ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: چاڳلي

اڄ، چاڳلي صبح ننڊ مان اٿڻ بعد رڇن مان پاڻي ڪريءَ ۾ وجھي، منھن ڌوئڻ بعد کير وارو رڇ آگهاري کڻي اچي واڙ ۾ پهتي.

ھنن جي مال جي واڙ ھڪ چڙهائي تي ھئي جنھن جو سبب سرڇو (سرس) ھنڌ ھو.

مال ڏوھڻ ته ھن جو روز جو معمول ھو، پر جڏھن کان ھنن جي مال جو ڌراڙ علڻ مقرر ٿيو ھو تڏھن کان ھن جي رات ۾ اک گھٽ لڳندي هئي جي لڳي به وئي ته ڄڻ کلڻ جي الڪي ۾ لڳي ئي نه ھجي.

علڻ جي سندن ڌراڙ ٿيڻ بعد چاڳلي جي سرير ۾ عجيب ھلچل شروع ٿي وئي. ۔

سندس ذمي سڀني ڪمن کي ڪرڻ ۾ اڳ کان اڳري نظر اچڻ لڳي۔

سندس وھي ويھه سال ھئي علڻ به پنجويھن سالن جو خوبصورت  شانگول (ٺاهوڪو) نوجوان ھو۔

چاڳلي کان وڏي ڀيڻ شادي بعد  حب کان پري هڪ ڳوٺ ۾  رهيل هئي، جهونجار کي اولاد ۾ ٻه نياڻيون  ئي هيون. ۔

ھن جو بابا جھونجار اُٺن جي سنڀال ۽ ٻني جي ڪمن سان ھوندو هو،

 سندس امڙ گھر جو ننڍو ننڍو ڪم پئي ڪندي هئي.۔

باقي چاڳلي توڻ، تاڙي، ڌوتي سيتي سان گڏ مال ڏھندي ۽ پھرائيندي به ھئي.

علڻ جي وٽن ڌراڙ ٿيڻ بعد چاڳلي جي دل ۾ ھن لاءِ ڪجھه وڌيڪ چاھ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو.

ٽيئي ويلا کيس مکڻ سان مکيل ماني پچائي ڏيندي هئي، علڻ نه سندن مٽ مائٽ ۽ نه ئي ذات وارو هو.

ھو حب جي الھندي پاسي  ھڪ ڳوٺ جو رھاڪو ھو.  هن جا مائٽ غريب ھئا، جنھن ڪري سندس پيءُ کيس جھونجار وارن جو مال ڀُئي (حصيداري) تي چارڻ لاءِ موڪليو ھئس.

علڻ جي بابا سان جونجهار جي  ننڍي لاءِ جي دوستي ھئي.

علڻ جي اچڻ بعد چاڳلي جي ھيڪلائي ختم  ٿي وئي جڏھن ته علڻ گھڻو ڳالھائڻو به نه ھو نه ئي ھن چاڳلي ۾ ڪا دلچسپي ٿي رکي.

جڏھن چاڳلي ساجھر مال ڏُھڻ واڙ تي ايندي ته ھو اکيون نمائي واڙ ڀرسان رکيل کٽ تي ويھي رھندو هو.

چاڳلي مال ڏھڻ بعد چانھه ڪري ماني مکڻ سان کڻي اچي کيس ڏيندي هئي.

 هن جي دل ھوريان ھوريان علڻ ڏانھن ڇڪجندي پئي وئي.

 پاڻ کي ته گھڻو جھليائين، پر دل کانئس جھلي نه پئي ٿئي.

تڪڙو ئي علڻ سندس دل، دماغ جي سڀني خانن تي ڇانئجي ويو.

ڪجھه عرصو گذرڻ بعد ھيءَ ساڻس چاڳ ڪرڻ لڳي.

چاڳلي جي چاڳن ڪرڻ باوجود علڻ ساڻس ڪڏھن ڪو واحيات گفتو نه ڪڍيو.

علڻ انھن عادتن سبب چاڳلي جي دل ۾ اڃان ونگ وجھندو ويو.

