گوگل ۽ گوئٽي: اهو ضرور آهي ته اسان کي ڪيترائي اهڙا واقعا ملن ٿا، جيڪي ان ڳالهه جي تائيد ڪن ٿا ته گهڻي معلومات جي حصول انسانن کي هن دنيا کي بهتر طور سمجھڻ ۾ مدد ڪئي آهي ۽ انهن کي پنهنجي طاقت کي ڏاهپ سان استعمال ڪرڻ جي قابل پڻ بڻايو آهي. اچو ته ڄاول ٻارن ۾ موت جي شرح جي گھٽتائي جو هڪ مثال ٿا وٺون. جوهان وولفگينگ وون گوئٽي (Johann Wolfgang von Goethe) پنهنجي ستن ڀيڻن ڀائرن مان وڏو ڀاءُ يا ٻار هو، پر انهن مان فقط هُو پاڻ ۽ سندس هڪ ڀيڻ اهي خوشنصيب هئا جن پنهنجي ستين سالگره ڏٺي. هڪ بيماري جيڪا سندس ڀاءُ هرمن جيڪب کي ڇهين سال لڳي، سندس ڀيڻ ڪيٿرينا الزيبيٿ کي چوٿين سال لڳي، سندس ڀيڻ جوهانا ماريا کي ٻئين سال لڳي، سندس ڀاءُ جارج ايڊولف کي اٺين مهيني لڳي ۽ سندس هڪ ڀاءُ کي ماءُ جي پيٽ ۾ لڳي، اُنَ سڀني جون حياتيون کسي ورتيون. سندس ڀيڻ ڪورنيليا 26 سالن ۾ گذاري وئي، جڏهن ته گوئٽي ان خاندان جو اڪيلو حياتي ماڻيندڙ رهيو.
جوهان وولفگينگ گوئٽي کي پنهنجا پنج ٻار ڄاوا جن مان وڏي پٽ آگسٽ کانسواءِ ٻيا سڀ ٻن هفتن کان وڌيڪ زنده رهي نه سگھيا ۽ گذاري ويا. هن سلسلي ۾ سڀ کان وڏو شڪ مڙس (گوئٽي) ۽ زال (ڪرسٽيني) جي رت جي گروپن ۾ تضاد ۽ نا هم آهنگي ڏانهن وڃي ٿو، جنهن ڪرسٽيني جي پهرئين ڪامياب حمل ۽ ٻار کانپوءِ سندس رت ۾ مخصوص اينٽي باڊيز پيدا ڪري ان کي ٻين ٻارن لاءِ زهر بڻائي ڇڏيو. هن حالت ۽ بيماري کي رِيسَسrhesus سڏيو ويندو آهي، جنهن جو اڄ ڪلهه موثر ۽ ڪامياب طريقي سان علاج ڪيو ويندو آهي ۽ اڄڪلهه هِن ۾ ٻارن جي موت جي شرح 02 سيڪڙو کان به گھٽ آهي. 1979ع ۾ هن بيماري ۾ ٻارن جي موت جي شرح 50 سيڪڙو هئي، جڏهن ته گوئٽي جي چئن ٻارن لاءِ اها بيماري موت جو پروانو کڻي آئي هئي.
