ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ٻليءَ جو ٻچڙو

جنوري جو مھينو شديد ٿڌي ۽ اونداهي رات، اتر جي تيز گھلندڙ ھوا، سنسان رستو، روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڪچڙو ۽ سائو ڪڻڪ جو پوکيل فصل ائين اتر جي ھوا ۾ جھومي رھيو ھو جيئن ھڪ قوالي جو شوقين قوالي ٻڌڻ وقت ڪنڌ پيو لوڏيندو آھي. روڊ جي ھڪ پاسي اسٽينڊ تي پاسيري بيٺل ھن جي موٽرسائيڪل ۽ چند قدم اڳيان رت سان رڱيل سندس جسم. ھن جي حالت مان معلوم ٿئي ٿو ھن جي بچڻ جو ڪوبه آسرو نه آھي. ھن جي دماغ ۽ جسم مان وھندڙ رت روڊ تي ڦهلجندي وڃي ٿي. رت جي نڪرڻ ڪري سندس جسم بي ساھو ٿي رھيو آھي، ھن ۾ اٿي ويھڻ جي به سگھه نه آھي ۽ نه ئي ھن جي مدد لاءِ ڪو بني بشر موجود آھي. ھو پنهنجا آخري پساھ کڻي رھيو آھي.

ھو اھڙي حالت ۾ به سامھون ٿڌ ۾ ڪنبدڙ ٻلي جي ٻچڙي ڏانهن ڏسي رھيو آھي، ھن جي دل ۾ خيال اچي ٿو ڪاش! ايتري مھلت ملي ھا جو ھن ٻچڙي جي مدد ڪري سگھان ھا، ھوڏانھن ٻلي جو ٻچڙو به ھن ڏانهن نماڻين اکين سان نھاري رھيو آھي ۽ شايد خيال ڪري رھيو آھي ته ھو ھن جي مدد لاءِ ضرور ايندو، پر ھن کي يقين ٿي چڪو آھي ته ھو ھاڻ نه بچي سگهندو، ھن ڪلمو پڙهي اکيون ٻوٽيون. ھن جي اکين مان ڳوڙها وھي رھيا آھن، جيڪي اکين مان نڪري لوندڙين کان ٿيندا ڪنن کي چمندا اچي روڊ تي سندس ئي رت سان ملندا وڃن ٿا.

اکيون بند ھوندي به سندس ماءُ جو چھرو ھن جي تصور ۾ اچي ٿو، سندس ماءُ جي اکين ۾ ھن لاءِ انتظار آھي، ھن کي خيال آيو ته اڄ ھن جي ماءُ ھن کي پيار نه ڏيکاريندي سندس سيٺ کي گار ڏئي اھو به چئي نه سگهندي تہ، “سيٺ ته پاڻ ننڌڻڪو آھي نه رن ٿس نه رلھي ٿس، پر توھان ملازمن جو ته خيال ڪري، ايڏي ٿڌ ھوندي به ملازمن کان اڌ رات تائين ڪم وٺڻ ڪو سٺو سنوڻ چئبو.”

ھن جي گھر پھچڻ تي سندس ماءُ ھر روز ساڳيا ئي لفظ ورجائيندي ھئي. سندس ماءُ انتظار ڪندي پنهنجي بستري ۾ ويھي تسبيح پڙهندي ھئي، جڏھن ھو دير سان واپس گهر موٽندو ھو ته خدا جو شڪر ادا ڪري تسبيح سيراندي کان رکي پوءِ آرام ڪندي ھئي. ھو اڄ پنهنجي نئين پرڻيل وني کي به ڏسي نه سگھندو جيڪا ھن سان ناز نخرا ڪندي ھئي. ھن جي دير سان اچڻ جي ڪري ھن سان رسامي جو ماڻو ڪندي ھئي ۽ ھو ھن کي زور سان ڀاڪرن ۾ ڀري ڳٽي تي ھڪ مٺي ڏيندو ھو ته ھؤ ٻھڪي پوندي ھئي ۽ پرچي پوندي ھئي.

