فائينينشل ٽائمز لکيو آهي ته ايران تي مڙهيل جنگ آمريڪا لاءِ معاشي آپگهات ثابت ٿي سگهي ٿي. عرب ملڪن پاران ٽرمپ کي خط لکيا ويا آهن ته اهي توانائي پيداوار بند ڪري ڇڏيندا جن جو سڌو نقصان آمريڪي اتحادين يعني يورپ کي وڌيڪ ٿيندو. عرب ملڪن آمريڪا ۾ سيڙپڪاري گهٽ ڪرڻ جو اشارو پڻ ڏنو آهي. هوڏانهن واشنگٽن ۾ ٿنڪ ٽينڪ آمريڪي حڪومت کي آگاھ ڪري چڪي آهي ته جنگ آمريڪا لاءِ نتيجو ڏيندڙ ثابت نه ٿيندي. آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن صدر وائيٽ هائوس ۾ مذهبي پيشوا گهرائي دعا ڪرائي. آمريڪا سميت سڄي دنيا جو عوام جنگ جون لعنتون آمريڪا تي وجهي رهيو آهي. آمريڪي ڪانگريس به سخت مخالفت ڪئي آهي ته آمريڪا اسرائيل جي جنگ پنهنجي ڳچي ۾ وڌي آهي. آمريڪا کي ايران مان ڪو فوري خطرو نه هو جو جنگ جو ڪو جواز ٺهي سگهي. آمريڪا ايران اندر زميني فوج لاهڻ جو امڪان به رد ڪيو آهي. جنگ ۾ زميني نقصان ايران کي وڌيڪ ٿيو آهي، پر معاشي طور آمريڪا ۽ سندس اتحادي بيحد پريشان آهن. عرب ملڪن جو ايران ڏانهن لاڙو سامهون آيو آهي ۽ پنهنجي ڌرتي ايران خلاف استعمال نه ٿيڻ جا بيان اچي رهيا آهن. آبنائي هرمز جو بند رهڻ عرب ملڪن جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏيندو. اها جنگ بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿئي ٿي ته دنيا هميشه لاءِ تبديل ٿي ويندي ۽ آمريڪا وڏو گرائونڊ وڃائي ويهندو، ايران مضبوط ٿيندو. هن وقت تائين روس ۽ چين جو کلي سامهون نه اچڻ آمريڪا کي اها اميد ڏيندو رهي ٿو ته ايران ۾ رجيم چينج ممڪن آهي. بهرحال تجزيه آمريڪا جي حق ۾ نه آهن پر اڃان تائين ڪجهھ اهڙو پڙهڻ لاءِ نه پيو ملي ته اسرائيل هن جنگ کانپوءِ خطي ۾ ڪٿي بيٺل هوندو، جيڪي سمجهن ٿا ته عرب ملڪ گڏجي ايران تي حملو ڪري تباهه ڪندا اها سندن ڀل آهي. ڇوته ايران سڀني ملڪن کي جهڙي طرح جواب ڏيئي رهيو آهي ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪيترو طاقتور آهي. هن وقت تائين ڇا ايران ۾ دوائن جي کوٽ ٿي آهي؟ ڇا ايران ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي آهي؟ ڇا ايران ۾ کاڌي پيتي جي سامان جي کوٽ ٿي آهي؟ ڇا ايران جا ميزائل ختم ٿي رهيا آهن؟ انهن سوالن جي جواب لاءِ هڪ هڪ الڳ مضمون گهرجي.