ارڙهين صدي ۾ گوئٽي جي خاندان سان گڏوگڏ هڪ ٻيو خوشحال جرمن خاندان پڻ ان بيماري جو شڪار ٿيو، جنهن ۾ ٻارن جي موت جي شرح 75 سيڪڙو هئي؛ ٻين لفظن ۾ 12 ٻارن مان فقط 03 ٻار بلوغت تائين زنده رهي سگھيا. اهي شمارياتي انگ اکر غير معمولي نه هئا، پر عمومي لاڙي کي ظاهر ڪندڙ هئا. 1797ع ۾، جنهن زماني ۾ گوئٽي “شيطاني جادوگر ۽ سندس سيکڙاٽ شاگرد” جي ڪهاڻي ڇپائي هئي، هڪ محتاط اندازو آهي ته 50 سيڪڙو جرمني جا ٻارڙا بلوغت جي عمر يعني 15 سالن تائين پهچي سگھيا هئا ۽ اهڙو ساڳيو لاڙو شايد سڄي دنيا ۾ موجود هو. 2020ع تائين دنيا ۾ 95.6 سيڪڙو ٻار 15 سالن جي عمر کان وڌيڪ زنده رهيا آهن، جڏهن ته جرمني ۾ انهيءَ عمر تائين زنده رهڻ جو لاڙو 99.5 سيڪڙو تائين رهيو. هي عظيم ڪاميابي ممڪن نه بڻجي ها، جيڪڏهن رت جي قسمن ۽ گروپن بابت معلومات کي وڏي پيماني تي گڏ نه ڪيو وڃي ها ۽ ان جو تجزيو نه ڪيو وڃي ها. هن سلسلي ۾ وري به ڳالهه اتي ئي پهچي ٿي ته “معلومات جو نئون تصور” صحيح ثابت ٿيو آهي.
جيتوڻيڪ معلومات جو نئون تصور وڏي تصوير جو هڪ جزوي رُخ ڏيکاري ٿو، ڇو ته جديد دور جي تاريخ کي فقط ٻارن جي موت جي شرح تائين سوڙهو نٿو ڪري سگھجي. موجوده نين نسلن ۾ انسان ذات معلومات جي پيداوار ۽ ڦهلاءُ جي رفتار ۾ عظيم چاڙهه جو مشاهدو ڪيو آهي. اسان جي هٿن ۾ موجود هر سمارٽ فون ۾ اسڪندريا جي لائبريري کان وڌيڪ معلومات جو ذخيرو موجود آهي. ان کانسواءِ ان سمارٽ فون ۾ پنهنجي مالڪ کي دنيا جي اربين ماڻهن سان ترت ڳنڍڻ جي بهترين صلاحيت پڻ آهي، پر معلومات ۽ رابطن جي رسائي جي هن بي مثال ترقي ۽ ڦهلاءُ جي باوجود، انسان ذات پنهنجو پاڻ کي تباهه ۽ فنا ڪرڻ جي وڌيڪ ويجھو ايندي پئي وڃي.
معلومات جي فراواني جي باوجود، اسان ماحول ۾ خطرناڪ گرين هائوس گئسن (ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ) جو وڌيڪ اخراج ڪري رهيا آهيون، دريائن ۽ سمنڊن کي وڌيڪ گدلو بڻائي رهيا آهيون، وڻن ۽ ٻيلن کي بيدردي سان ڪَٽي رهيا آهيون، ٻين مخلوقن جا گھر ۽ مَسڪن تيزي سان تباهه ڪري رهيا آهيون، ڪيترين ئي مخلوقن جو وجود ئي ختم ڪري رهيا آهيون، ايستائين جو انسان پنهنجي زنده رهڻ لاءِ مناسب ماحول جا ئي بنياد اکيڙي رهيو آهي ۽ پنهنجي نسل جو وجود ئي ختم ڪري رهيو آهي. اسان وڌيڪ تباهي مچائيندڙ ۽ موتمار هٿيار ٺاهڻ ۾ اڳ کان اڳرا آهيون، جهڙوڪ: نيو ڪليئر بم ۽ خطرناڪ وائرس. اسان جا اڳواڻ هنن خطرن کان بي خبر ناهن، پر افسوس اهو آهي ته اهي انهن خطرن ۽ تباهين جي حل ڳولڻ بدران هڪ نئين عالمي جنگ ڏانهن وڌي رهيا آهن.