اڄ ساڳيو معمول نه ھلندو، اڄ کان اھو معمول بدلجي ويندو، اڄ ھو پاڻ ھلي گهر نه ويندو، پر ڪلھن تي کڻجي گهر ويندو، گهر ۾ ڪھرام مچي ويندو، سندس ماءُ ۽ زال ھن جو استقبال ماتم ۽ آسمان ڏاريندڙ پارن سان ڪنديون، سندس زال کي اڄ کان رسامو ختم ڪرڻ لاءِ ڀاڪر ۽ مٺي نه ملي سگهندي. اڄ ھو پاڻ ھڪ اھڙي ديس ڏانهن روانو ٿيڻ وارو آھي جتان اڄ تائين ڪوبه موٽي نه آيو آھي.

ھن آخري پساھ کڻندڙ نوجوان جو نالو وقار آھي، سندس عمر لڳ ڀڳ پنجويهه سال آھي، ھن جو پيءُ ننڍپڻ ۾ گذاري ويو ھو تڏھن کان ھن گهر جون سموريون ذميواريون پنهنجي ڪلھن تي کنيون ھنيون.ھن کي ھڪ ڀيڻ به ھئي جيڪا ھن ٻه سال اڳ پنهنجي مامي جي پٽ سان پرڻائي ھئي.

ڀيڻ جي شادي کانپوءِ سندس ماءُ وقار جي شادي به جلد ئي ڪرائي ڇڏي ته جيئن ٻنهي کي گھر ۾ اڪيلائي محسوس نه ٿئي.

وقار جي شادي کي سال کن گذريو آھي. ھن جي وني اميد سان آھي.

وقار شھر ۾ ھڪ ھوٽل تي بورچڪو ڪم ڪندو ھو. ھن جي ڳوٺ ۽ شھر ۾ تقريبن چار ڪلو ميٽرن جو پنڌ آھي. ھن وٽ ھڪ ھلڪي ڦلڪي موٽرسائيڪل به ھئي جنهن تي ھو روز ڳوٺ کان شھر ۽ شھر کان ڳوٺ ايندو ھو.

اڄ وقار پنهنجي موٽرسائيڪل تي شھر کان واپس پنهنجي ڳوٺ اچي رھيو ھو ته ھن کي وچ روڊ تي ھڪ ٻلي جو ٻچڙو نظر آيو جيڪو ٿڌ جي زور کان ڪنبي رھيو ھو. ھن کي خيال آيو ته ڇو نه ٻلي جي ٻچڙي کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ روڊ جي ٻي پار ٻني ۾ رکيل پلال جي ٻنڊ جي اندر رکي ڇڏجي جنهن سان ھو ٿڌ کان بچي پوندو ۽ کيس ان نيڪي جي بدلي خدا ھن کي ثواب سان نوازيندو. البته ھن ائين ئي ڪرڻ چاھيو، پر روڊ ڪراس ڪندي ھڪ تيز رفتار ڪار ھن کي ٽڪر ھڻي شديد زخمي ڪري وڌو، نه صرف ٽڪر ھنيو، پر ڪار ايتري تيز رفتار ھئي جو ھن جي جسم مٿان چڙھي وئي جنهنڪري ھن جو جسم چيڀاٽي ويو. ڪار مالڪ ھن کي اسپتال پھچائڻ بدران ھن کي نظرانداز ڪري بي فڪر ٿي اڳتي وڌي ويو. وقار شديد زخمي حالت ۾ روڊ تي ئي پيو رھيو ۽ پنهنجا آخري پساھ کڻي رھيو آھي. ايتري ۾ وقار پنهنجو زخمي مٿو ڪنهن جي ھنج ۾ محسوس ڪيو ۽ گڏ ئي ھڪ شفقت ڀريو ھٿ پنهنجي مٿي تي ڦيريندي محسوس ڪيائين، ھن اکيون کولي ڏٺو ته سندس پيءُ ھو جيڪو ھڪ معنيٰ خيز مسڪراهٽ سان ھن ڏانهن نھاري رھيو آھي. سندس پيءُ جي مسڪراهٽ مان ائين لڳي رھيو آھي، جھڙو ھو ھن کي پاڻ سان گڏ وٺڻ لاءِ آيو ھجي، وقار به ھن ڏانهن نھاري مرڪيو جھڙو وقار به ھن سان گڏ ھلڻ لاءِ پنهنجو ارادو ڏيکاريندو ھجي ۽ پوءِ وقار ھميشه لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون. سامھون ويٺل ٻلي جو ٻچڙو ٿڌ کان بيزار ٿي وقار جي سيني تي چڙھي آيو ۽ ھن جي رت هاڻي جيڪيٽ ۾ پاڻ کي لڪائي ڇڏيو.

***