سنڌي ٻوليءَ جو نثري ادب شاهوڪار ۽ لازوال ادب آهي، جنهن ۾ سراج علي بابا، آغا سليم جهڙا قدآور ناول نگار موجود آهن ته اتي وري امر جليل، نسيم کرل، جمال ابڙو، نورالهديٰ شاھ جهڙا ڪهاڻيڪار، عبدالقادر جوڻيجو جهڙا ڊراما نگار، علي محمد راشدي، لڇمڻ ڪومل جهڙا جيون ڪٿا لکندڙ، پليجو صاحب، آريسر صاحب، جامي چانڊيو جهڙا مضمون نگار شامل آهن. انهن جي لکڻين جا چونڊ ٽڪرا سنڌي ادب جي تاج محل جا چمڪندڙ ستارا آهن جيڪي سنڌو درياءَ جي سدا مست لهرن جا وهڪرا ۽ جيڪي دلين جي ڪچن کي ٻوڙيو ٻيلاٽيون ڪريو ڇڏين، ڪاش دنيا انهن اکرن جي سحر کي سمجهي سگهي ها. بقول علامه آءِ آءِ قاضي ته،
“مٺيس جهل مهار، ڪٺيس ڪاهي م ڪرهو.”
ان مٺيس ۽ ڪٺيس جو آئون درد انگريزي ۾ ڪيئن سموئيان. منهنجي ڊائريءَ ۾ محفوظ ٿيل اهي نوٽ پڙهندڙن جي نانءُ ڪيان ٿي. آغا سليم جي ناول، “اونداهي ڌرتي روشن هٿ” جو حصو پهريون.
ٻيڙي ڪناري لڳي، مسافر هڪ هڪ ٿي لهڻ لڳا، سارنگ پنهنجي ڳنڍ ڪلهي تي رکي ۽ ٻيڙيءَ تان لهي ڪناري تي ٿي بيٺو، هن اکيون کڻي سامھون نهاريو، سامهون موهن جو شهر هو. شهر جي چوڌاري نيڻ نهار تائين سايون سايون ٻنيون هيون ۽ پاسي کان سنڌو وهي رهيو هو. موهن شهر جا ماڻهو سنڌوءَ کي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. اهو درياءَ چنڊ مان وهي ٿو سندس پاڻي پگھريل چانڊوڪي آهي، جيڪا اڃايل ڌرتيءَ جي پورن ۾ پيهي، سونا سنگ بڻجي فضائن ۾ جهولندي آهي. ڪي وري چوندا هئا ته: هڪڙي اوچي ۽ برف سان ڍڪيل جبل ڌرتيءَ جي ارهه مان ٿڃ سيرون ڪري وهندو آهي ۽ سنڌوءَ جي صورت ۾ پنهنجي ٻچڙن جي بک ڀڃندو آهي… سج اولھه ۾ لڪو ۽ آسمان ۾ جهڙ جي ٽڙيل پکڙيل ٽڪرن ۾ باھ جا الا ڀڙڪي پيا. الن جي اولڙي ۾ درياءَ ۾ ترندڙ ٻيڙين جا سڙھ ۽ شهر پناھ جون جايون جرڪڻ لڳيون. پريان مينهُن، ڳئن ۽ ٻڪرين جا ڌڻ، کير سان ڀريل ڇاڳلون ڇلڪائيندا، کرن سان ڌوڙ اڏائيندا، ٽليون ۽ چڙا وڄائيندا، شهر ڏانهن اچي رهيا هئا. ڌڻن جي پٺيان ڌنار بانسري وڄائيندو ٿي آيو. بانسري جا سُرَ فضا ۾ ائين تري رهيا هئا، جيئن سنڌوءَ ۾ سڙھ! عورت جي ڇاتيءَ مان کير جي سيرَ ٻارڙي جي منهن تي پئي. ٻارڙي هونگڙي ڏني، ڳٽڪيو ۽ پوءِ پتڪڙن هٿن سان ماءُ جو ارهه جهلي کير پيئڻ لڳو.
