سنڌ جو خوراڪ کاتو مسلسل غير ذميداريءَ جو شڪار ٿيندي ثابت ڪري چڪو آهي ته اهو گودامن ۾ ڪڻڪ جي انتظام سنڀالڻ لائق ناهي. ڇو ته ان جي نگرانيءَ هيٺ اربين رپين جي ڪڻڪ گودامن مان نڪري وڃي ٿي ۽ سنڌ جي عوام جي ٽيڪسن مان ورتل ڪڻڪ سنڌ جي گودامن ۾ ڪيترن ئي سالن تائين رکئي پراڻي ڪئي وڃي ٿي. جڏهن اها ڪڻڪ مل مالڪن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي ته مل مالڪ وٺڻ کان انڪار ڪن ٿا، ڇو ته نئين ڪڻڪ لهڻ جو وقت اچي وڃي ٿو، جڏهن پراڻي ڪڻڪ کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو ته پراڻي ۽ نئين ڪڻڪ جو اگهه ساڳيو رکيو وڃي ٿو. ان سڄي نظام ۾ اسان جو خوراڪ وارو کاتو پئسا ٺاهي ٿو، عوام ڪڻڪ مهانگي ٿيڻ سبب مهانگو اٽو خريد ڪري ٿو ۽ پوءِ وري جڏهن پراڻي ڪڻڪ سندس خوراڪ جو حصو بڻجي ٿي ته ان وقت عوام جي مانيءَ مان غذائيت جا جزا غائب ٿي وڃن ٿا.
ڇو ته پراڻي ڪڻڪ ۾ وقت سان گڏوگڏ جتي جيت ۽ سُرئي جو حملو ٿي وڃي ٿو، اتي ان ۾ معياري گلوٽين جيڪو ڪڻڪ جو هڪ بنيادي طاقت وارو حصو آهي غائب ٿي وڃي ٿو ۽ پراڻي ڪڻڪ جڏهن مل مالڪن کي ڏني وڃي ٿي ته ان جو اٽو غير معياري، بد ذائقا ۽ صحت لاءِ ناقص هجڻ سبب هڪ غريب ماڻهو جيڪو پئسا خرچ ڪري پنهنجن ٻارن لاءِ اٽو وٺي ٿو ان کي اها غذائيت ميسر نٿي ٿئي، جنهن سان هو توانائي حاصل ڪري محنت ۽ مزدوري ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي ۽ سندس ٻار ماني کائي توانائي حاصل ڪري سگهن ۽ سندن قد ڪاٺ بهتر ٿي سگهي، سندن ذهني صلاحيت ۾ واڌ ويجهه اچي سگهي. جنهن سبب هن وقت هڪ عام مسئلو جيڪو اسان جي سماج ۾ غور ڪرڻ تي هر ڪنهن کي نظر ايندو ته ٻارن جو قد ۽ وزن پنهنجي عمر جي حساب سان نه وڌي رهيو آهي ۽ ان جو سڌو سنئون تعلق اسان جي عوام کي ملندڙ ناقص خوراڪ آهي. جڏهن ته عوام جي پئسن مان اها ڪڻڪ خريد ڪئي وڃي ٿي عوام محنت جي ڪمائيءَ مان اٽو خريد ڪري ٿو، پر ان جي گرهه مان اها غذائيت غائب ڪئي وڃي ٿي ۽ سندس زنده رهڻ مشڪل ٿي پوي ٿو. جنهن غذائيت حاصل ڪرڻ لاءِ هو صبح کان وٺي شام تائين مزدوري ڪري ٿو. ڪڻڪ اسان جي خوراڪ جو 70 سيڪڙو حصو آهي. جيڪڏهن گودامن ۾ پيل پراڻي ڪڻڪ جنهن ۾ جيت لڳي وڃي ٿو يا ان مان غذائي جزا ختم ٿي وڃن ته ان جي اندر آئرن، زنڪ ۽ ٻيا معدنيات ختم ٿي وڃن ٿا، جيڪي هڪ ننڍي ٻار جي واڌ ويجهه لاءِ ۽ هڪ بالغ شخص جي توانائي جي حصول لاءِ انتهائي اهم آهن. جڏهن ڪڻڪ کي غير معياري گودامن ۾ نمي واري جاءِ تي رکيو ويندو آهي ته ان ۾ خاص قسم جو فنگس لڳي ويندو آهي، جيڪو هڪ خاص قسم جو زهر پيدا ڪندو آهي، جنهن سان جگر کي نقصان پهچي ٿو ۽ ٻارن جي جسم ۾ غذائيت جذب ٿيڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي، نتيجي ۾ ٻار اسٽنٽنگ جو شڪار ٿي وڃن ٿا.