هن جي انھن ادائن سبب  چاڳلي جي دل کي پيل ونگ کانئس کولائڻ ڏکيا ٿي پيا.

ڇھن مھينن بعد علڻ مائٽن ڏانھن چڪر ڏيڻ لاءِ چاڳلي جي بابا کان موڪل گھري۔

چاڳلي پيءُ کان علڻ جي موڪل گهرڻ جو ٻڌڻ بعد پيءُ کي چوڻ لڳي:

“بابا مال جي ڪير سنڀال ڪندو جهنگ ۾ ڀڳاڙ (بگهڙ) مال ٿا کائين.”

 ڌيءَ جي چوڻ تي جھونجار علڻ کي موڪل نه ڏني.

الڻ جا ڪپڙا چاڳلي ٽوڀي (کڏ/تلاءُ) تان ڌوئي ايندي مال چاريندي جيڪر هن جا ڪپڙا وڻ جي انگھه سبب ڦاٽي پوندا ھئا ته چير به ڪڍي ڏيندي هئس.

علڻ سمھندو  ته واڙ وٽ ھو، پر رات جو مال ڏھي ٻڪر ڌارائي، واڙ جي کڙا کي بند ڪري جھونجار سان گڏ اچي ماني کائيندو هو.

چاڳلي چلھه تي ھن لاءِ مکيل ماني ۽ چانور پچائيندي هئي.

جھونجار  ۽ سليمت علڻ جي شيکڙائي کان گھڻو متاثر ھئا، ھو اھڙي ڪابه حرڪت نه ڪندو جنھن سان ھنن جي عزت تي ڪو ٽڪ لڳي.

چاڳلي مساڪ ھڻڻ ۽ تيل ڦليل ڪرڻ لڳي،

خوشي وچان جهنگ ۾  ڪاٺيون ڪندي ۽ پاڻي ڀريندي اڳ کان به اڳري نظر اچڻ لڳي. سندس اندر ۾ ڪھڙو چنگ چُريو ھو، صبح ۽ شام مال جو واسڻ ۽ سندن ڳچين ۾ ٻڌل گهنڊڙين جا آواز چاڳلي جي ڪنن ۾ پيار جا گيت بڻجي گونجڻ لڳا.

ڪھڙو جادو ھو، انھن اڻ ڳايل گيتن ۾ جيڪي چاڳلي جي دل ۾ سوال اڀارڻ لڳا.

“ھي ڇا… ٿي رھيو آھي…؟

مان ڇا ڪيان…؟

منھنجي دل ڇو؟ جھومي رھي آھي.

مان علڻ جي خيالن ۾ ڇو؟ وڃائجڻ لڳي آھيان.

انھن سڀني سوالن جو کيس ڪوبه جواب نه پيو ملي.

علڻ جي کانئس ٿورو ڏور ٿيڻ تي سندس دل جي دڙڪڻ تيز ٿي وڃڻ مان کيس ائين پيو لڳي ڄڻ ڦاٽي پوندي.

کيس ان وقت وڏو جھٽڪو لڳو جڏھن سندس پيءُ جھونجار رات جي ماني تي علڻ کي چوڻ لڳو:

“علڻ مينھن وسايو ڪلھه مون کي واٽ ويندي گڏيو تنھن تنھنجي بابا جو نياپو ڏنو ته مان توکي ڪجھه ڏينھن جي موڪل ڏيان، توکي اسان وٽ آئي سال کان مٿي ٿي ويو آھي تنھنجي مائٽن کي تنھنجي سڪ لڳي ھوندي.”

“ھا چاچا مان به گھر وارن کي گھڻن ڏينھن کان ساريان پيو” علڻ چيو.

“ٺيڪ آھي، تون سڀاڻي مون کان ڀُئي (حصي) جا سڀئي پئسا وٺي ھفتي پٺيان موٽي اچجان” جھونجار چيس.

علڻ کي پنھنجي ڳوٺ وئي، اٺ مھينا گذري ويا ھو چاڳلي وارن جو مال چارڻ لاءِ موٽي نه آيو.