“بت تراش آن؟”
“مڙيئي پٿر ٽڪيندو آن. تنهنجون مورتيون ڏٺم ته انهن هٿن کي ڏسڻ جي آس جاڳي پئي، جن جي ڇهاءَ سان پهڻ پساھ کڻڻ لڳندا آهن. سچ پچ ته مان تنهنجي مورتين کي ساھ کڻندي ڏٺو آهي. مان هنن جي سيني ۾ جيئري جاڳندي دل کي ڌڙڪندي ٻڌو آهي ۽ سندن رڳن ۾ ڳاڙهي ڳاڙهي رت کي ڊوڙندو ڏٺو آهي. ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو آ. مان به پنهنجي آڱرين جون اجهاڻيل ڏياٽيون تنهنجي آڱرين جي جوت سان جرڪائڻ جي آس کڻي آيو آن.”
“ڏات اٿي پر ڏانء نه ٿي. تون تمام وڏو بت تراش ٿي سگھين ٿو.” “ڪيئن…؟”
“ڏات رت پيئندي آهي، ننڊ ۽ سپنا ڏات کي ڏانءُ ڏيڻا پوندا آهن، تڏهن جيءَ ۾ جوت جلندي آهي.” “مورتيون ٺاھ نه، پر مورتين کي جنم ڏي.”
هاڻي هن کي پڪ ٿيندي وئي ته هو ڪڏهن به ماڻڪ جهڙو بت تراش ٿي نه سگهندو. ڪڏهن به ڪنهن مورتيءَ کي جنم ڏيئي نه سگهندو. چوڏهينءَ جو چنڊ کڙيو ته نوجوان داسيون سينگار جو سامان کڻي هن جي چوڌاري اچي بيٺيون.
ھن سڀني کان لڪي لڙڪ اُگهيا ۽ داسين سان گڏ شهر جي وڏي تلاءُ ڏانهن رواني ٿي. داسين جي وچ ۾ هوءَ ائين ٿي لڳي، جيئن ديسن ۾ سنڌ ديس، جيئن شهرن ۾ مُهنَ جو شهر. جيئن دريائن ۾ سنڌو درياءَ ۽ جيئن دلين ۾ محبت ڪرڻ واري دل!
ھن جي اڳيان ٻه داسيون، پتل جي ٿالهيءَ ۾ اٽي جا ڏيئا ۽ ڪنول جا گل کڻي هلي رهيون هيون ۽ هن جي پٺيان هلندڙ داسين مان هڪڙي داسيءَ جي ٻانهن تي کنهبو وڳو پيو هو، جنھن تي سوني سُئيءَ سان زرتار جو ڀرت ڀريل هو. ٻي داسيءَ جي هٿ ۾ تيل جي ٿالهيءَ ۾ عاج جي ڦڻي، سرمي داڻي ۽ سرائي، پتل جي آرسي، پتل جي وٽيءَ ۾ منهن تي مَلڻ جو کنهبو ٻورو پيو هو. ٽين داسيءَ جي ٿالهي ۾ سونن داڻن ۽ سونن سڳن جي چيلهڪي، سون جي سنهن پٽن جا چيلهبند، چوٽيبند، چوٽي گل، سون جا ڪنگڻ، عاج جي ٻانهين، سوني نٿ ۽ ٻيا ڳَهڻا پيا هئا. تلاءُ وٽ پهچي، اڳيان اڳيان هلندڙ داسين، تلاءُ جي چئني ڪنڊن تي چار ڏيئا رکيا، ڪنول جا گل تلاءُ ۾ اڇلايائون، سنڌوءَ جا هڪ هڪ ڪري ڪپڙا لاٿائون ۽ کيس تلاءُ ۾ وهنجارڻ لڳيون. تلاءُ ۾ ترندڙ چنڊ جو پاڇو سنڌوءَ جي اگهاڙي بت جي ڇهاءَ سان ڏڪڻ، ڪنبڻ ۽ لهرن ۾ لڙهڻ لڳو ۽ ڪنول جي ٻن سدا ٽڙيل گلن سان اکٻوٽ راند کيڏڻ لڳو.
