندي هئي. منهنجو نظرياتي تعلق  عبدالواحد آريسر واري گروپ سان ٿيو ته جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جوائن ڪئي. مرحوم حسن وري عوامي تحريڪ جو اڳواڻ هجي، پارٽي پاليسي يا اختلاف هجن مٿان وري مرحوم عاشق جوڻيجو جو قتل سنڌ جي قومپرست سياست ۾ هڪ ڏکوئيندڙ واقعو هو ته ان سان گڏ جساف کي دفاعي پوزيشن ۾ اچڻو پيو. اخبارن  رسالن ۾ ڏي جواب وٺ جواب جو سلسلو شروع ٿيو. پارٽي  جي حڪم تي سڀني ليکڪن ۽ صحافين کي حڪم ٿيو ته جواب لکو منهنجا ڪجھه خط نما مضمون منصور جوڻيجو جي نالي سان شايع ٿيا، پر مٺي ۾ اسين عوامي اتحاد ۾ گڏ آهيون. مرحوم حسن سڀ ڪجھه خبر هوندي به ان معاملي ته مخالفت ۾ به احترام وارو رويو رکندو هو، کيس خبر هئي ته هي جوابي مضمون ڪير پيو لکي، هن شخص جي سهپ ۽ سياست جو انداز ڏسو اسان جي سموري عمر ۽ ڪامريڊ حسن جو تجربو، پر نوجوان سان نوجوان هوندو هو. ٿر عوامي اتحاد جو تجربو شاندار رهيو. ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هن کان  اڳ تعلق تنظيم کان ٻاهر جو هو ڪنهن به اڳواڻ جي ڪم ۽ ڪردار جي پرک  وٺڻي هجي ته ان جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪريو. سندس سهپ ۽ سچائي ڏسو. ٿر عوامي اتحاد بنيادي طور تي مختلف تنظيمن جو گڏيل اتحاد هو جنهن ۾ عوامي تحريڪ، جسقم، ترقي پسند پارٽي، مسلم ليگ نواز،  پيپلز پارٽي،  لنڊ ويلفيئر تنظيم،  وينجهار سماجي تنظيم مطلب سڀ ارباب مخالف گڏ ڪري انهن کي هڪ ئي ايجنڊا تي ميڙي مٺ ڪرڻ جو ڏان حسن کي هو. پانڌي چوهاڻ نالي اسلام ڪوٽ جي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ جو ڌنار  پوليس فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ڪيس وري وارثن تي ٿيو. پوري تر ۾ موت جهڙي خاموشي هجي سڀ چپ ڌڻي ڊنل آهن سياسي ڌريون ارباب گروپ پوليس جي سپورٽ ۾ آهن، پر حسن  ڪٿي ٿو خاموش رهي. اخبارن ۾ خبرون هر تعلقي هيڊڪوراٽر  ۾ احتجاج، صبح سوير سڀ ساٿي تعلقي هيڊڪوارٽر پهچندا. اتي سمورن سان  رابطو ڪيو ويندو ته ماڻهو گڏ ڪريو اڄ پريس ڪلب تي احتجاج آهي. پوليس جي ڪوشش هوندي هئي ته احتجاج کان اڳ ۾ ئي اڳواڻ کڻي وڃي واڙي ڇڏيون ته گڏ ٿيل پاڻهي ڇڙوڇڙ ٿي ويندا، پر حسن جي پلاننگ موجب اعلان موجب پريس ڪلب بدران  اوچتو ڪنهن اسٽاپ  وٽان يا آفيس کان ئي شروع ڪري نعرا هڻندا جلدي پريس ڪلب ڏي وڌندا هئا، پر ان کان اڳ جتي گهڻا ماڻهو ڏسندو اتي تقريرن جو اشارو ڪندو. نئون ڪوٽ ۾ ائين  ڪيائين  جمشيد ٻٻر  نالي نوجوان کي پوليس گم ڪيو، ان تي به احتجاج ٿيو. سياسي انتقامي ڪاررواين، بدلين، ترقياتي ڪمن ۾ پنهنجا نوازڻ تي عوامي اتحاد جو ڪردار تاريخ جو حصو