ڇا وڌيڪ معلومات شين کي وڌيڪ بهتر بڻائي ٿي يا بدتر بڻائي ٿي؟ اهو اسان کي جلد ئي معلوم ٿي ويندو. ڪيتريون ئي ڪارپوريشنون ۽ حڪومتون انفارميشن ٽيڪنالاجي جو طاقتور ترين نيٽ ورڪ يعني هٿرادو ذهانت جوڙڻ جي تاريخي مقابلي ۾ رُڌل آهن. ڪجهه سرمائيدار، جن ۾ آمريڪا جو مارڪ اينڊريسن (Mark Andressen) پڻ شامل آهي، هن ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته هٿرادو ذهانت باالآخر انسان ذات جا سڀ مسئلا حل ڪري وٺندي. هن سلسلي ۾ 6 جون 2023 تي اينڊريسن هڪ مضمون جنهن جو عنوان هو “هٿرادو ذهانت ڇو دنيا کي بچائيندي؟” ۾ هڪ مضبوط موقف پيش ڪيو آهي ته “آئون توهان کي هڪ خوشخبري ٿو ڏيان ته هٿرادو ذهانت دنيا کي تباهه نه ڪندي، پر حقيقت ۾ اها ان کي بچائي سگھي ٿي… هٿرادو ذهانت هر ان شيءِ کي بهتر بڻائي سگھي ٿي جنهن جي اسان کي پرواهه آهي.” ان مضمون ۾ هو ان نتيجي تي پهچي ٿو ته “بجاءِ ان جي ته اسان هٿرادو ذهانت کان خوف کائون، اها ته اسان لاءِ اسان جي ٻارن لاءِ ۽ اسان جي مستقبل لاءِ هڪ فرض بڻجي چڪي آهي.”
ري ڪُرزويل پنهنجي مقالي “وحدت ويجھِي آهي” ۾ دليل ڏئي ٿو ته “هٿرادو ذهانت اها اهم ٽيڪنالاجي آهي جيڪا اسان جي ديرينا للڪارن ۽ مسئلن جهڙوڪ: بيمارين، غربت، ماحولياتي تباهي ۽ ٻين انساني المين کي منهن ڏئي سگھي ٿي. اِهو اسان جو اخلاقي فرض آهي ته اسان هن ٽيڪنالاجي جي واعدن ۽ خوابن کي سمجھون ۽ انهن جي ساڀيان لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪريون.” ڪرزويل هن ٽيڪنالاجي جي امڪاني خطرن تي پڻ ڪڙي نظر رکي ٿو ۽ هن نتيجي تي پهچي ٿو ته يقينن اسان انهن کي مُنهن ڏئي سگھنداسين.
هن سلسلي ۾ ٻيا دانشور وري فراريت پسند آهن. نه فقط فلسفِي ۽ سائنسدانَ، پر هٿرادو ذهانت سان سلهاڙيل ڪيترن ئي ماهرن ۽ سرمائيدارن جهڙوڪ: يوشوئا بينجيو (YoshuaBengio)، جيوفري هنٽن (Geoffrey Hinton)، سام ايلٽمين (Sam Altman)، ايلن مسڪ (Elon Musk) ۽ مصطفيٰ سُليمان (Mustafa Suleyman) وغيره عوام کي خبردار ڪيو آهي ته هٿرادو ذهانت انساني تهذيب جو نالو نشان ختم ڪري ڇڏيندي. تازو ئي 2024ع ۾ بينجيو ۽ هنٽن پنهنجي هڪ مضمون ۾ توڙي ٻين پڻ پنهنجن لکڻين ۾ هن خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته “جيڪڏهن هٿرادو ذهانت کي ڇڙواڳ ڇڏيو ويو ته انسانن توڙي دنيا جي سموري جيوت جو وڏو نقصان ٿيندو، ايستائين جو انسان يا ته اقليت بڻجي ويندا يا وري صفحه هستي تان ئي مِٽجي ويندا.” 2023ع ۾ هٿرادو ذهانت سان سلهاڙيل 2،778 محققن تي مشتمل هڪ سروي ۾ ٽئين حصي کان وڌيڪ محقق ان تي اتفاق ڪندڙ هئا ته 10 سيڪڙو امڪان آهي ته هٿرادو ذهانت جي ترقي انسان ذات کي ختم ڪري سگھي ٿي. 2023ع ۾ آمريڪا، روس، چائينا، انگلينڊ سوڌو 30 عالمي حڪومتن “هٿرادو ذهانت جي بليچلي ٺاهه” (Bletchley Declaration on AI) تي صحيحون ڪيون آهن؛ هن مطابق “هٿرادو ذهانت جي اهم ترين ماڊلز جي ارادِي يا غير ارادِي طور استعمال ۾ اهو دم ۽ خم آهي جو پوري انسان ذات کي وڏو هاڃو رسي يا وري اها تباهه ٿي وڃي.” اهڙن تباهه ڪُن امڪانن کي نظر ۾ رکندي دنيا جا مُلڪ اها خواهش ڪڏهن به نه رکندا ته هالي وُوڊ فلمن وانگر روڊن رستن تي قاتل روبوٽَ ماڻهن سان وڙهندا ۽ انهن کي قتل ڪندا نظر اچن. جڏهن ته حقيقت ۾ اهڙي صورتحال عملي طور ٿيڻ جهڙي ناهي، اهي ڳالهيون ته ماڻهن کي اصل خطرن کان پري ڌِڪين ٿيون، ڇو ته لاڳاپيل ماهر ٻه مختلف قسمن جي خطرن کان آگاهه ڪن ٿا.
