نئون

حيدرآباد جي وڪيلن ڊيم خلاف آواز اٿاري ڇڏيو

حيدرآباد ۾ وڪيلن جي باڊي ملڪ ۾ سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي. وڪيلن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي جي ورڇ واري مسئلي کي حل ڪرڻ بجاءِ ڪنهن به نئين آبي ذخيري کي ٺاهي نٿو سگهجي. سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جو مسئلو 1859 کان هلي رهيو آهي. 1859 کان پنجاب سنڌ جي حصي جو پاڻي به کڻي رهيو آهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ خاطر سنڌ جي درخواست تي برٽش حڪومت 1901 ۾ انڊيا ايريگيشن ڪميشن، 1991 ۾ ڪاٽن ڪميٽي، 1935 ۾ دا اينڊرسن ڪميشن ۽ 1941 ۾ رائو ڪميشن جوڙي. ان کان علاوه پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به چار ڪاميٽيون ۽ هڪ ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جوڙي وئي ته جيئن سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ جي مسئلي کي حل ڪيو وڃي. انهن ڪميٽين ۽ ڪميشنن کانپوءِ به هي مسئلو حل ٿي نه سگهيو پر انهن قانونن ڪارڻ اڄ ڏينهن تائين پنجاب سنڌ جي مرضي خلاف سنڌو درياهه تي ڪوبه ڊيم نه ٺاهي سگهيو آهي. وڪيلن پاران چيو ويو ته هن معاملي تي ملڪ اندر آرٽيڪل 153، 154 ۽ 155 پاس ٿيل آهن ۽ ڊيم جي اڏاوت بابت چيف جسٽس ۽ وفاقي حڪومت جا قدم انهن جي ڀڃڪڙي آهن. وڪيلن پاران چيو ويو ته اسان ان ڳالهه کي رد ٿا ڪريون ته ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي وهائڻ پاڻي جو ذيان آهي. سنڌ ته هر سال سوين ايڪڙ زمين پنهنجي مناسب پاڻي جو حصو نه ملڻ جي ڪري سمنڊ ۾ وڃائي رهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو پاڻي ڏيڍ مهيني کان چورايو پيو وڃي. اهڙي حالت ۾ سنڌو جي پاڻي تي ڊيم ٺهڻ به ان ارادي جو هڪ تسلسل هوندو، جنهن کي سنڌ ڪڏهن به قبول نه ڪندي.