سنڌو وهنجي ٻاهر نڪتي. سڀني داسين گڏجي هن کي ويس ڍڪايا، چوٽيون ڳُتيائون ۽ ڳهڻا پارائي، ساٺ سينگار ڪري، پالڪيءَ تي چاڙهي کيس محل ۾ وٺي آيون. اوچتو دهل تي ڏوئنڪو لڳو ۽ ميڙ مان هڪڙي ڪنواري واسينگ وانگر وٽ کائيندي سامهون آئي ۽ باھ جي الن جي اولڙي ۾ نچڻ لڳي. هن جي مڌ ماتن نيڻن ۾ مها پوڄارڻ بڻجڻ جي آس جو اولڙو ٿي جرڪيو. دهل جي ڌم ڌم تي هن جو انگ انگ سَنڌ سَنڌ نچڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳو. آخر جڏهن هوءَ نچي نچي ٿڪي پئي، تڏهن هن ڪنڌ جهڪائي مها پوڄاري کي پرنام ڪيو ۽ ٿڪل وکون کڻندي ميڙ ۾ موٽي وئي. آخر جڏهن چنڊ جي چانڊاڻ ماڪ ۾ ڀني، تڏهن سنڌو ڇير پائي اڳتي وڌي. مها پوڄاريءَ جي اڳيان ڪنڌ نوايائين ۽ پوءِ ڪنڌ ڦيري ميڙ ۾ بيٺل ماڻهن ڏانهن نهارڻ لڳي. اوچتو سندس اندر ۾ وڄ وراڪو ڏنو ۽ سندس انگ نچڻ لڳا.
سارنگ مڌ جون جمنيون پي مست ٿي ويو هو. سندس اکين تي مڌ جا کيپ چڙهي ويا هئا، پر سنڌوءَ کي نچندو ڏٺائين ته اکين تان مڌ جا کيپ لهي ويس ۽ هو تارا ڦاڙي سنڌوءَ کي نچندو ڏسڻ لڳو. سنڌوءَ جو سارو بت ائين لهرائي رهيو هو، ڄڻ سنڌو مستيءَ ۾ وهي رهيو هو. سندس جوڀن ڄڻ سنڌوءَ جي موج، ڄڻ سنڌين جي فوج! سندس سَنڌ ڳالهائڻ لڳا… سنڌو مستيءَ ۾ وهي رهيو هو. هارين هر سانباهيا هئا، ڪنواريون چرخا ڪتڻ لڳيون، ٻارڙا هونگڙيون ڏيڻ لڳا.
اوچتو هن جي ڇاتي سانوڻيءَ جي درياءَ وانگر اٿلون ڏيڻ لڳي. ٻانهون سنڌوءَ جي ڇوہَ ڀرين ڇولين وانگر ڦٿڪڻ ۽ لڇڻ لڳيون. بت کي ڦيراٽيون ڏنائين، ڄڻ سنڌوءَ جي ڪنن ڪڙڪا ڪيا. اکيون ڪروڌ ۾ ٽانڊن وانگر ٻرڻ لڳيون. سنڌو، ڪنارا ڀڃي رهيو هو. مها پوڄاريءَ وڏي واڪي چيو: “اسان تي ٻاجھه ڪر سنڌو! اسان جون ٻنيون نه ٻوڙ، اسان جي ونين کان مرڪ نه کس، اسان جا مرد هر ڪاهي رهيا آهن، ڪنواريون چرخا ڪتي رهيون آهن. ٻارڙا هونگڙيون ڏيئي رهيا آهن. اسان تي ٻاجھه ڪر سنڌو!!”