علڻ پنھنجي بابا ۽ امڙ سان گڏجي ماسي جن وٽ ڪراچي اچي پھتو.

چاڳلي علڻ جي چاھت ۾ سندس واٽون نھاريندي رھي ان دوران ڪنھن گاڏي جو زنڀڪو جيڪر آڌي رات جو به سندس ڪن تي پوندو هو ته ڇرڪ ڏيئي ننڊ مان اٿي ويندي هئي.

ڪيترائي ڀيرا پنھنجي پيءُ جھونجار کان علڻ جي پُڇا ڪيائين، پر جھونجار کيس ھر ڀيري اھو چوندو: “نياپو ته موڪليو اٿم پر الائي ڇو نه آيو.”

ھڪ ٻه واري پڇڻ بعد کيس به لڄ ٿيڻ لڳي ۽ سوچڻ لڳي بابا علڻ جو کانئس ھر ھر پڇڻ تي الاھي ڇا سوچيندو انھيءَ الڪي بعد پنھنجي چاھ کي دل ۾ سانڍي علڻ جي اچڻ جون واٽون نيھارڻ لڳي.

ھن ويچاري جي ڀاڳ ۾ ئي ڄڻ اڪيلائي ھئي.

ھوءَ علڻ جي جدائي کانپوءِ مال چارڻ وقت پئي ھن لاءِ مورا ڏيندي هئي.

ھوءَ دل ۾ چُريل چنگ جي سُريلي آواز تي اھڙي مٺاس سان موري جا ٻول پئي آلاپيندي جو سڄي جهنگ جي ويراني ۾ ھن جي دل منجھان ايندڙ زبان منجھان نڪتل ٻولن کي ھوائون پاڻ سان گڏي سندر آواز پئي گونجائينديون.

هن جي پيار ڀري دل مان نڪتل ٻول ٻڌي ڪو پٿر دل به شايد ئي پنھنجا لڙڪ جھلي سگھي، سندس اھي ٻول جنھن لاءِ دل چيري نڪتا ھئا اھو ھن ويچاري جي انھن ٻولن کي ٻڌڻ واري آواز جي فريڪوئنسي کان پري نڪري چڪو ھو.

ھڪ طرفي محبت اڃان وڌيڪ تڪيلف ڏيندڙ ھوندي آھي.

علڻ ته ھنن جو مال ڀُئي تي چارڻ آيو ھو، ھن چاڳلي سان پيار جو اظھار به ته ڪونه ڪيو ھو ۽ نه ئي ھن جي دل ۾ چاڳلي لاءِ ڪي اھڙا ويچار ھئا.

چاڳلي جن جو جهنگ ۾ ھڪڙو ئي گھر ھو سندن گھر ڀرسان نه ڪو ٻيو ڳوٺ ھو نه ئي ڪنھن ماڻھو جو ھنن جي گھر اچڻ وڃڻ ھو.

ھيءَ علڻ کي دل ۾ ھنڌ ڏيئي ويٺي ھئي اھا ڪيئن ٿي شانت ويھي سگھي.

ھڪ ڏينھن صبح يارنھن وڳي ھفتي ۾ ھڪ واري شھر کان ڳوٺ ايندڙ بس جو ويجھي ڍوري مٿان پھچڻ وقت ھارن وڳو.

جهنگ ۾ ڌڻ سان چاڳلي جڏھن ننڍڙي گُراڙ (ٻڪري جو ڦر) کي ڪڇ ۾ کنيو پئي وئي جنھن ڪلھه کان ئي مال سان پھرڻ شروع ڪيو ھو.

جڏهن سندس ڪن تي گاڏي جي ھارن جو آواز پيو ته ھن ھڪدم گراڙ پٽ تي رکي ۽ انھيءَ اوسيئڙي ۽ آس ۾ سوچڻ لڳي متان انھيءَ بس ۾ علڻ  ايندو ھجي.

ھا اڄ علڻ انھيءَ بس ۾ سندن گھر ڏانھن اچي رھيو ھو، پر…!

