بلاگنئون

اسان جي تعليم ڪنهن لاءِ ۽ ڇو؟

هيءُ مضمون انهن شاگردن ۽ استادن جي نالي آهي جيڪي ملڪي تعليم لاءِ روشن مستقبل جون اميدون آهن. تعليمي مسئلن تي ڪافي لکيو ويو آهي سوال ٿو پيدا ٿئي ته، انهن جي ڪيترو عمل ٿي رهيو آهي اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. اسان جي نوجوانن کي تعليم جي ميدان ۾ هڪ جهڙا موقعا ڇو نٿا فراهم ڪيا وڃن. جڏهن ته پاڪستان جو آئين سموري قوم کي هڪ جهڙن حقن ڏيڻ جو پابند بڻائي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن جي پاران انهيءَ حڪم جي ڀڃڪڙي ٿئي ته، اهو ڏوھ جي ذمري ۾ اچي ٿو. اسان کي پنهنجي وطن جي ڪنهن به حصي ۾ پنهنجو آئين تحفظ فراهم ڪري ٿو. تعليمي ادارا پاڪستان جي آئين تحت انهيءَ ڳالھه جا پابند آهن ته غريب شاگردن جا به ڪي حق آهن جيڪي تعليمي ادارن کي ايمانداريءَ ۽ هڪ جهڙائيءَ جي بنياد ادا ڪرڻا آهن. استادن کي جيئن پنهنجن ٻچن جي تعليم جو اونو هوندو آهي، تهڙي طرح قوم جي ٽيڪس مان پگهار حاصل ڪن ٿا ته اهي استاد پنهنجن ٻچن وانگر دل سان قوم جي ٻچڙن جي تعليم جي بهتري واسطي سوچي ۽ ڪم ڪري ڏيکارين نه ته، ڌرتيءَ ۽ قوم جا ڏوهاري آهن. ايترو ڪافي نه آهي ته رڳو استاد گنهگار آهن، ان ۾ پوري سماج جي به ذميواري آهي ته پنهنجن تعليمي ادارن جي مالڪي ڪن ۽ جن ادارن ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي اُتي ڪهڙا استاد مقرر آهن ۽ انهن جي تعليم جي ميدان ۾ ڪهڙي ڪارڪردگي آهي انهيءَ لاءِ شاگردن کان پڇيو وڃي ته استاد اوهان کي ڇا ٿا پڙهائين ۽ ڪهڙو استاد ڪهڙو مضمون ۽ ڇا پڙهائيندو آهي. ڪهڙو/ڪهڙا استاد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اچن ٿا ۽ ڪهڙا نٿا اچن سندن ڪهڙي ڪارڪردگي آهي. رڳو بايو ميٽرڪ تي حاضري لڳائڻ سان تعليم ڪونه سڌرندي، پر استادن جو تعليمي ادارن سان پنهنجائپ وارو ڪردار يعني ڪلاس ۾ اچڻ، پڙهائڻ، شاگردن کي بهتر نموني تعليم طرف راغب ڪرڻ جا گس ڏيکارڻ هوندو آهي. اڄوڪي دور ۾ پوري دنيا ۾ وڏا وڏا چئلينج موجود آهن ۽ وقت ڏاڍو بي رحم ۽ رحمدل به آهي انهيءَ کي پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ فائديمند بنائڻ لاءِ ان جو قدر ڪرڻو پوندو. اڄ موقعو آهي ته انهيءَ جو جائز فائدو حاصل ڪريون جنهن جو فائدو انفرادي نه، اجتماعي هجي. تعليم کانسواءِ اهو ناممڪن آهي، اسين جيڪڏهن قومي سطح تي تعليم جي حوالي سان ڪابه معياري تبديلي (Qualitative Change) آڻڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پنهنجي قومي رويي کان ويندي، مقامي سجاڳي واري سوچ کي اڀارڻ لاءِ پوري سماج کي آماده ڪرڻوآهي. تعليم جي بهتري لاءِ سماجي تبديلي لازم آهي، جيستائين سماجي تبديلي نه ايندي تيستائين استادن ۽ شاگردن جي تعليمي مقصدن واري حاصلات کي سمجهڻ مشڪل آهي. ڪير پڇندو ۽ ڪير ڏسندو ته استادن ۽ شاگردن جي تعليمي ادارن سان ڪيتري دلچسپي آهي. جيستائين معاشرو انهيءَ ۾ دلچسپي نه وٺندو تيستائين اهو سلسلو جيئن جو تيئن هلي رهيو آهي ايئن پيو هلندو رهندو. آخر ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ اهو سڀ ڪجھه ڪنهن کي ڪرڻ گهرجي ۽ ڪير ڪندو. اسان جو سماج جيڪو مختلف طبقن ۾ ورهايل آهي هڪڙو طبقو سوچي ٿو ته اسان جو سرڪاري تعليمي ادارن سان ڇا وڃي، اسان جا ٻار هونئن به پرائيويٽ ادارن ۾ پڙهن ٿا پئسن جي ڪمي ڪونهي. ٻيو اهو طبقو جيڪو مزدور آهي، هاري آهي جن وٽ وسيلا ڪونهن انهن جا ٻار سرڪاري ادارن ۾ داخل آهن جن جو ڪوبه اوهي واهي