سڀئي مرد ۽ عورتون هيسيل هانَون سان مها پوڄاريءَ جا اکر ورجائڻ لڳا… گهڻي دير تائين سنڌو ڦٿڪندي، لڇندي ۽ پاڻ پتوڙيندي رهي. ھوري ھوري سندس جوش ڍرو ٿيڻ لڳو. وري هن جا هٿ ڳالهائڻ لڳا. هن جو بدن هوريان هوريان لهرائڻ لڳو، ڄڻ سندس سَنڌ سونا سنگ هئا، جيڪي ڪنهن جواڻ مرد جي ڇُهاءَ جي سيڪ ۾ پچي راس ٿيا هئا ۽ هير جي هندوري ۾ جهولي رهيا هئا. سندس چپن تي مرڪ هئي، ڄڻ ساري سنڌ ٿي مرڪي، سڪار ٿي مرڪيو، پورهيتن جو پگهر ٿي مرڪيو. هن هڪڙي هٿ کي ڏاٽي جي صورت ڏني، ٻئي هٿ سان خيالي سنگ کي جهلي، ڏاٽي سان لڻيو. چوطرف هوڪار مچي ويا، دهل وڄڻ لڳا ۽ سنڌو مست ٿي نچڻ لڳي.
اي شڪتي،
تون روشني آهين.
تون اونداهيءَ جي سيني کي چيري ائين ڦٽندي آهين جيئن ڌرتيءَ مان سلا ڦٽندا آهن،
جيئن ماءُ جي ارهن مان ٿڃ جا گوها نڪرندا آهن،
جيئن اونداهيءَ ڪُک مان ٻار نڪرندو آهي.
تنهنجي ڇهاءَ سان سنگ ائين پچندا آهن،
جيئن مڙد جي ڇهاءَ سان ڪنواريءَ جو جوڀن.
تون اسان جي ڪنڀرن، سنگتراشن ۽ هنرمندن جي هٿن جي سونهن آهين.
تو جنسار کي چڪ تي ائين ٺاهيو آهي،
جيئن ڪنڀار ٿانوَ ٺاهيندو آهي.
تو روشنين ۽ رنگن جي پٽ- ڌاڳن سان جنسار کي چرخي تي ڪتيو آهي.
تون ڌرتي ماءُ آهين.
تنهنجي ارهن مان درياءَ ٿا وهن،
اي ڌرتي ماءُ،
اسان جي ٻنين ۽ ونين جون ڪُکيون سدا سايون رَکُ.
سارنگ مستيءَ ۾ جهومندو، ٿيڙ کائيندو، گهر ڏانهن روانو ٿيو. اڄ هن جي چت ۾ ڇيريون ٿي ڇمڪيون ۽ هزارين مورتيون بدن کي لهرائي، ٻانهن کي ورائي هن جي اڳيان ٿي نچيون. ساھ سان هيٺ مٿي ٿيندڙ جوڀن ڄڻ سنڌوءَ جي موج. ڄڻ سنڌين جي فوج! گهر اچي هن تيشي ۽ ڇيڻي کنئين ۽ پٿر ڇلڻ ويٺو. ھوري ھوري پٿر مان هڪڙي مورتي ڪر موڙي جاڳي پئي ۽ هن جي سامهون نچڻ لڳي. سارنگ ڊوڙندو ماڻڪ وٽ ويو ۽ هن کي ٻانهن کان وٺي پنهنجي مورتيءَ جي سامهون آڻي بيهاريائين. ماڻڪ اچرج ۾ پئجي مورتيءَ کي ڏسندو رهيو. هو ان مورتيءَ مان ڇير جو ڇمڪو، ساھ جو سهڪو ۽ دل جو دهڪو ٻڌي رهيو هو. ماڻڪ سارنگ جي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيائين: “مان سچ چيو هو ته مان تنهنجي ڳالهين مان ڪنهن وڏي بت تراش جي ڇيڻي ۽ تيشيءَ جا آواز ٻڌي رهيو آهيان. تون تمام وڏو بت تراش آهين. تنهنجي شروعات منهنجي پڄاڻي آهي.”