آهي. ڏيپلي ۾ احتجاج کان پوءِ منھنجي وڏي ڀاءُ ذوالفقار جوڻيجي ۽ ڪامريڊ فاروق مريداڻي کي گرفتار ڪيو ويو ھو. باقي قيادت ريلي ڪڍي رواني ٿي ويئي ھئي. سندس  والد چاچو عبدالمطلب پسايو ٿر جي انهن چند ماڻهن سان گڏ رهيو جيڪي ٿر ۾ ارباب مخالف رهيا جن ۾ مولوي عبدالرحيم لنڊ، مولوي جان محمد مورو ريگستاني، غلام  محمد راهو، صديق  گجو، محمد خان لنڊ، عيسي راهمون  سميت ڪيترائي ڪارڪن ۽ اڳواڻ لاٽ گروپ جو حصو هئڻ ڪري عتاب جو شڪار هئا. انهي ڪري سندن ڪٽنب به عتاب هيٺ هوندا هئا. محمد حسن پسايو پڻ ننڍي هوندي کان پنهجي پيءُ جي نقش قدم تي هلندي ظلم جي خلاف آواز اٿاريندو هو. محمد حسن پسايو ٿر جي مخصوص سياسي صورتحال کي سامهون رکندي ارباب مخالف سياسي شخصيت غلام محمد لاٽ سان گڏ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. لاٽ صاحب هڪ اليڪشن ۾ اربابن سان ٺاهه ڪيو. محمد حسن سميت  سڀني پراڻن ساٿين  انهي ڳالھه تان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. محمد حسن ڪجھه عرصي لاءِ لاٽ صاحب کي ڇڏي واپس اچي ٿر جي ڪيڪڙن تي ڪنڊيڪٽر ٿيو، پر لاٽ صاحب وري پرچائي واپس وٺي ويس. محمد حسن  پسايي ۾ جيتري سهپ ۽ سادگي هئي اوتري ئي وري اڻ ٿڪ جدوجهد جو جنون به هو. پاڻ کاهوڙي ڪردار هو، جنهن اورچائي ۽ سياسي سجاڳي جي سفر ۾ ڪيتريون تڪليفون برداشت ڪيون جن ۾ ڪيترائي ڪيس ۽ حملا برداشت ڪيا. هو پوري زندگي متحرڪ رهيو. محمد حسن روزانو جاڳو، هلال پاڪستان،  همدرد، سنڌ ٽائمز، روزاني الک ۽ عوامي آواز سان سلهاڙيل رهيو. محمد حسن پسايو عوامي تحريڪ جو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪم ۽ ڪردار جو شاهد هو. ان ڪري جئين ئي پيپلزپارٽي يا حاجي غلام محمد لاٽ وٽان نڪرندو هو ته عوامي تحريڪ ئي سندس فڪر ۽ جدوجهد جو آخري وٿاڻ ثابت ٿي. هو پنهنجي سوچ، عمل ۽ ڪردار ۾  مڪمل عوامي ماڻهو هو. ان ڪري کيس نظرياتي ٿانڪ محسوس ٿي. پورهيتن مزدون جي دردن جي ڳالھه ڪرڻ سندس زندگي جو مشن بنجي ويو .

محمد حسن جو مزاحمتي ڪردار ۽ انقلابي واٽ غريب ٿرين جي سجاڳي جي ڪم سندس وڇوڙي تائين جاري رھي. ٿر ۾ ھن وقت صحافين جا گروپ ھڪ ٻئي کي قاضي، حاجي يا استاد جا لقب پيا ڏين، پر آئون صرف استاد حسن کي ئي چوندس. باقي استاد ته سنڌي جي اصطلاحي معنيٰ موجب صرف چالاڪ سڏي سگھجن ٿا. “مزاحمت منھنجي رت ۾ شامل آھي” استاد حسن چوندو ھو. ھي آخري انقلابي جنھن جي پلئه ۾ صرف غربت ئي رھي. ھن ايمانداري ۽ آجپي جي تاريخ ٺاھيندي ھڪڙي ڏينھن سرڪاري اسپتال جي بيڊ تي پساهه پورا ڪيا. ھو پوري زندگي ۾ عوامي ماڻھو رھيو ۽ سندس موت به عوامي ٿيو  ۽ اتساھ جي علامت بڻجي ھميشه باقي آھي.