اسان جي تعليم ڪنهن لاءِ ۽ ڇو؟
هيءُ مضمون انهن شاگردن ۽ استادن جي نالي آهي جيڪي ملڪي تعليم لاءِ روشن مستقبل جون اميدون آهن. تعليمي مسئلن تي ڪافي لکيو ويو آهي سوال ٿو پيدا ٿئي ته، انهن جي ڪيترو عمل ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. اسان جي نوجوانن کي تعليم جي ميدان ۾ هڪ جهڙا موقعا ڇو نٿا فراهم ڪيا وڃن. جڏهن ته پاڪستان جو آئين سموري قوم کي هڪ جهڙن حقن ڏيڻ جو پابند بڻائي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن جي پاران انهيءَ حڪم جي ڀڃڪڙي ٿئي ته، اهو ڏوھ جي ذمري ۾ اچي ٿو. اسان کي پنهنجي وطن جي ڪنهن به حصي ۾ پنهنجو آئين تحفظ فراهم ڪري ٿو. تعليمي ادارا پاڪستان جي آئين تحت انهيءَ ڳالھه جا پابند آهن ته غريب شاگردن جا به ڪي حق آهن جيڪي تعليمي ادارن کي ايمانداريءَ ۽ هڪ جهڙائيءَ جي بنياد ادا ڪرڻا آهن. استادن کي جيئن پنهنجن ٻچن جي تعليم جو اونو هوندو آهي، تهڙي طرح قوم جي ٽيڪس مان پگهار حاصل ڪن ٿا ته اهي استاد پنهنجن ٻچن وانگر دل سان قوم جي ٻچڙن جي تعليم جي بهتري واسطي سوچي ۽ ڪم ڪري ڏيکارين نه ته، ڌرتيءَ ۽ قوم جا ڏوهاري آهن. ايترو ڪافي نه آهي ته رڳو استاد گنهگار آهن، ان ۾ پوري سماج جي به ذميواري آهي ته پنهنجن تعليمي ادارن جي مالڪي ڪن ۽ جن ادارن ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي اُتي ڪهڙا استاد مقرر آهن ۽ انهن جي تعليم جي ميدان ۾ ڪهڙي ڪارڪردگي آهي انهيءَ لاءِ شاگردن کان پڇيو وڃي ته استاد اوهان کي ڇا ٿا پڙهائين ۽ ڪهڙو استاد ڪهڙو مضمون ۽ ڇا پڙهائيندو آهي. ڪهڙو/ڪهڙا استاد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اچن ٿا ۽ ڪهڙا نٿا اچن سندن ڪهڙي ڪارڪردگي آهي. رڳو بايو ميٽرڪ تي حاضري لڳائڻ سان تعليم ڪونه سڌرندي، پر استادن جو تعليمي ادارن سان پنهنجائپ وارو ڪردار يعني ڪلاس ۾ اچڻ، پڙهائڻ، شاگردن کي بهتر نموني تعليم طرف راغب ڪرڻ جا گس ڏيکارڻ هوندو آهي. اڄوڪي دور ۾ پوري دنيا ۾ وڏا وڏا چئلينج موجود آهن ۽ وقت ڏاڍو بي رحم ۽ رحمدل به آهي انهيءَ کي پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ فائديمند بنائڻ لاءِ ان جو قدر ڪرڻو پوندو. اڄ موقعو آهي ته انهيءَ جو جائز فائدو حاصل ڪريون جنهن جو فائدو انفرادي نه، اجتماعي هجي. تعليم کانسواءِ اهو ناممڪن آهي، اسين جيڪڏهن قومي سطح تي تعليم جي حوالي سان ڪابه معياري تبديلي (Qualitative Change) آڻڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پنهنجي قومي رويي کان ويندي، مقامي سجاڳي واري سوچ کي اڀارڻ لاءِ پوري سماج کي آماده ڪرڻوآهي. تعليم جي بهتري لاءِ سماجي تبديلي لازم آهي، جيستائين سماجي تبديلي نه ايندي تيستائين استادن ۽ شاگردن جي تعليمي مقصدن واري حاصلات کي سمجهڻ مشڪل آهي. ڪير پڇندو ۽ ڪير ڏسندو ته استادن ۽ شاگردن جي تعليمي ادارن