بلاگنئون

ڀٽائي جي ڪلام ۾ عورت جو مقام

ڀٽائي جي ڪلام ۾ عورت ۽ خودي جو اڀياس: سنڌ جي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ ولي شاعر، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، فڪر جو فنڪار، عشق جو عالم ۽ روحانيت جو رهنما آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ عورتن کي فقط حسن جو حوالو نه بڻايو، بلڪه ذات جي سچائي، ساڃاھ جي سڏ ۽ خوديءَ جي تعمير جو استعارو بڻايو. لطيف جي عورت ڪڏهن سسئي، ڪڏهن مارئي، ڪڏهن نوري ته ڪڏهن سهڻي آهي ۽ هر روپ ۾ هوءَ روايتي ريتن کان هٽي، وجوديءَ سوالن جو جواب بڻجي ٿي. لطيف جي عورت ڪنهن “محبت جي مسڪين” جو نالو ناهي، بلڪه هوءَ خود حق جي حقيقي حاڪم آهي. سسئيءَ جي جدوجهد، مارئيءَ جو عزم، نوريءَ جو عجز ۽ سهڻيءَ جو عشق، سڀ ۾ هڪ ڳالھه آهي: اهو سڏ صرف عشق جو نه، پر وجود جي صداقت جو سڏ آهي، جيڪو عورتن جي اندروني خوديءَ کي پڌرو ڪري ٿو. مارئي شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪ انوکو ڪردار آهي، جيڪا جبر جي جڳھه تي جبلت جي سچائيءَ سان بيهڻ جي علامت آهي. هوءَ رڳو وطن سان وفادار نه، بلڪه پنهنجي وجودي شناخت، پنهنجي ديس، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي حق، پنهنجي “خودي” سان وفادار آهي. اها مارئي ڪنهن راڄ، جيل يا سازش جي ماري نه، پر پنهنجي ئي اختيار جي مالڪ آهي. اهوئي خوديءَ جو اوج آهي. سهڻي، جنهن عشق جي انتها ۾ پاڻ کي درياءَ جي لهرن حوالي ڪري ٿي، اها عورت کي نازڪ نه، پر فيصلي جي سگھه سان ڀرپور وجود ڏيکاري ٿي. هوءَ محبت جي مسافت طئي ڪندي، خوف کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نٿي ڏئي، هوءَ وهڪري جي مخالفت ڪري، محبوب وٽ نه، پر پنهنجي سچ وٽ پهچڻ ٿي چاهي ٿي. وري جيڪڏهن نوري جي ڪردار کي ڏسجي ته شاھ ڀٽائي اهو ڏيکاري ٿو ته خودي جي عظمت صرف غرور سان نه، پر عجز ۽ معرفت سان به حاصل ٿيندي آهي. نوري رڳو حسن جي ڪري محبوب نه بڻي، بلڪه اُها عاجزي، اخلاص ۽ اندروني صداقت هئي، جنهن کيس محبوبن جي اڳيان به مقبول بڻايو.

لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت روحاني رهبر آهي، شاھ ڀٽائي عورتن کي صرف مردن جي قصن ۾ قيد نٿو ڪري، پر عورتن کي وجودي سچ جي رهنمائيءَ واري جاءِ تي بيهاري ٿو. سندن محبوب هجڻ ثانوي آهي، سندن شعوري فيصلا ڪرڻ، قرباني ڏيڻ، عشق جي راھ چونڊڻ ۽ سچ لاءِ سچو بيهڻ اهي سڀ اندروني خوديءَ جا اھڃاڻ آهن.

شاھ جي شاعريءَ ۾ عورت نه ضعيف آهي، نه رڳو محبوب، نه فقط داستان جي زينت بلڪه هوءَ فڪر جي فرمان، سچ جو سڏ ۽ خوديءَ جي سڃاڻ آهي. ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ عورتن جي خوديءَ جو اڀياس صرف صنفي مسئلو نه، پر انساني سچائيءَ جي ڳولها جو نالو آهي ۽ اها ڳولها اڄ به جاري آهي.

ڀٽائي، عورت جرئت ۽ بھادري: شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جو بنيادي جُزو صرف روحانيت يا تصوف نه، بلڪه سماجي شعور، انسان دوستي ۽ مظلومن جي وڪالت آهي. هن جي شاعريءَ ۾ “عورت” صرف اظهار نه، بلڪه احتجاج جي اک، سچ جو سڏ ۽ ضمير تي ڌڪ آهي. جڏهن سماج عورتن کي بندشون، بيعزتيون ۽ خاموشيءَ جا طوق پارائي ٿو، تڏهن شاھ لطيف جي بيتن مان عورت کي آواز، اٿڻ ۽ وقار جي واھ ملي ٿي.