پهريون خطرو اِهو آهي ته هٿرادو ذهانت موجوده انساني تنازعن کي انتها تائين اڀاري سگھي ٿي، نتيجي ۾ انسان ذات ٻن انتهائن ۾ ورهائجي سگھجي ٿي. بلڪل ايئن جيئن 20 هين صدي ۾ سرد جنگ جي دوران لوهه جي پردي دنيا کي ٻن گروهن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو هو: اولهه جا سرمائيدار ملڪ ۽ انهن کان ڪٽيل سوشلسٽ/ ڪميونسٽ روس؛ ساڳي طرح سان هلندڙ 21 هين صدي ۾ سليڪان جو پردو (جيڪو ڪمپيوٽر چپس ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊس تي ٻڌل هڪ ورچوئل پردو آهي) ٿي سگھي ٿو ته ٻن طاقتور حريفن کي عالمي تنازعي ۽ تباهي ڏانهن وٺي وڃي، ڇو ته هٿرادو ذهانت وسيلي ٺهندڙ ۽ هلندڙ هٿيار شديد تباهي جو باعث بڻبا.
ٻيون خطرو اهو آهي ته سليڪان جو پردو انسانن جي هڪ گروهه کي ٻئي کان الڳ نه ڪندو، پر هن انقلاب دوران هٿراڌو ذهانت سان ليس خدا بڻيل حڪمرانن جو ٽولو پاڻ کي باقي سڀني انسانن کان الڳ ڪري ڇڏيندو. چاهي اسان دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ رهندا هجون، اسان هميشه اڻ ڏٺل ۽ اڻ سمجھيل ورچوئل ڄارن ۾ ڦاٿل رهنداسين. نتيجي ۾ خدا بڻيل حڪمرانن جو ٽولو اسان جي زندگين تي ضابطو رکندو؛ اهو ٽولو نه رڳو اسان جي سياست ۽ ثقافت کي تبديل ڪندو، پر اسان جي ذهنن ۽ جسمن کي پڻ تبديل ڪري ڇڏيندو. وڏي ڳالهه ته اها آهي ته اسان کي سندن مڙهيل ضابطي ۽ ظلم جو نه احساس رهندو ۽ نه ئي ان کي ڪڏهن سمجھِي ۽ روڪي سگھنداسين. جيڪڏهن 21 هين صدي ۾ استحصالي قوتون دنيا تي قبضو ڪري وٺن ٿيون ته دنيا هڪ ظالم حڪمران جي بدران غير انساني ڏاهپ وسيلي تباهه ۽ برباد ٿي سگھي ٿي. ماڻهو جيڪي چين، روس ۽ آمريڪا بابت اهو چون ٿا ته اهي هن قسم جي ظالم حڪومت ٺاهيندا ته اهي غلط فهمي جو شڪار آهن ۽ اهي حقيقي خطري کي نٿا سمجھن. حقيقت اها آهي ته چيني، روسي ۽ آمريڪي ماڻهن سان گڏ باقي سڀ ملڪن جا ماڻهو گڏيل طور تي اهڙي غير انساني ڏاهپ جي تسلط جي خطري ۾ آهن.