سان ڪيتري دلچسپي آهي. جيستائين معاشرو انهيءَ ۾ دلچسپي نه وٺندو تيستائين اهو سلسلو جيئن جو تيئن هلي رهيو آهي ايئن پيو هلندو رهندو. آخر ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ اهو سڀ ڪجھه ڪنهن کي ڪرڻ گهرجي ۽ ڪير ڪندو. اسان جو سماج جيڪو مختلف طبقن ۾ ورهايل آهي هڪڙو طبقو سوچي ٿو ته اسان جو سرڪاري تعليمي ادارن سان ڇا وڃي، اسان جا ٻار هونئن به پرائيويٽ ادارن ۾ پڙهن ٿا پئسن جي ڪمي ڪونهي. ٻيو اهو طبقو جيڪو مزدور آهي، هاري آهي جن وٽ وسيلا ڪونهن انهن جا ٻار سرڪاري ادارن ۾ داخل آهن جن جو ڪوبه اوهي واهي ڪونهي. تعليمي ادارن جا بالا آفيسر گهڻي قدر مٿئين طبقي سان تعلق رکن ٿا جن جو سرڪاري تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي پڙهائيءَ سان ڪابه دلچسپي ڏسڻ ۾ نه اچي. استادن جي مقرري کان ويندي شاگردن جي داخلا جو طريقيڪار واضح نظر نٿو اچي ۽ نه وري استادن جو روزانو تعليمي ادارن ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جو تعليم جي ڀلائيءَ خاطر سٺو نتيجو آڏو نه اچي ٿو. قوم جا ٻچا منهنجا پنهنجا ٻچا آهن انهن جي بهتري خاطر ڳالھه ڪرڻ تي مون تي ڪو ناراض ٿئي ۽ اختلاف رکي منهنجي اکيُن تي. استاد تعليمي ادارن ۾ روزانو اچن ٿا ۽ ڪجھه اهڙا به آهن جيڪي حاضري لڳائي پنهنجن ڪاروبار ۽ ٻين ڪم ڪارن جي سلسلي ۾ هليا وڃن ٿا ۽ وري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ٽائيم پوري ٿيڻ ٿي بايو ميٽرڪ ڪري هليا وڃن ٿا. ڇا اهڙي قسم جي حاضريءَ مان لاڀ حاصل ٿيو، اوهان پاڻ فيصلو ڪريو. تعليمي ادارن جو مقصد تعليم جي سرگرمين سان جڙيل آهي، جيڪڏهن اهو مقصد حاصل نٿو ٿئي ته پوءِ آخر اسان جي نوجوانن جو مستقبل الله نه ڪري اونداهو ٿي ويندو. اهي نوجوان بيوس ۽ لاچار ٿي ويتر بِگڙي خراب ٿي، جوا، نشو، پنڻ ۽ ڏوھ نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا. هي هيڏين وڏين ايراضيُن ۾ قائم ڪيل ڪشادا اسڪول ڪهڙي ڪم جا آهن. انتظاميه جي ڊپ کان استاد حاضري به لڳائي ٿو ۽ ڪلاس نه وٺي ته پوءِ ڏوھ ڪنهن جو، انتظاميه جو، استاد جو، شاگردن جو، معاشري جو يا رياست جو جيڪڏهن انهيءَ منظر نامي تي نظر وجهجي ته احساس ٿئي ٿو ته تعليم جهڙي مکيه شعبي کي ڪهڙي طرح نظر انداز ڪيو ويو آهي. شاگردن کان ڪير به نٿو پڇي اڄ توهان ڇا پڙهيو. شاگرد اچن نه اچن داخلا، امتحاني فارم ڀرجي ويندا ۽ امتحان ٿي ويندا ۽ شاگرد سٺن گريڊن ۾ پاس به ٿي ويندا آهن. خدا جي واسطي پنهنجي قوم جي ٻچڙن مٿان رحم ڪريو. هي ٻچا توهان ۽ اسان جا ٻچا آهن. هي گونگو معاشرو آهي ڏسي به ٿو ته جڏهن امتحان اچن ٿا ڪاپيءَ جي ڌم مچي وڃي ٿي هڪڙن شاگردن جي جاءِ تي ٻيا امتحان ڏين ٿا انهيءَ ۾ اداري جا هڪ ٻه ماڻهو چالاڪي ڪندا آهن ۽ سلپُون جعلي ٺاهينداآهن. امتحاني سينٽرن تي ٻاهريُن ماڻهن جي وڏي مداخلت هوندي