عورت سماجي ظلم خلاف جرئت جو اظهار:  شاھ جي شاعريءَ ۾ عورت رڳو حسن جو موضوع نه آهي. هوءَ پنهنجي سماجي حيثيت جو انڪار ڪري ٿي اُنهن سڀني روايتن جو، جيڪي هن جي حقيقي حيثيت کي دٻائن ٿيون. جيئن ته مارئي، سهڻي، سسئي، مومل ۽ نوري، هي سڀ عورتون اهڙن معاشرتي دٻائڻ جي خلاف اٿي بيٺيون، جتي عزت جو وڪرو، محبت جي سوديبازي ۽ اختيارن جي قيد هئي. شاھ جا بيت فقط عشق نه، پر عورت جي اصولن تي بيهڻ، استحصال خلاف بي ڌڙڪ بيهڻ جو اظهار آهن.

سهڻي پاڻ تي ڀروسو، سچ جو سفر: سهڻيءَ جو ڪردار به هڪ شديد سماجي نظام جو عڪس آهي، جتي هوءَ زبردستيءَ جي شاديءَ، خاندان جي فيصلي ۽ مردن جي مرضيءَ خلاف پنهنجي اصول تي بيهي ٿي. هوءَ پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري ٿي، ڪاري سرد رات کان خوف، دھشت درياءَ جي وهڪرن ۽ مرڻ جي امڪان کي به نظرانداز ڪري ٿي. هتي عشق جي استعارن ۾ به عورت جي ثابت قدمي، قرباني ۽ احتجاج سمايل آهي. سهڻيءَ جو وهڪرن ۾ وڃڻ، انهيءَ نظام لاءِ چماٽ آهي، جيڪو عورتن کان انتخاب جو حق کسڻ ٿو چاهي.

سسئي بي گناهيءَ جو بيان: سسئيءَ جو ڪردار عورت جي استحصال جي هڪ خاموش، پر ڏڪندڙ تصوير آهي. هوءَ پنهنجو پاڻ کي نه بچائي سگهي، پر سچ جي ساڃاھ کان پٺتي نه هٽي. هن جو صبر، سوڳ ۽ واعدي سان وفاداري، لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جي داخلي قوت جو اظهار آهي. لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت سوال به، جواب به: شاھ جي شاعريءَ ۾ عورت رڳو مظلوم نه آهي، بلڪه سوال ڪندڙ، حقيقت ڏيکاريندڙ ۽ پنهنجي حقن لاءِ بيهندڙ آواز آهي. هوءَ مرد جي سماج، ڍونگي روين ۽ بي حس روايتن تي سوال به ڪري ٿي، ۽ پنهنجي وجود جي اهميت جو احساس به ڏياري ٿي. هوءَ ڪنهن آسماني مدد جي منتظر نه آهي، بلڪه اندروني روشنيءَ سان، پنهنجي دردن مان ئي جنگ جو جذبو پيدا ڪري ٿي. شاھ جي شاعريءَ ۾ عورت نه فقط سونهن، عشق يا جمال آهي، بلڪه عزم، همت، آواز ۽ وقار آهي. هوءَ خاموش تماشائي نه، بلڪه ظلم جي سامهون بيهڻ واري ساڃاھ سان ڀريل شعور آهي. لطيف جي بيتن ۾ عورتن جون ڪهاڻيون اسان کي اهو سيکارين ٿيون ته “عورت ڪنهن به حال ۾ وڪامجندڙ بازاري وکر ناهي، پر صحيح فيصلن جي مالڪ، جذبي جي رهنما ۽ سچ جي سچائيءَ سان زنده رھي ٿي.” اڄ به جيڪڏهن اسان لطيف جي بيتن کي سماجي تنقيد جي روشنيءَ سان پڙهون، ته عورتن جي حقن جي نئين واٽ کلندي، جتي خاموشيءَ جي بدران همت جا ساز وڄن ٿا. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ عورت صرف جمال جو جلوو نه، بلڪه سماج جي سچائي، دردن جو درمان ۽ حوصلي جي علامت آهي. هوءَ مڙهيل ظالماڻا فيصلا نه مڃيندڙ، ذاتي سچ کي اهميت ڏيندڙ ۽ سماج جي هر جبر جي سامهون بي خوف بيهندڙ آهي. لطيف جي شاعريءَ جي عورت اسان کي سيکاري ٿي ته “عورت جي عزت لفظن ۾ نه، پر فيصلي، همت ۽ ساڃاھ ۾ آهي.”