هن وقت اسان جو خوراڪ وارو کاتو نه صرف ڪڻڪ جي معاملي ۾ انتهائي ڪرپشن جو شڪار ٿي چڪو آهي، بلڪه مارڪيٽ ۾ ملندڙ کير جنهن ۾ ڪيميڪل ۽ پاڻي مليل هوندو آهي دستياب آهي. ان کان علاوه کليل تيل جيڪو خبر ناهي ته ڪهڙين شين مان ٺاهيو وڃي ٿو انساني صحت لاءِ زهر برابر آهي. ٻارن جي لاءِ کائڻ پيئڻ جون اهڙيون شيون مارڪيٽ ۾ دستياب آهن جن سان ٻارن کي غذائيت ملڻ بجاءِ انهن جو جگر ننڍي هوندي کان وٺي ڪم ڪرڻ ڇڏي ٿو ڏئي، ان لاءِ انهن جي چهري تي زردي نمايان هوندي آهي ۽ انهن جو قد بت ننڍو رهجي وڃي ٿو ۽ اها صورتحال اسان جي چوڌاري تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. هن وقت سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 45 کان 50 سيڪڙو ٻار اسٽنٽنگ جو شڪار آهن ۽ حڪومت پنهنجن گودامن ۾ پيل ڪڻڪ جي حفاظت نٿي ڪري سگهي، جيڪا نئين نسل کي هڪ غذائيت وارو گرهه مهيا ڪري سگهي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته سنڌ حڪومت جو خوراڪ وارو کاتو پنهنجي ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب “سنڌ جي مستقبل کي معذور بڻائي رهيو آهي ۽ سندن گرهه مان غذائيت چوري ڪري رهيو آهي.” سنڌ حڪومت کي ڪڻڪ خريد ڪرڻ وقت ڪجهه انقلابي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. جنهن ۾ گودامن جو جديد نظام قائم ڪرڻ کان وٺي ڪڻڪ جي خريداريءَ تائين انتهائي حساس ۽ خبردار رهڻ جي ضرورت آهي. ڪڻڪ خريد ڪري گودامن ۾ وزن ڪري رکي وڃي جتي جديد ليبارٽري ۽ نمي ماپڻ وارا اوزار هجڻ گهرجن. جيڪڏهن غير معياري ڪڻڪ ڪنهن به طريقي سان خريد ڪئي وئي آهي ته لاڳاپايل عملدارن کي سزائون ڏنيون وڃن. ڪڻڪ جي چوري جي واقعن کي روڪڻ لاءِ سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائي مرڪزي ڪنٽرول روم سان ڳنڍيون وڃن ۽ اسٽنٽنگ جهڙن مسئلن کي روڪڻ لاءِ ڪڻڪ جي ضروري غذائي جزن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. حڪومت کي هڪ سرمائيدار وارو ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ عوام جو خادم بڻجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ڪابه حڪومت جڏهن عوام جي گرهه جي غذائيت چوري ڪندي ته اها گهڻي دير جٽاءُ نه ڪري سگهندي.