غير انساني ڏاهپ جي خطري جو دائره ڪار واضح ٿيڻ کانپوءِ هٿرادو ذهانت سڀني انسانن لاءِ اهميت ۽ دلچسپي جو باعث هجڻ گھرجي. جيتوڻيڪ هرڪو هٿرادو ذهانت ۾ ماهر بڻجي نٿو سگھي، پر اسان کي اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته تاريخ ۾ هي پهرين ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا پنهنجو پاڻ فيصلا ڪري سگھي ٿي، نوان خيال ۽ تصور پيش ڪري سگھي ٿي ۽ اهڙيون ايجادون پڻ ڪري سگھي ٿي. هن کان اڳ انسان جون سڀ تخليقون کيس ئي طاقتور بڻائينديون هيون، ڇو ته نئون تخليق ڪيل اوزار ڪيترو ئي طاقتور ڇو نه هو، پر انهي کي استعمال وري به انساني هٿ ۽ دماغ ڪندو هو. ڇُريون ۽ بَمَ پنهنجو پاڻ فيصلا نه ڪندا هئا ته ڪنهن کي قتل ڪرڻو آهي. اهي محض گونگا اوزار هئا، جن وٽ اها صلاحيت ۽ ڏاهپ نه هئي ته ميسر معلومات کي استعمال ڪندي ۽ ان جو تجزيو ڪندي پنهنجي طرفان با اختيار فيصلو ڪري سگھن. ان جي ابتڙ هٿرادو ذهانت وٽ معلومات کي استعمال ڪرڻ ۽ ان جو تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ڏاهپ آهي، ان ڪري فيصلي سازي ۾ اها انسانن جي بدران ڪم ڪري سگھي ٿي.
هٿرادو ذهانت جي معلومات کي مهارت سان استعمال ڪرڻ واري خوبي، ان کي اُن قابل بڻايو آهي، جو اها موسيقي کان طِب تائين زندگي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ نوان خيال ۽ تصور تخليق ڪري سگھي ٿي. پراڻي وقت ۾ گراموفون اسان لاءِ موسيقي ۽ گانا هلائيندو هو، مائيڪرو اسڪوپ يا خوردبين اسان کي جيوگھرڙن جو ديدار ڪرائيندي هئي، پر نه ته گراموفون اسان لاءِ نئين موسيقي ۽ گانا تخليق ڪندو هو ۽ نه وري خوردبين اسان لاءِ ڪا نئين دوا ايجاد ڪندي هئي. هٿرادو ذهانت هن وقت به پنهنجو پاڻ نت نوان آرٽ جا نمونا، موسيقي ۽ گانا تخليق ڪري رهي آهي ۽ سائنسي دريافتون ڪري رهي آهي. ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ اهو ممڪن آهي ته اِها ذهانت جِينياتي هيرا ڦيري ۽ تبديلي وسيلي يا وري غير نامياتي ڪمپيوٽر ڪوڊنگ وسيلي نامياتي توڙي غير نامياتي زندگي جا نت نوان نمونا ايجاد ڪري.
موجوده وقت ۾ هٿرادو ذهانت پنهنجي ابتدائي دور (ڳڀ يا ماءُ جي پيٽ ۾ هجڻ مثل) مان گذري رهي آهي. ان جي باوجود اسان جي زندگي ۾ ڪمپيوٽرَ اسان لاءِ اڳ ۾ ئي فيصلا ڪري رهيا آهن ته اسان کي گھربل قرض ڏنو وڃي يا اسان کي نوڪري تي رکيو وڃي يا وري جيل ڀِيڙو ڪيو وڃي. ياد رهي ته هي لاڙو وڌندو ئي رهندو، ايستائين جو اسان پنهنجين زندگين کي سمجھڻ جي قابل ئي نه رهنداسين. ڇا اسان بهتر فيصلن ۽ دنيا کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪمپيوٽر الگورٿمز تي اعتبار ڪري سگھون ٿا؟ اها ڳالهه “جادوگر ۽ سندس سيکڙاٽ شاگرد” جي منتر پڙهيل “ٻُوهاري” جي ڀيٽ ۾ وڏي جوا آهي، ڇو ته هتي ڳالهه فقط انسانن جي زندگين جي ناهي، پر ان کان به وڏي آهي جنهن تي اسان جوا کيڏي رهيا آهيون!