ڪونهي. تعليمي ادارن جا بالا آفيسر گهڻي قدر مٿئين طبقي سان تعلق رکن ٿا جن جو سرڪاري تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي پڙهائيءَ سان ڪابه دلچسپي ڏسڻ ۾ نه اچي. استادن جي مقرري کان ويندي شاگردن جي داخلا جو طريقيڪار واضح نظر نٿو اچي ۽ نه وري استادن جو روزانو تعليمي ادارن ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جو تعليم جي ڀلائيءَ خاطر سٺو نتيجو آڏو نه اچي ٿو. قوم جا ٻچا منهنجا پنهنجا ٻچا آهن انهن جي بهتري خاطر ڳالھه ڪرڻ تي مون تي ڪو ناراض ٿئي ۽ اختلاف رکي منهنجي اکيُن تي. استاد تعليمي ادارن ۾ روزانو اچن ٿا ۽ ڪجھه اهڙا به آهن جيڪي حاضري لڳائي پنهنجن ڪاروبار ۽ ٻين ڪم ڪارن جي سلسلي ۾ هليا وڃن ٿا ۽ وري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ٽائيم پوري ٿيڻ ٿي بايو ميٽرڪ ڪري هليا وڃن ٿا. ڇا اهڙي قسم جي حاضريءَ مان لاڀ حاصل ٿيو، اوهان پاڻ فيصلو ڪريو. تعليمي ادارن جو مقصد تعليم جي سرگرمين سان جڙيل آهي، جيڪڏهن اهو مقصد حاصل نٿو ٿئي ته پوءِ آخر اسان جي نوجوانن جو مستقبل الله نه ڪري اونداهو ٿي ويندو. اهي نوجوان بيوس ۽ لاچار ٿي ويتر بِگڙي خراب ٿي، جوا، نشو، پنڻ ۽ ڏوھ نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا. هي هيڏين وڏين ايراضيُن ۾ قائم ڪيل ڪشادا اسڪول ڪهڙي ڪم جا آهن. انتظاميه جي ڊپ کان استاد حاضري به لڳائي ٿو ۽ ڪلاس نه وٺي ته پوءِ ڏوھ ڪنهن جو، انتظاميه جو، استاد جو، شاگردن جو، معاشري جو يا رياست جو جيڪڏهن انهيءَ منظر نامي تي نظر وجهجي ته احساس ٿئي ٿو ته تعليم جهڙي مکيه شعبي کي ڪهڙي طرح نظر انداز ڪيو ويو آهي. شاگردن کان ڪير به نٿو پڇي اڄ توهان ڇا پڙهيو. شاگرد اچن نه اچن داخلا، امتحاني فارم ڀرجي ويندا ۽ امتحان ٿي ويندا ۽ شاگرد سٺن گريڊن ۾ پاس به ٿي ويندا آهن. خدا جي واسطي پنهنجي قوم جي ٻچڙن مٿان رحم ڪريو. هي ٻچا توهان ۽ اسان جا ٻچا آهن. هي گونگو معاشرو آهي ڏسي به ٿو ته جڏهن امتحان اچن ٿا ڪاپيءَ جي ڌم مچي وڃي ٿي هڪڙن شاگردن جي جاءِ تي ٻيا امتحان ڏين ٿا انهيءَ ۾ اداري جا هڪ ٻه ماڻهو چالاڪي ڪندا آهن ۽ سلپُون جعلي ٺاهينداآهن. امتحاني سينٽرن تي ٻاهريُن ماڻهن جي وڏي مداخلت هوندي آهي توڙي جو ايڪسٽرنل، انٽرنل ۽ بورڊ جون ٽيمون، انتظاميه پوليس سڀ مقرر ٿيل هوندا آهن، تنهن هوندي به امتحان غير شفافُ محسوس ٿيندو آهي. انهيءَ غفلت جو نتيجو ڏاڍو خراب نڪري رهيو آهي معنيٰ سرڪاري ادارن جي تعليم جو نظام حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل نه آهي. امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر عام آهي جنهن جو سولو مطلب هي آهي ته استاد پڙهايو ڪونه ۽ شاگرد پڙهيو ڪونه. استاد نٿو پڙهائي ته توهان ڇا ڪندا، ڪجھه به نه. ڇاڪاڻ جو جنهن کي استاد جهڙي عظيم پيشي واري نوڪريءَ جي ضرورت هُئي ڪونه ۽ اهو استاد ٿي ويو. انتظاميه انهيءَ ڪري ڪجھه نٿي ڪري جو انهن ٻنهيءَ جو سپورٽر هڪڙو ئي آهي جنهن صاحب کي مقرر ڪرايو ۽ استاد جي سپورٽ ٿو ڪري انهيءَ صورتحال ۾ ڇا ڪجي؟ قوم جي ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته ڪنهن به تعليمي درسگاھ ۾ اسڪول يا ڪاليج جي سربراھ جي انتظامي مقرري سياسي بنيادن تي نه ڪئي وڃي. سينيئر استاد جي مٿان انتظامي طور جونيئرن کي هرگز نه ٿاڦيو وڃي. اهڙين مقرريُن تي سينيئر ۽ تجربيڪار استادَ مايوسي جو شڪار ٿي وڃن ٿا، طاقت ۽ ناانصافي سان ڪيل مقرري جو اثر تعليمي ۽ انتظامي سرگرميُن تي پوي ٿو. جيڪڏهن ڪو سينيئر انهيءَ انتظامي ذميواري کان انڪار ڪري ٿو ته پوءِ انهيءَ جاءِ تي وري ٻيو ڪو سينيئر مقرر ڪيو ته جيئن تعليمي ۽ انتظامي سرگرميُن ۾ نفرتون ۽ رڪاوٽون نه پئجي سگهن. اهليت جي بنياد تي ڪاليجن ۾ انتظامي طور مقرريون نه هئڻ سبب تعليم تي منفي اثر پئجي رهيا آهن جنهن جو نقصان شاگردن جي تعليم کي شديد متاثر ڪري رهيو آهي. وقت جي ضرورت آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سيمسٽر لاڳو ڪري هميشه هميشه لاءِ غلط طريقي وارن داخلائن ۽ امتحاني فارمن ۽ امتحاني طريقيڪار کي ختم ڪري ان ۾ جدت آندي وڃي جنهن سان سمورا شارٽ ڪٽ وارا رستا بندا ٿي ويندا. استادن ۽ شاگردن تي پاڻ مرادو ذميواري عائد ٿي ويندي ته استاد وقت تي اچي ڪلاس وٺندا ۽ روزانو هرهڪ شاگرد جي حاضري لڳندي ڪريڊٽ آورس ۽ حاضري، ڪورس ورڪ مڪمل ڪرڻ، امتحاني نظام جي بهتري خود بخود ٿي ويندي. هن وقت ڏٺو وڃي ته سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جو سمورو نظام چٿيو پيو آهي. استادن جا خود پنهنجا ٻار پرائيويٽ ادارن ۾ پِڙهي رهيا آهن ته پوءِ استادن کي ڪهڙو احساس سرڪاري تعليمي ادارن سان همدردي جو، جيڪڏهن استادن کي پابند ڪرڻو آهي ته هُو ڪلاسن ۾ پڙهائين ته انهيءَ جو بهترين حل سيمسٽر سسٽم آهي پوءِ ڏسجو ته ڪهڙي نه ڀلي زرلٽ ٿي آڏو اچي. هن وقت داخلا ۽ امتحان جا فيصلا ته مٿان کان ٿينداآهن ۽ انهيءَ لاءِ نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين جي انتظامي نظام لاءِ تعليمي بورڊ قائم ڪيا ويا آهن. جن وٽ امتحاني نظام جو طريقو بلڪل سڀني جي آڏو آهي انهيءَ ۾ ٿي ائين رهيو آهي جيڪي شاگرد نه ڪڏهن ڪلاس ۾ آيا ۽ نه وري ڪورس کي مڪمل ڪيو هوندو آهي تن جو امتحاني نتيجو ڏسي حيرت ٿئي ٿي ته ڪي شاگرد اي ون گريڊ ۾ پاس ٿي ويندا آهن. اهڙي قسم جي امتحان جو نتيجو ڏسي غريب طبقي جي ٻارن ۾ مايوسي پکڙجي ٿي. گريڊ ڇو ٿا وڪرو ٿين جڏهن ته خود استادَ پيپرن جي چڪاس ڪندا آهن. امتحاني سينٽرن ۾ جن شاگردن کي اي ون گريڊن ۾ پاس ڪرڻو هوندو اٿن سي جوابي ڪاپيون بورڊ آفيس ۾ هونديون آهن جتي بورڊ جا دادلا اچي چيڪ ڪري ويندا آهن. ڇا انهيءَ کي امتحان چئبو آهي جيڪي ادارا نوجوانن جي ذهني ۽ فڪري تربيت ڪارڻ قائم ڪيا وڃن اُتي اهڙي قسم جي لاتعلقي ڪرڻ تي سموري قوم آڏو سوال جي نشاني لڳائڻي پوي ٿي؟ مان هڪ استاد آهيان منهنجا ٻچا قوم جا ٻچا آهن ۽ قوم جا ٻچا منهنجا ٻچا آهن. مون کان اهو سڀ ڪجھه برداشت نٿو ٿئي، پر منهنجي ڪير به نه ٻڌندو ويتر اهڙيون ڳالهيُون ٻڌي هرڪو مون کي چريو چوندو ۽ اهو لفظ عام آهي ته هي سسٽم جو حصو آهي، هن کي موقعو نٿو ملي. مون پنهنجي ايڪيھه سال ڪاليج ايجوڪيشن جي سروس دوران ڪڏهن به پنو کڻي پنهنجي ٻچن کي ڪاپي لاءِ نه ڏنو آهي جنهن ڪري مون کي منهنجا دوست استاد چوندا آهن ته پنهنجي اولاد جو دشمن آهين جهڙو ماحول هجي ان مطابق هلجي. منهنجو ضمير مون کي ايئن ڪرڻ نٿو ڏئي مان ڇا ڪريان! مسلمانن جي تاريخ ۾ استاد کي پيغمبري پيشي وارو چيو وڃي ٿو. هيءُ استاد جو امتيازي شان آهي ته هو نه فقط علم جو اڪابر هُجي، پر ڪردار ۽ عمل ۾ به اعليٰ مقام جو مالڪ هُجي. استاد جيستائين علم جي منتقلي کي شاگردن جي سيرت ۽ ڪردار جي فڪر کي تنقيد شعور جي دائري ۾ شامل نٿو ڪري تيستائين سندس مقصد مريو وڃي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته، آخر موجوده صورتحال ۾ تعليم کي ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي ٿو، اهڙي راءِ هت هيٺ رکجي ٿي:

  1. سنڌ جي تعليمي ادارن مان بورڊن وارِي امتحاني مداخلت کي ختم ڪرڻ جي راِءِ رکجي ٿي.

  2. پهرين کان اٺين درجي تائين جي تعليم پرائمري اسڪولن جي حوالي ڪجي.

  3. نائين کان ٻارهين ڪلاس تائين جي تعليم هائر سيڪنڊري اسڪولن جي حوالي ڪئي وڃي.

  4. سنڌ جي سمورن ڪاليجن ۾ بي ايس چار ساله پروگرام شروع ڪيا وڃن.

امتحاني نظام کي شاگردن جي آساني خاطر هن طرح رکيو وڃي:

  1. پرائمري اسڪولن جا امتحان اسڪول جي هيڊ ماستر صاحبان جي نگراني هيٺ ڪري رزلٽ ڏني وڃي.

  2. هائر سيڪنڊري اسڪولن کي سيمسٽر سسٽم واري امتحاني دائري ۾ آندو وڃي.

  3. سمورن ڪاليجن ۾ مختلف مضمونن جي بي ايس پروگرامن جي منظوري ڏني وڃي ۽ انهيءَ جي زرلٽ جو نتيجو خود ڪاليج ئي پڌرو ڪن ته جيئن شاگرد پنهنجي ڊگري مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجن پنهنجن ڪاليجن مان آسانيءَ سان پنهنجي سندَ سان لاڳاپيل سمورا سرٽيفڪيٽ وغيره حاصل ڪري سگهن.

تعليم جي بهتري:

هن ايڪيهين صديءَ جون پنهنجون تقاضائون آهن دنيا اندر تڪڙيون تبديليون ۽ منظم رٿائون تجويز ڪيون وڃن ٿيون. گهرجون وڌنڌيون رهن ٿيون انهن جي پوراءُ لاءِ اسڪلس کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهجي. انساني ضرورتون وڌڻ ڪري انهن تقاضائن کي جديد دنيا سان جوڙي رکڻ لاءِ تعليم جي ميدان ۾ ترقي يافته ملڪن سان ناتا جوڙجن ۽ استادن کي ماڊرن تعليم جون سموريون ٽريننگون ڏياريون وڃن. ملڪي معاملات کي نصاب جو حصو بڻائجي. جديد ٽيڪنالوجي، سياست، مذهب، ادب، سائنس، سماجي علم مطلب ته ملڪي ۽ عالمي نوعيت جي سموري معلومات کان آگاھ ڪرڻ وارو نصاب ترتيب ڏجي ته جيئن شاگردن کي هر جاءِ تي اها اهميت ملي سگهي جيڪا دنيا جي شاگردن کي مختلف شعبن ۾ سندن تعليمي قابليت جي بنياد تي حاصل ٿي رهي آهي. سنڌ ۾ ذهانت جي ڪمي ڪونهي، پر تربيت جي ڪمي ڪري، اسان دنيا جي ڀيٽ ۾ پنهنجن شاگردن ۾ اها بيداري نه آڻي سگهيا آهيون جيڪا آڻڻ گهرجي. سنڌ جا سرڪاري تعليمي ادارا ملڪي ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پر رياست جي عَدمُ توجھه ڪري سٺن نتيجن حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچون ٿا. رياست سڳيءَ ماءُ مثل هوندي آهي ۽ سڀني ٻچن سان هڪ جهڙو پيار ڪندي آهي ۽ هتي آخر ڇو ويڳيءَ ماءُ جهڙو تعليمي ادارن سان سلوڪ نظر اچي ٿو. هڪڙن لاءِ زندگيءَ جون سڀ سُک ۽ سهولتُون ۽ ٻين لاءِ نه پاڻي، نه واش روم، نه اسڪولن ۾ ديوارون نه ئي بجليءَ جون ۽ نه پڙهائيءَ جون سهولتُون آهن. ننڍڙا ننڍڙا گُلڙن جهڙا معصوم ٻارَ روڊن، رستن، بٺَنَ، ٻنيُن، شهرن جي گهٽيُن ۽ فوٽ پاٿن تي پيرن اگهاڙن، ڦاٽل ڪپڙن سان مزدوري کان ويندي، گند ڪچري جي ڍيرن تي اڇالايل ۽ هوٽلن جو بچايل کاڌو ميڙي کائين ٿا. آخر ايئن ڇو؟ ڇا انهن ٻارن وٽ صلاحيتُون ناهن جو اُهي سرڪاري يا شخصي ادارن ۾ رياست پاران مقررسهولتُن مان فائدو وٺي ملڪ جي خدمت ڪري سگهن. اميد ته رياست مهربان ماءُ وارو ڪردار ادا ڪري انهن ٻارن کي پنهنجو سمجهي انهن جي لٽي، ڪپڙي ۽ بهتر تعليمي سهولتُن سان آراسته ڪري تن کان ملڪ جي ڀلي لاءِ خدمتُون حاصل ڪيون وينديون. ملڪ ۽ صوبن جا سرڪاري يا شخصي تعليمي ادارا رياست جي ماتحت آهن. شخصي ادارن جي ڀيٽ ۾ سرڪاري ادارن کي خاص اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ جو اهي رياست جا مضبوط قلعا آهن جنهن ڪري شخصي ادارن جي نگراني جو حق رکن ٿا. سرڪاري ادارن جي مضبوطيءَ مان رياست جي طاقت جو اندازو لڳايو ويندو آهي. جيترو سرڪاري ادارا مضبوط هوندا ايترو ئي معاشري جو ڪاروهنوار پائيدار بنيادن تي قائم رهندو آهي. ڪنهن به ملڪ جي قسمت سنوارڻ لاءِ تعليمي ادارا قائم ٿيل هوندا آهن، انهن ادارن مان معاشري جي ذهني تعمير ٿيندي آهي، بااخلاق سياستدان، باشعور جج، جرنل، سپاهي، واپاري، ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، مذهبي اسڪالر، صحافي، سماجي ورڪر، سائنسدان مطلب ته هر مڪتب فڪر جون شخصيتون ملڪي خدمت لاءِ تيار ڪيا وينداآهن.