اوچتو ڇير جو هلڪو ڇمڪو ٿيو، ڄڻ ڪنهن سياڻي جي سوچ ۾ سوجھرو آيو، ڄڻ ڪنهن ڪويءَ جي دل ۾ ڪوتا ڪر موڙيا، ڄڻ ڪنهن سنگتراش جي دل ۾ مورتي لٿي. جڏهن به هن جي دل ۾ ڪا نئين مورتي لهندي هئي ته هن جي ساري وجود ۾ ائين ئي ڇير جي هلڪي ڇمڪار ٿيندي هئي ۽ هو بيچين ٿي ويندو هو. هن جي بيچيني ان عورت جي بيچيني جهڙي هوندي هئي، جنھن جي نئين نڪوري سپي، ٻوٽيل چپ پٽي، مينهن ڦڙي جهٽي ان کي موتي بنائڻ لاءِ آتي هوندي آهي. شايد ڪنھن گرڀ وتي عورت جي پهرين سورن جي لئه به اها ئي هوندي… هو تيشي ۽ ڇيڻي کڻڻ لاءِ اٿيو ته سامهون در وٽ سنڌوءَ کي بيٺل ڏٺائين… ڇا اها واقعي سنڌو هئي يا هن جو سپنو سنڌوءَ جو روپ اختيار ڪري، هن جي سامهون بيٺو هو. ڇير جو وري هلڪو ڇمڪو ٿيو ۽ ڇير جي آواز کان به وڌيڪ مٺڙو آواز اُڀريو. “بت تراش، مان ٻڌو آهي ته تو منهنجي اهڙي ته سهڻي مورتي ٺاهي آهي، جو ماڻهو ڏيساورن کان اها مورتي ڏسڻ ايندا آهن. اڄ مان به اها مورتي ڏسڻ آئي آهيان.”
“سنڌو ديوي، مان تنهنجي سندرتا جي ھر روپ کي هنن آڱرين سان مورتيءَ جي صورت ڏيندس ۽ تنهنجي سندرتا کي امر بڻائيندس. ماڻهو توکي ديوي ڪري پوڄيندا، سهاڳـڻيون تنهنجي مورتيءَ کي کير ۾ ڌوئي پيئنديون ته جيئن هنن جي ڪک مان به اهڙي ئي سندرتا جنم وٺي. هاري تنهنجي مورتيءَ کي پنهنجي ٻنين ۾ رکندا ته جيئن سندن ٻنيون به تنهنجي جوڀن جهڙيون جوڀنيڪ ٿين ۽ جڏهن به سنڌو ڪروڌ ۾ اچي ٻوڏون ڪندو ته ماڻهو تنهنجي مورتيءَ کي سنڌوءَ جي سير ۾ وجهندا ۽ سنڌو تنهنجي سونهن ڏسي سانت ٿي ويندو.”
هن جي کليل پيشانيءَ تي وکريل وارن کي، هن جي انهن ڪارين گهرين اکين کي، جن ۾ سندس ئي صورت جرڪي رهي هئي. انهن اکين ۾ اها ئي سندرتا هئي، جنهن سان سارنگ هن کي ڏٺو هو ۽ ان سندرتا کي پٿر ۾ اوتي، هن کان به وڌيڪ سندر مورتي گهڙي هئي.
“مان سنگتراش آهيان ۽ تون منهنجي ڏات آهين. تنهنجي ۽ منهنجي ميلاپ مان ئي سونهن جنم وٺندي ۽ امر ٿيندي. هن ڌرتيءَ تي ڏاڍي بدصورتي آهي. بدصورتي ماڻهن جي روحن ۾ پيهي ويئي آهي. اچ ته ماڻهن کي هڪ نئين سونهن ۽ نئين سندرتا سان آشنا ڪريون. ماڻهپي جي سونهن، انساني ڀائپيءَ جي سندرتا، ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ سان هڪ جهڙائيءَ جي سونهن! ماڻهن کي سونهن جا نوان آدرش ڏيون ته جيئن هو هن ڌرتيءَ تان بدصورتيءَ کي مٽائي ڇڏين. پنھنجي روحن مان بدصورتي کي ڪوري ڪڍن.”