آهي توڙي جو ايڪسٽرنل، انٽرنل ۽ بورڊ جون ٽيمون، انتظاميه پوليس سڀ مقرر ٿيل هوندا آهن، تنهن هوندي به امتحان غير شفافُ محسوس ٿيندو آهي. انهيءَ غفلت جو نتيجو ڏاڍو خراب نڪري رهيو آهي معنيٰ سرڪاري ادارن جي تعليم جو نظام حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل نه آهي. امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر عام آهي جنهن جو سولو مطلب هي آهي ته استاد پڙهايو ڪونه ۽ شاگرد پڙهيو ڪونه. استاد نٿو پڙهائي ته توهان ڇا ڪندا، ڪجھه به نه. ڇاڪاڻ جو جنهن کي استاد جهڙي عظيم پيشي واري نوڪريءَ جي ضرورت هُئي ڪونه ۽ اهو استاد ٿي ويو. انتظاميه انهيءَ ڪري ڪجھه نٿي ڪري جو انهن ٻنهيءَ جو سپورٽر هڪڙو ئي آهي جنهن صاحب کي مقرر ڪرايو ۽ استاد جي سپورٽ ٿو ڪري انهيءَ صورتحال ۾ ڇا ڪجي؟ قوم جي ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته ڪنهن به تعليمي درسگاھ ۾ اسڪول يا ڪاليج جي سربراھ جي انتظامي مقرري سياسي بنيادن تي نه ڪئي وڃي. سينيئر استاد جي مٿان انتظامي طور جونيئرن کي هرگز نه ٿاڦيو وڃي. اهڙين مقرريُن تي سينيئر ۽ تجربيڪار استادَ مايوسي جو شڪار ٿي وڃن ٿا، طاقت ۽ ناانصافي سان ڪيل مقرري جو اثر تعليمي ۽ انتظامي سرگرميُن تي پوي ٿو. جيڪڏهن ڪو سينيئر انهيءَ انتظامي ذميواري کان انڪار ڪري ٿو ته پوءِ انهيءَ جاءِ تي وري ٻيو ڪو سينيئر مقرر ڪيو ته جيئن تعليمي ۽ انتظامي سرگرميُن ۾ نفرتون ۽ رڪاوٽون نه پئجي سگهن. اهليت جي بنياد تي ڪاليجن ۾ انتظامي طور مقرريون نه هئڻ سبب تعليم تي منفي اثر پئجي رهيا آهن جنهن جو نقصان شاگردن جي تعليم کي شديد متاثر ڪري رهيو آهي. وقت جي ضرورت آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سيمسٽر لاڳو ڪري هميشه هميشه لاءِ غلط طريقي وارن داخلائن ۽ امتحاني فارمن ۽ امتحاني طريقيڪار کي ختم ڪري ان ۾ جدت آندي وڃي جنهن سان سمورا شارٽ ڪٽ وارا رستا بندا ٿي ويندا. استادن ۽ شاگردن تي پاڻ مرادو ذميواري عائد ٿي ويندي ته استاد وقت تي اچي ڪلاس وٺندا ۽ روزانو هرهڪ شاگرد جي حاضري لڳندي ڪريڊٽ آورس ۽ حاضري، ڪورس ورڪ مڪمل ڪرڻ، امتحاني نظام جي بهتري خود بخود ٿي ويندي. هن وقت ڏٺو وڃي ته سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جو سمورو نظام چٿيو پيو آهي. استادن جا خود پنهنجا ٻار پرائيويٽ ادارن ۾ پِڙهي رهيا آهن ته پوءِ استادن کي ڪهڙو احساس سرڪاري تعليمي ادارن سان همدردي جو، جيڪڏهن استادن کي پابند ڪرڻو آهي ته هُو ڪلاسن ۾ پڙهائين ته انهيءَ جو بهترين حل سيمسٽر سسٽم آهي پوءِ ڏسجو ته ڪهڙي نه ڀلي زرلٽ ٿي آڏو اچي. هن وقت داخلا ۽ امتحان جا فيصلا ته مٿان کان ٿينداآهن ۽ انهيءَ لاءِ نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين جي انتظامي نظام لاءِ تعليمي بورڊ قائم ڪيا ويا آهن. جن وٽ امتحاني نظام جو طريقو