ڏسڻو هي آهي ته اسان جي تعليمي ادارن مان جن ذهن جي تعمير ٿي رهي آهي، سي ملڪ جي ڀلائي واسطي پنهنجو عملي ڪردار ڪهڙي نموني ادا ڪري رهيا آهن، جنهن مان پوري قوم ڪيترو ڦل پرائي رهي آهي. انهيءَ خدمت واري جذبي مان ملڪ جي، قوم جي، سماج جي تقدير بدلجي رهي آهي، ڪا خوشحالي اچي رهي آهي ته، سمجهو اسان ڪامياب قوم جا فرد آهيون. جيڪڏهن اسان بااخلاق ۽ سڌريل ناهيون، ڪرپٽ ۽ بد اخلاق آهيون ته اسان جي تربيت درست نه ٿي آهي. جيڪڏهن توهان ايماندار قوم آهيو ته سمجهبو ته توهان ڀَلَن ادارن جا پڙهيا ڳڙهيا سٺا انسان آهيو. انهيءَ ڪسوٽيءَ کي کڻي قومي ادارن جي سربراهن توڙي ننڍن وڏن ملازمن ۽ خدمتگارن جي پرک ڪري سگهون ٿا ته اسان جي ادارن مان ڪهڙيون انمول شخصيتون يا ماڻهو پيدا ٿيا/ٿي رهيا آهن، جن جو معاشري جي ترقي ۾ مثبت ڪردار عيان نظر اچي ٿو.