چاڳلي بس اسٽاپ  ويجھو ھڪ چاڙڪيءَ تي چڙھي ٿوئر جي اوٽ ۾ لڪي بيٺي، جيئن بس ۾ سوار بيا ماڻھو کيس نه ڏسن.

بس جيئن ئي سندن ڳو ٺ واري اسٽاپ وٽ بيٺي  ته چاڳلي کي لڳو ته ضرور ڪو سندن گھر ئي اچي رھيو آھي. ۔

سندس دل جي دڙڪڻ تيز ٿي وئي  ۽  دل منجھان ھڪ ئي دعا پئي نڪتس ڌڻي ڪري بس مان لھندڙ مسافر علڻ ھجي.

جيئن ئي بس رواني ٿي ته چاڳلي به ٿوئر جي اوٽ مان ٻاھر اچي اسٽاپ ڏانھن ڏسڻ لڳي.۔ بس مان لٿل شخص علڻ ئي ھو، پر علڻ ساڻ ھڪ ٻئي ڇوڪري به گڏ ھئي، هو ان ڇوڪري کي  ھٿ ۾ جھلي کيس ڍوري ٽپائي چاڳلي وارن جي گھر ڏانھن ايندڙ واٽ تي سڌو اچڻ لڳو ته چاڳلي به سندن سامھون اچي بيٺي.

علڻ چاڳلي کي ڏسي کلي چوڻ لڳو: “ڇا پئي ڪرين هن پوٺي ۾”

“مال سان آھيان، مال ٽوڀي تان پاڻي پيئڻ ويو آھي مان بس ڏسي بيهي رھيس.”

چاڳلي علڻ سان گڏ ٻئي ڇوڪريءَ کي ڏسي ڳالھائڻ ۾ محتاط رويو پئي اختيار ڪيو، جيسين ان ڇوڪري جو تعارف ٿئي. چاڳلي جبل جي رواج مطابق ڇوڪري کان سندس ھٿ وٺي چُمي ساڻس کينڪاريو.

علڻ چوڻ لڳو: “چاڳلي ھي منھنجي گھرواري آھي مھينو ٿيو آھي اسان جي پرڻي کي.”

دل ۾ شڪايتن جا انڀار سانڍيل چاڳلي کي اھو ٻڌي سندس اندر ۾ اُٻڙڪا ڏيندڙ شڪايتن کي ڄڻ قرف لڳي ويو.

ھوءَ ماٺ، ماٺ  ساڻن ڳوٺ واري واٽ جي پيچري تي گڏ ھلڻ لڳي.

چاڳلي پير ته زمين تي رکي پئي، پر پاڻ خيالن جي دنيا ۾ گم ھئي.

علڻ ھلندي واٽ ساڻس ڳالھائيندو پنھنجون وضاحتون ڪندو پئي ھليو. چاڳلي ڄڻ ٻڌي ئي ڪونه پئي ھوءَ ڪيئن زمين تي پير رکي پئي کيس تنھن جي به خبر نه پئي پئي.

تڏھن ھوش آيس جڏھن سندس پير پيچري تان ھٽي وڃڻ سبب سندس پير ۾ ڪنڊو لڳو. چاڳلي نمي ڪاپور جي چپل مان ڪنڊو ڪڍيو  ٿورو ئي اڳتي ھليا ته سندن گھر اچي ويو.

چاڳلي جي امڙ کين ايندي ڏسي گھر  ٻاھر  اچي علڻ ۽ سندس گھرواري کي ھٿ ڏيئي کينڪاريو. کين گهر ۾ ڇتر تي ويھاري اوڍ مان ويھاڻا ڪڍي ڏنائين.

چاڳلي کي پاڻي  کڻي اچڻ جي لاءِ چيائين، چاڳلي سندن ڀانٺ جي گھر جي ڪاٺ جي ٻشانگي ۾ ٽنگيل اوئي منجھان ڪِنجھي جي ڪٽوري ۾ پاڻي اوتي علڻ ۽ سندس زال کي واري واري سان پياريو. چاڳلي جي امڙ علڻ ۽ سندس گھرواري سان چڱان ڀل ڪئي. ايتري ۾ چاڳلي جو پيءُ جھونجار به اٺن کي گھر جي اڱڻ وٽ ڏاڻ وجھي اچي وٽن پھتو.