معلومات کي هٿيار بڻائڻ:
مون 2016ع ۾ هومو ڊيئس ڪتاب ڇپرايو هو، جنهن ۾ معلومات يا انفارميشن جي نين ٽيڪنالاجيز جي پيشِ نظر مستقبل ۾ انسان ذات لاءِ درپيش خطرن کي اجاڳر ڪيو هو. اُن ڪتاب اهو دليل ڏنو هو ته تاريخ جو اصل هيرو خود انسان نه، پر معلومات يا انفارميشن آهي ۽ دنيا جا سائنسدان نه رڳو تاريخ، پر حياتيات، سياسيات ۽ معاشيات کي معلومات جي مخصوص وهڪرن طور سڃاڻي ۽ سمجھي رهيا آهن. جانورَ، رياستون ۽ مارڪيٽون وغيره معلومات جا ئي نيٽ ورڪ آهن، جيڪي ماحول منجهان معلومات کي جذب ڪن ٿا، ان بنياد تي فيصلا ڪن ٿا ۽ آخر ۾ ڪارائتي معلومات (ڊيٽا) کي ماحول ۾ واپس ڇڏين ٿا. اُن ڪتاب خبردار ڪيو هو ته بهتر انفارميشن ٽيڪنالاجي جيتوڻيڪ اسان کي صحت، خوشي ۽ طاقت سان همڪنار ڪندي، پر اِهو پڻ ممڪن آهي ته اها اسان کان مورڳو طاقت ئي ڦُري وٺي ۽ اسان کي ٻنهي يعني جسماني توڙي ذهني صحت جي لحاظ کان مفلوج ڪري ڇڏي. هوموڊيئس اهو مفروضو ڏنو هو ته جيڪڏهن انسان احتياط نه ڪندو ۽ خبرداري سان نه هلندو ته معلومات جي ڌارا ۾ اسان انسان ايئن حَل ۽ گُم ٿي وينداسين جيئن تيز پاڻي جي وهڪري ۾ مٽي جي چپٽي ڳَرِي ويندي آهي يا وري وڏي پيماني تي وڏين شين ۽ لقائن جي پس منظر ۾ انسان ذات ايئن گُم ٿي ويندي جيئن ڪائناتي مادي ۽ توانائي جي وشال سمنڊ ۾ هڪ ننڍو پاڻيءَ جو بُلبلو ڳرِي گُم ٿي ويندو آهي.
هوموڊيئس جي ڇپجڻ کانپوءِ تبديلي جو سفر فقط تيز ئي ٿيو آهي ۽ طاقت انسانن کان ڪمپيوٽر الگورڌمز ڏانهن منتقل ئي ٿي آهي. 2016ع جا ڪيترائي سائنس فڪشن يعني فلمي ۽ تصوراتي گُمان ۽ انومان جهڙوڪ: اسان گوشت پوشت جي انسانن طرفان نه، پر ڪمپيوٽر الگورڌمز يا روبوٽس طرفان مستقبل ۾ آرٽ ۽ فن جا نادر نمونا تخليق ڪيا ويندا، انهن طرفان انسانن جو روپ ڌاري مختلف روزمره جا توڙي ٽيڪنيڪل ڪم ڪيا ويندا، انهن طرفان اسان جي زندگين متعلق اهم فيصلا ڪيا ويندا ۽ اهي الگورڌمز اسان انسانن کي اسان کان وڌيڪ ڄاڻي سگهندا. اڄ 2024ع ۾ اهي سڀ ڳالهيون افسانوي ڪهاڻيون نه، پر تسليم ٿيل ۽ پڌريون حقيقتون بڻجي چڪيون آهن.