تعليم جو مقصد: تعليمي ادارن ۾ سيکاريو ويندو آهي ته انسان کي انسان ڪيئن ٺاهجي جنهن جي عمل ۽ ڪردار مان خوشبوءِ اچي. عظيم قومن جي سڃاڻپ جي هيءُ اهم نشاني هوندي آهي ته انهن جي اٿڻ، ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان ادب اخلاق جوگُڻ نظر ايندو آهي پنهنجي وطن جو، قوم جو، تهذيب جو، تاريخ جو، انسانيت جو قدر ڪيئن ڪجي. اسان جي قوم جي تاريخ رهي آهي جيڪو اسان کي وڏڙن سيکاريو آهي ۽ ماءُ به پنهنجي لولي سان گڏ پنهنجي ٿڃ پياريندي لولِي ڏني آهي ته وڏا ٿي غيرت مند، سخي، مهمان نواز ۽ ننگي پال ٿجو. تعليمي ادارن ۾ شعور جي پختگيءَ کان ويندي وطن جي حب انسانيت سان پيار قوم کي پنهنجو سمجهڻ جو فڪر ۽ فلسفو پڙهايو ويندو آهي. تازو مارچ 2026ع ۾ ٿيل هڪ واقعي جو ذڪر ڪجي ٿو ته سنڌ جي تعليم جي بهتري واسطي تعليمي امتحانن جا معاملا بورڊن جي حوالي ڪيل آهن. سڀني کي خبر آهي ته تعليمي بورڊن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي تازو مثال هيءُ آهي ته ميرپورخاص تعليمي بورڊ مان جعلي سرٽيفڪيٽن جاري ڪرڻ جي اسڪينڊل تي سنڌ حڪومت وڏو قدم کَڻَندي ملوث آفيسرن کي معطل ڪري اعليٰ سطح جي انڪواري لاءِ، بورڊن ۽ يونيورسٽين جي وزير اسماعيل راهو صاحب هڪ ٽه رُڪني انڪوائري ڪاميٽي مقرر ڪئي آهي جنهن ۾سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري کي انهيءَ ڪميٽيءَ جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي. ڏسون ته اها ڪميٽي پنهنجي جاچ ۾ هڪ مهيني دوران ڪهڙو نتيجو ٿي ڪڍي، جڏهن ته بورڊ جو گرفتار ملازم ڪيترائي جعلسازي ڪرڻ جا انڪشاف ڪري چڪو آهي ته هن بورڊ مان ڌارين کي جعلي سرٽيفڪيٽ ۽ امتحان ۾ ناپاس ٿيل ڪيترن ئي شاگردن کان پئسا وٺي پاس ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي تحقيقات ۽ ايف آر جي بنياد تي بورڊ جي اهم آفيسرن جنهن ۾ امتحانن واري ڪنٽرولر انور عليم خانزاده آءِ ٽي مئنيجر اعظم خان ۽ سپرنٽينڊنٽ ايڇ ايس سي سيڪريٽ محمد شاهد کي پڻ معطل ڪيو ويو آهي. هيءُ ڳالھه به عام آهي ته، سنڌ جي سمورن بورڊن ۾ مارڪون وڪرو ٿي رهيون آهن، انهيءَ ۾ ڪيتري صداقت آهي سو سڀ ڄاڻن ٿا. ملڪي ترقي ۾ ڪرپشن وڏي رڪاوٽ آهي جنهن قوم کي عذاب ۽ آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اسڪولَ، ڪاليجَ ۽ يونيورسٽيون ڇا هئا ۽ هن وقت ڇا بڻجي چڪا آهن. رياست جي اهم ذميواري آهي ته، هو برابري جي بنياد تي سموري ملڪ ۾ ٻارن ۽ نوجوانن کي بنيادي تعليم کان ويندي اعليٰ تعليم جا موقعا ميسر ڪري ڏيڻ سان گڏ انهن جي محنت ۽ قابليت جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ هرممڪن قدم کڻي ۽ غلط ڪم ڪرڻ تي سختي سان پيش اچي. سنڌ ۾ هارين، مزدورن، آفيسرن، سياستدانن ۽ واپاريُن وغيره جا ٻار ۽ نوجوان رياست جا پنهنجا ٻچا ۽ نوجوان آهن، ڇاڪاڻ جو نئون نسل ڪنهن به قوم جو قيمتي اثاثو هوندا آهن. اهي نوجوان پنهنجي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري سگهندا آهن، ڳالھه اها آهي ته رياست انهن کي برابري جي بنياد تي موقعا فراهم ڪرڻ جو حق ادا ڪندي رهي ٿي يا