جھونجار ۽ علڻ خبر چار ڪرڻ لڳا.

 چاڳلي چانورن جو اٽو ڳوھي مانيون پچائي ۽ ڪپڙي ۾ ويڙھي دٻڪي ۾ وجھي ڪنجھي جون ڪٽوريون پاڻي سان آڇلائي، ڀانٺ واري چلھه جي ڪنڊ ۾ ٿوڻيءُ سان ٻڌل جھڻ واري ڪُني کي نمائي ڪِنجھي جي ڪٽورين ۾ جھڻ ۽ مکڻ وجھي ٽامي جي ٿالھي ۾ مانيون کڻي علڻ ۽ شريفان اڳيان رکيون ۽ ڪريءَ ۾ پاڻي ڀري کين ھٿ ڌوئڻ لاءِ چيو علڻ ۽ شريفا اڱڻ تي نڪري، ڪرئي جي پاڻيءَ  مان گرڙي ڪري، ھٿ ڌوئي اچي ماني تي ويٺا.

جبل جھڙي مضبوط دل رکندڙ چاڳلي ايڏو وڏو ڌڪ رسڻ باوجود مھمان نوازي ۽ عزت کي اھميت ڏيندي پنھنجي ڏک کي دل جي قبرستان ۾ دفنائي پنھنجي ڏيھه جي روايتن موجب سندن مھمان نوازي ۾ ڪابه گھٽتائي نه ڪئي.

سج جبل جي چوٽي تان ھيٺ ڇڻڻ لڳو مال وٿاڻن ڏانھن اچڻ شروع ٿيو۔.

 مال جي ڳچين ۾ ٻڌل ڳنڍن، ڊگرن، ٻلارين جو  سريلو آواز گونجڻ لڳو. واڙ ۾ چيلڪن ۾ ٻڌل ننڍڙيون، گراڙيون، ٻڪر ماءُ جي ٿڃ ڌائڻ لاءِ واسي رھيا ھئا. ڳئن جا کير پياڪ گابا، گابيون واسڻ لڳيون سڀئي آواز سانجھي جي سانتڪي پھر جي خاموشي ۾ من کي موھي رھيا ھئا.

سج الهي رهيو هو، مال واڙ  ۾ اچي پهتو، گراڙيون، ٻڪر ۽ گابا ٿڃون ڌائڻ لڳا.۔

چاڳلي ٻڪرن، گراڙين ۽ گابن کي ڌارائڻ بعد مال ڏهي، کير اچي چلھه ۾ رکيو۔.

جهونجار ڪڪڙ ڪهي گوشت چاڳلي حوالي ڪندي کيس چوڻ لڳو: “امڙ چاڳلي علڻ جي گهر واري اسان جي گهر پهرين واري آئي آهي تنهنڪري ڪڪڙ ڪهي کڻي آيو آهيان هن مان ٻوڙ ۽ ڪڪڙ جو ڀت رڌجانءِ.”

“ها بابا” سگهوئي چاڳلي ڀت، ٻوڙ  ماني تيار ڪري اچي علڻ ۽ سندس گهرواري اڳيان رکي. اڱڻ تي وڇايل ڇتر تي علڻ سان ويٺل جهونجار چاڳلي کي چوڻ لڳو: “امڙ ڪِنجهي واري ڪٽوري  ۾ جهڻ به کڻي اچ.”

چاڳلي جي دل ۾ ڏک جو دريا ڇوليون هڻي رهيو هو، پر سندس اک ۾  انجھه نظر نٿي آئي. علڻ جي گھرواري، چاڳلي ۽ سندس امڙ گھر اندر گڏجي ماني کائي رھيون ھيون. چانڊوڪي رات ۾ چنڊ جي ھلڪي روشني تي علڻ ۽ جھونجار گھر جي اڱڻ تي وڇايل ڇتر تي ماني کائڻ بعد ڪچھري ڪرڻ لڳا.