2016ع کان هن وقت تائين ٻيون ڪيتريون ئي شيون پڻ تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيترائي ناڪاري پهلو پڻ سامهون اچي چڪا آهن. ماحولياتي تبديلين جا ناڪاري اثر سڀني جي سامهون آهن، بين الاقوامي تنازعه وڌندا پيا وڃن، عالمي جمهوري لهر ۽ ان جا حامي حڪمران پڻ جمهوري لاڙن ۽ باهمي تعاون کي ڪمزور ٿيڻ کان روڪي نه سگهيا آهن. عالمگير جمهوريتن “معلومات جي نئين تصور” جي خلاف پڻ هڪ انقلابي للڪار کي کڙو ڪيو آهي. مشهور عالمي اڳواڻَ جهڙوڪ: ڊونالڊ ٽرمپ ۽ جير بولسونيرو، مشهور جمهوري تحريڪون ۽ سازشي نظريا جهڙوڪ: ڪيو-اينون (QAnon) ۽ اينٽي-ويڪسرز (Anti vaxers) دليل ڏين ٿا ته اهي سڀ روايتي ادارا جيڪي وڌ ۾ وڌ معلومات کي ڪٺي ڪرڻ جا حامي آهن، سي ڪوڙ ٿا ڳالهائين. سڀ جا سڀ آفيسرَ، ججَ، ڊاڪٽرَ، اهم صحافي ۽ تعليمي ماهرَ وغيره حڪمران ۽ طاقتور طبقي جا مُهرا بڻيل آهن؛ انهن کي سچ ۽ سچائي سان ڪو لڳاءُ ڪونهي، پر اهي ڄاڻي واڻي غلط معلومات پکيڙي رهيا آهن ته جيئن “عوام” جي قيمت تي انهن کي ذاتي مفاد ۽ فائدا حاصل ٿيندا رهن. ٽرمپ ۽ ڪيو-اينون جهڙين تحريڪن جي اڀرڻ جو سبب هڪ مخصوص سياسي منظر نامو آهي، جيڪو 2010ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ آمريڪا جي حالتن سان ٺهڪندڙ آهي. پر جديد جمهوريت بطور حڪمران- مخالف نظريي گهڻو اڳ ٽرمپ کي آشڪار ۽ شڪار ڪري ورتو هو ۽ اهو نظريو موجوده توڙي ايندڙ وقت ۾ ٻيا ڪيترائي اهڙا شڪار پيو ڪندو. مختصر اهو کڻي چئجي ته مروج جمهوري نظريو معلومات کي هڪ هٿيار طور ڏسي ٿو.
معلومات>طاقت
جمهوريت جو نظريو پنهنجي انتها ۾ ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته دنيا ۾ معروضي سچائي نالي ڪا شيءِ ناهي ۽ هر ماڻهو “پنهنجو مخصوص سچ” پاڻ وٽ رکي ٿو، جنهن سان هُو پنهنجي حريفن کي منجهائي ماري ٿو. هن نقطهءِ نظر مطابق طاقت ئي اصل ۽ آخري سچائي آهي. اسان جا سڀ سماجي رابطا ۽ تعلقات طاقت جي حصول جون شعوري ۽ غير شعوري ڪوششون آهن، ڇو ته انسان فقط طاقت ۾ دلچسپي رکندڙ آهن. جڏهن ۽ جتي به جديد ۽ مشهور جمهوريت معلومات کي طاقت طور سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿِي آهي، اتي انسانن جي لفظن ۽ ٻولي جي حيثيت ثانوي بڻجي وڃي ٿي. اسمَ، جهڙوڪ: “سچائيون” ۽ صفتون، جهڙوڪ: “صحيح” ۽ “سچو” جهڙا لفظ مبهم ۽ دوکو ڏيندڙ بڻجي ويا آهن. اهي لفظ هڪ عام ۽ معروضي سچائي جي عڪاسي ڪندڙ نه رهيا آهن، پر هاڻي جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن “حقيقت” يا “سچائي” بابت ڳالهائيندو پيو هوندو آهي ته ڪجهه ماڻهو اهو ضرور پڇندا آهن ته: “توهان ڪنهنجن حقيقتن ۽ ڪنهنجن سچائين جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيو؟”
اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته طاقت سان سلهاڙيل ۽ انتهائي فراريت وارو معلومات جو تصور ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ نه وري اهو اينٽي- ويڪسرز، فليٽ- ارٿرس، بولسونيرائي يا ٽرمپ جي حمايتين جوڙيو آهي. اهڙا خيالات 2016ع کان گهڻو اڳ ڪافي ماڻهن ڦهلايا هئا، جن ۾ ڪجهه ته انسان ذات جا روشن ترين ذهن پڻ شامل هئا. ويهين صدي ۾، مثال طور: کاٻي ڌر جي انقلابين جهڙوڪ: مائيڪل فوڪو(Michel Foucault) ۽ ايڊورڊ سيڊ(Edward Said) اها دعويٰ ڪئي هئي ته سائنسي ادارا جهڙوڪ: ڪلينڪون ۽ يونيورسٽيون وقت کان بالاتر ۽ معروضي سچائين جي ڳولا ۾ رڌل ناهن، پر اهي سرمائيدارن ۽ طاقتور حڪمرانن جي اشاري تي پنهنجي طاقت اُن ۾ استعمال ڪندڙ آهن ته سچ ڇا کي ٿو چيو وڃي. اهي انقلابي نقاد ايتري حد تائين لهي پيا هئا، جو ڪڏهن ڪڏهن اهي دليل ڏيندا هئا ته سائنسي حقيقتون سرمائيدارن ۽ حڪمرانن جو جڙتو بيانيو آهن ۽ اِهو ته طاقتور ماڻهو حقيقتن ۽ سچائين جي ڳولا ۽ اپٽار ۾ ڪڏهن به سنجيده نه رهيا آهن، ان ڪري انهن طرفان پنهنجن غلطين جي اعتراف ۽ انهن جي درستگي جي دعوائن جي حوالي سان انهن تي ڪڏهن به اعتبار نٿو ڪري سگهجي.
کاٻي ڌر جِي انقلابي سوچ جا پيرا ڪارل مارڪس(Karl Max) ڏانهن وڃن ٿا، جنهن 19 هين صدي جي وچ ڌاري اهو دليل ڏنو هو ته طاقت ئي اصل ۽ واحد سچائي آهي، معلومات هڪ هٿيار آهي ۽ طاقتور حڪمران ۽ اثر انداز ٿيندڙ ٽولو جيڪو پاڻ کي سچائي ۽ انصاف جي رستي جو پانڌيئڙو سڏرائي ٿو، اصل ۾ پنهنجي مخصوص ننڍڙي ٽولي جي مفادن جي ڪڍ لڳل آهي. سندس 1948ع ۾ لکيل جڳ مشهور ڪتاب (دي ڪميونسٽ مينيفيسٽو) جا لفظ آهن: “موجوده وقت جي سڀني معاشرن جي تاريخ، طبقاتي جدوجهد جي تاريخ آهي. آزاد ۽ غلام، حڪمران ۽ عوام، آقا ۽ نوڪر، ڪپتان ۽ مسافر، يا مختصر ايئن کڻي چئجي ته ظالم ۽ مظلوم ازل کان وٺي هڪٻئي جي خلاف بر سرِ پيڪار آهن ۽ ڪڏهن ظاهر ته ڪڏهن لِڪَ ۾ هڪٻئي سان مسلسل جنگ ۾ مصروف آهن.” تاريخ جِي هن ٻه رخي تشريح جو لڪل پيغام اهو وڃي بيهي ٿو ته هر انساني رابطو ظالم ۽ مظلوم جي وچ ۾ طاقت جي حصول جي جدوجهد جو هڪ روپ آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪجهه چوي ٿو ته اهو سوال نه پڇجي ته ڇا چئي رهيو آهي، پر اهو پڇجي ته اها ڳالهه ڪير چئي رهيو آهي؟ يا اها ڳالهه ڪنهن جي مفادن وٽان آهي؟ …(هلندڙ)…