نه اهو سموري قوم آڏو آهي. پاڪستان جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪابه في مقرر ڪونهي انهيءَ سلسلي ۾ به، سنڌ صوبي جي رياست پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪو واکاڻ جوڳو عمل آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ سرڪار جا سرڪاري اسڪول ۽ ڪاليج مخصوص ماڻهن جي ڪاروبارلاءِ ته ڪونه جوڙيا ويا آهن ۽ نه وري ڪرپشن لاءِ، هي سرڪاري ادارا ڪرپشن کان پاڪ ۽ خدمت خاطر جوڙيا ويا آهن. سرڪاري تعليمي ادارن کي نج تعليمي مقصدن لاءِ جوڙيو آهي ته جيئن نوجوان تعليم حاصل ڪري پنهنجون صلاحيتون مُلڪي خدمت لاءِ ڪتب آڻين. افسوس ڪجھه هٻِڇي ذهانت جا ماڻهو انهيءَ مقصد کي غلط نموني سان ڪاروبار جو ذريعو بڻائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. تعليم جي تقاضا آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾شفافيت آڻڻ واسطي قدم کڻڻ جي ضرورت درڪار آهي. استادن جي مقررين ۽ بدليُن کي به، ڪجھه لالچي قسم جا ماڻهو پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن، جن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ جي به ضرورت آهي. آئون پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن جي ڳالھه ڪريان جيڪو منهنجي اکيُن اڳيان ٿي رهيو آهي. مثال: گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج محرابپور ۾ ايس اين ايز مطابق استادن جي مقرري ٿيل آهي، پر شاگردن جي تعليم واسطي نه آهي. هن ڪاليج ۾ مئٿ، زولاجي، انگلش، پاڪستان اسٽڊي جي استادن جي ضرورت آهي ليڪن ڪجھه اهڙن مضمونن جي استادن جي مقرري ٿيل آهي جن جا ڪلاس ٿيندا ئي ناهن اهڙيُن مقرريُن کي انتظامي حمايت حاصل ٿيل آهي. مثال: ڪاليج جي ڪلاسن جي جوڙيل ٽائيم ٽيبل مطابق انهن کي ورڪنگ پوزيشن ۾ ڏيکاريو ويندو آهي، اهڙي قسم جي مٿي رپورٽ ڏني ويندي آهي. هي ظلم ناهي ته ٻيو ڇا آهي. سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ گهڻائي انهن نوجوانن جي آهي، جن جا والدين پرائيويٽ اسڪولن ۽ پرائيويٽ سينٽرن جي مهانگي تعليم جا خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن ۽ وري مٿان بورڊن مان مارڪون خريد ڪرڻ جو سلسلو غريب والدين کي تعليم ڏيارڻ وارو جذبي کان مايوس ڪري رکيو آهي. اهڙين ناجائزيُن ۽ ناانصافي وارين ڳالهيُن جي ڪري نوجوان ۽ سندن والدين مونجهاري ۽ ڳڻتيُن جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ پنهنجن ٻارن کي اسڪول نٿا موڪلين جنهن ڪري سنڌ جا لکين ٻار ۽ نوجوان اسڪولن ۽ ڪاليجن کان ٻاهر آهن. هت هيٺ وري ڳالھه ورجايان ٿو ته بهتر تعليم جو حل انهيءَ ۾ آهي ته امتحانن مان بورڊن جي مداخلت ختم ڪئي وڃي. هائر سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سيمسٽر سسٽم لاڳو ڪري سمورا مونجهارا ختم ڪري والدين ۽ شاگردن جو سرڪاري تعليمي ادارن تي ڀروسو قائم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ۽ سموري ذميواري استادن تي رکي وڃي پوءِ ڏسون ته ڪيئن نٿا استاد ڪلاس وٺن ۽ ڪورس مڪمل ڪري سٺي زرلٽ ڏيڻ جا پابند رهن.