چاڳلي علڻ جي گھرواري ۽ پنھنجي امڙ ساڻ ماني کائڻ ته ويٺي ھئي، پر سندس وات ڏانھن ھڪ گرھ نه پئي ويو. ھوءَ پنھنجي ڏک کي اندر ۾ پي وئي ھئي.

اڱڻ تي ڪچھري ڪندڙ علڻ ۽ جھونجار جون ڳالھيون  چاڳلي جي ڪن تي پئي پيون جن ۾ علڻ پنھنجي گھرواري جي تعريف پيو ڪري. علڻ واتان سندس زال جي تعريف ٻڌڻ بعد چاڳلي جي دل ۾ ٻريل باھ اڃان ڀڙڪا کائڻ لڳي. شل ڪنھن کي اھڙو ڏک نه رسي جنھن جو اظھار به نه ڪري سگھجي.

جيڪو تمام ڏکيو ھوندو آھي جنھن جو تئو اندر کائين، ڪوئلو ڪري ڇڏيندو آھي ۽ انسان ڪنھن ٻريل وڻ جي ڪاٺ جيان اچي پٽ تي ڦھڪو ڪندو آھي. چاڳلي جي حالت ھن وقت اھڙي ئي نظر ٿي آئي. ھن کي ڪير سمجھائي، پر ان ۾ ھن جو به ڪوبه ڏوھ نه ھو  عشق ٿيندو ئي بي چيو، اڻ سمجھه آھي.

سمجھه ۽ عشق جو پاڻ ۾ ڪڏهن به ٺاھ ناهي رهيو.

علڻ ۽ جھونجار ڪچھري ڪري جڏهن  ٿڪجي پيا ته جھونجار چاڳلي کي سڏي  چوڻ لڳو:  “امڙ کٽن تي اسان جا ھنڌ وڇائي ڇڏ.”

“جي بابا…”  چاڳلي ٻاهر کٽن تي ھنڌ وڇائڻ بعد گھر ۾ علڻ جي گھرواري جو ھنڌ وجھڻ بعد  پاڻ پنھنجي امڙ جي ڀرسان ھنڌ وڇائي ليٽي پئي. ھوءَ سڄي رات ھنڌ تي ڪرلندي رھي ننڊ جيڪا سندس اکين مان ڪيترا ڪوھ پري وڃي چڪي ھئي.

سڄي رات ھاتارن، گدڙن، ڀڳاڙن جون اونايون سندس ڪن تي پئي پيون، چاڳلي ھنجون ھارڻ بنا ان ڳالھه تي سوچيندي ڪڙھي رھي ھئي ته مون ڇو…؟ علڻ سان پنھنجي چاھت جو اظھار نه ڪيو.

اظھار جي ڪيان ھا… ته  اڄ جيڪا مون مٿان گذري رھي آھي اھا نه ٿي ھا.

ھاڻ مان ڇا…! ڪندس.

اھڙا ڪيترائي مايوسي وارا سوال سندس ذھن ۾ اڀري کيس اونجھائي رھيا ھئا.

رات جي اونداھي ختم ٿيندي ئي ڳيرو، تتر، ٻاٽيٻڙيون  ۽ ٻيا پکي توارڻ لڳا.

چاڳلي جي امڙ جي سانڀائي جي سوجھري ۽ پکين جي تنوار تي جيئن ئي اک کلي ته ھوءَ ڀر ۾ ستل چاڳلي کي ھٿ ھڻي چاڳلي… چاڳلي… ڪوٺيندي سڏڻ لڳي.

 چاڳلي جيڪا سانڀائي جي مس سوجھري ٿيڻ ۽  پکين جي چرڪي جي آواز تي  سندس اک ننڊ مان کلي ويندي ھئي.

سندس امڙ جي ايترو سڏڻ ۽ چورڻ تي به  نه اٿي. اڄ  چاڳلي جو روح پرواز ڪري چڪو هو.

***