بلڪل سڀني جي آڏو آهي انهيءَ ۾ ٿي ائين رهيو آهي جيڪي شاگرد نه ڪڏهن ڪلاس ۾ آيا ۽ نه وري ڪورس کي مڪمل ڪيو هوندو آهي تن جو امتحاني نتيجو ڏسي حيرت ٿئي ٿي ته ڪي شاگرد اي ون گريڊ ۾ پاس ٿي ويندا آهن. اهڙي قسم جي امتحان جو نتيجو ڏسي غريب طبقي جي ٻارن ۾ مايوسي پکڙجي ٿي. گريڊ ڇو ٿا وڪرو ٿين جڏهن ته خود استادَ پيپرن جي چڪاس ڪندا آهن. امتحاني سينٽرن ۾ جن شاگردن کي اي ون گريڊن ۾ پاس ڪرڻو هوندو اٿن سي جوابي ڪاپيون بورڊ آفيس ۾ هونديون آهن جتي بورڊ جا دادلا اچي چيڪ ڪري ويندا آهن. ڇا انهيءَ کي امتحان چئبو آهي جيڪي ادارا نوجوانن جي ذهني ۽ فڪري تربيت ڪارڻ قائم ڪيا وڃن اُتي اهڙي قسم جي لاتعلقي ڪرڻ تي سموري قوم آڏو سوال جي نشاني لڳائڻي پوي ٿي؟ مان هڪ استاد آهيان منهنجا ٻچا قوم جا ٻچا آهن ۽ قوم جا ٻچا منهنجا ٻچا آهن. مون کان اهو سڀ ڪجھه برداشت نٿو ٿئي، پر منهنجي ڪير به نه ٻڌندو ويتر اهڙيون ڳالهيُون ٻڌي هرڪو مون کي چريو چوندو ۽ اهو لفظ عام آهي ته هي سسٽم جو حصو آهي، هن کي موقعو نٿو ملي. مون پنهنجي ايڪيھه سال ڪاليج ايجوڪيشن جي سروس دوران ڪڏهن به پنو کڻي پنهنجي ٻچن کي ڪاپي لاءِ نه ڏنو آهي جنهن ڪري مون کي منهنجا دوست استاد چوندا آهن ته پنهنجي اولاد جو دشمن آهين جهڙو ماحول هجي ان مطابق هلجي. منهنجو ضمير مون کي ايئن ڪرڻ نٿو ڏئي مان ڇا ڪريان! مسلمانن جي تاريخ ۾ استاد کي پيغمبري پيشي وارو چيو وڃي ٿو. هيءُ استاد جو امتيازي شان آهي ته هو نه فقط علم جو اڪابر هُجي، پر ڪردار ۽ عمل ۾ به اعليٰ مقام جو مالڪ هُجي. استاد جيستائين علم جي منتقلي کي شاگردن جي سيرت ۽ ڪردار جي فڪر کي تنقيد شعور جي دائري ۾ شامل نٿو ڪري تيستائين سندس مقصد مريو وڃي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته، آخر موجوده صورتحال ۾ تعليم کي ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي ٿو، اهڙي راءِ هت هيٺ رکجي ٿي:
سنڌ جي تعليمي ادارن مان بورڊن وارِي امتحاني مداخلت کي ختم ڪرڻ جي راِءِ رکجي ٿي.
پهرين کان اٺين درجي تائين جي تعليم پرائمري اسڪولن جي حوالي ڪجي.
نائين کان ٻارهين ڪلاس تائين جي تعليم هائر سيڪنڊري اسڪولن جي حوالي ڪئي وڃي.
سنڌ جي سمورن ڪاليجن ۾ بي ايس چار ساله پروگرام شروع ڪيا وڃن.
امتحاني نظام کي شاگردن جي آساني خاطر هن طرح رکيو وڃي:
پرائمري اسڪولن جا امتحان اسڪول جي هيڊ ماستر صاحبان جي نگراني هيٺ ڪري رزلٽ ڏني وڃي.
هائر سيڪنڊري اسڪولن کي سيمسٽر سسٽم واري امتحاني دائري ۾ آندو وڃي.
سمورن ڪاليجن ۾ مختلف مضمونن جي بي ايس پروگرامن جي منظوري ڏني وڃي ۽ انهيءَ جي زرلٽ جو نتيجو خود ڪاليج ئي پڌرو ڪن ته جيئن شاگرد پنهنجي ڊگري مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجن پنهنجن ڪاليجن مان آسانيءَ سان پنهنجي سندَ سان لاڳاپيل سمورا سرٽيفڪيٽ وغيره حاصل ڪري سگهن.