نتيجو: سنڌ جي استادن جي تعليمي ادارن ۾ سربراهن واريُن پوسٽن تي مقرري سينيارٽي ۽ تعليمي قابليت جي بنياد تي ڪئي وڃي. جونيئرن کي سينئرن مٿان نه ٿاڦيو وڃي. رياست ۽ معاشرو استادن تي اعتماد ڪري، آئون هڪ استاد جي حيثيت سان پوري يقين سان چوان ٿو ته ڪڏهن به استاد اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائڻ، ڊيوٽي ڪرڻ کان انڪار نه ڪندا ۽ نه وري شاگردن جي محنت ۽ قابليت کي نقصان ڏيندا ۽ پنهجون سموريون صلاحيتون شاگردن جي بهتر تعليم واسطي ڪتب آڻيندا. سنڌ جي بورڊن کان امتحاني سربراهي وارو ڪم ڪاليجن حوالي ڪيو وڃي. ايئن ڪرڻ سان سرڪار مٿان بورڊن جا اجايا خرچ ختم ٿي ويندا ۽ استاد اسسيمينٽ، ٽي اي ڊي اي ۽ ايڪسٽرنل ۽ انٽرنل جي ڊيوٽيُن وٺڻ واري ڊوڙ مان نڪري تعليمي سرگرميُون شروع ڪندا. بورڊن مان ڊگرين جي جعلي وڪري وارو داغ ختم ٿي ويندو. ڪاليجن ۾ سيمسٽر سسٽم لاڳو ٿيڻ سان ٻارن جي حاضري وڌندي، شاگردن سان ليبارٽريون، لائبريريون، راندين جا ميدان آباد هوندا. مطلب ته اهڙي عمل سان تعليمي ادارا تعليمي تجربيگاھ بڻجي پوندا. هرهڪ استاد پنهنجي پنهنجي مضمونن جا ڪورس ورڪ مڪمل ڪرڻ جا پرنسپل ۽ هيڊ اڳيان جوابده هوندا ۽ پڙهائيءَ ۾ مصروف رهندا. آئون پختي يقين سان چوان ٿو استادن ۽ شاگردن کي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي وقت تعليمي ادارن مان ٻاهر نه ڏسندئو. اڄ دنيا نون تجربن سان پنهنجون گهرجون پوريون ڪري رهي آهي هر فرد وسيلن کي وڌائڻ جا جتن ڪري رهيو آهي.

***