سنڌوءَ سارنگ جي اکين ۾ نهاريو ۽ هن کي سارنگ جي اکين ۾ اهڙي سونهن نظر آئي، جنھن سان ساري سنڌ ٿي جرڪي، ساري ڌرتي ٿي جرڪي، انسان جو آئندو ٿي جرڪيو.آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. رکي رکي وڄ ٿي چمڪي اونداهي جو سينو چيري ٿي ڇڏيائين. ڪڪر پاڏن جيان ٿي رنڀيا. سنڌو پنهنجي محل ۾ ويٺي هئي. هن جي اندر ۾ عجيب آنڌ مانڌ هئي. وَر وَر ڪري سارنگ جي صورت سندس دل تي تري ٿي آئي. کليل پيشانيءَ تي وکريل وار. ڪاريون گهريون اکيون، جيڪي هن جي اکين جون چائنٺون اورانگھي، هن جي دل جا دروازا کڙڪائي رهيون هيون. هن جي دل جي مندر ۾ مها پوڄاريءَ جي مورتي پئي هئي ۽ هوءَ گوڏا کوڙي، ڪنڌ نوائي، اکيون بند ڪري، ٻانهون ٻڌي، مها پوڄاريءَ جي مورتيءَ جي پوڄا ڪري رهي هئي، پر سارنگ پنهنجي تيشيءَ سان هن جي دل جا دروازا کڙڪائي رهيو هو. اوچتو دروازن جا تاڪ پٽجي ويا، مها پوڄاريءَ جي مورتي اونڌي منهن اچي پٽ تي ڪري، هن ڇرڪي سامهون نهاريو. سامهون سارنگ بيٺو هو. هن جي چپن تي مُرڪ هئي ۽ هو آهستي آهستي هن ڏانهن وڌي رهيو هو. ويجهو اچي سارنگ هن کي ٻانهن کان جهليو ۽ آهستي آهستي وٺي آڻي ان دڪاڻيءَ تي ويهاريو. جتي ٿوري دير اڳ مها پوڄاريءَ جي مورتي رکي هئي. پوءِ هو گوڏا کوڙي، ڪنڌ جهڪائي، هٿ ٻڌي، هن جي پوڄا ڪرڻ لڳو. ڪڪرن ۾ گاج ٿي، سنڌوءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. هوءَ ٽپ ڏيئي اٿي، بت کي چادر ويڙهي، هوءَ وسندڙ مينهن ۾ سارنگ ڏانهن رواني ٿي.
“مون کي پڪ هئي ته تون مون وٽ ايندينءَ، ڇاڪاڻ ته اسين ٻئي هڪ ٻئي جي پورائي آهيون.” سارنگ هن کي سامهون ويهاريو ۽ هن جي جسم جي انگن ۽ ونگن کي پٿر مان اڀارڻ لڳو.
هاڻي هر رات جو جڏهن شهر ۾ سانت ڇائنجي ويندي هئي، تڏهن سنڌو لوڪ کان لڪي سارنگ وٽ ايندي هئي ۽ سارنگ هن جون مورتيون ٺاهيندو هو. سنڌو هن جون اهي آڱريون چمندي هئي، جنھن مان روشني ڦٽندي هئي ۽ پٿر ۾ پيهي سنڌوءَ جي مورتي ٿي ويندي هئي.
هڪڙي رات سنڌو سارنگ وٽان موٽي ۽ پنهنجي ڪمري جي چائنٺ مس ٽپي ته سامهون ويٺل مها پوڄاريءَ تي نظر پيس. هن جو ساھ ئي سڪي ويو. يڪدم گوڏا کوڙي، هٿ ٻڌي، ڪنڌ نوايائين. وڏي پوڄاري جو گجندڙ آواز گونجيو:
“سنڌو تون مون کي دوکو ڏيئي سگهين ٿي، پر ديوتائن کي دوکو ڏيئي نٿي سگھين. ديوتائن مون کي ٻڌايو آهي ته رات جو اونداهيءَ ۾ تون ڪيڏانهن ويندي آهين. تنهنجو هي هار سينگار ڪنهن لاءِ آهي ۽ تنهنجي انگ انگ کي، جنهن کي صرف مها پوڄاريءَ کي ڇهڻ جو حق آهي، ڪنهن ڇهيو آهي.”
“سائين، مون ڪو پاپ نه ڪيو آهي.”
“پاپ ڇا آهي ۽ پڃ ڇا آهي، اھو مون کان ۽ ديوتائن کانسواءِ ڪو به نٿو ڄاڻي. تو هڪڙي ڪين جهڙي بت تراش سان پيار ڪري مها پوڄاريءَ کان ويساھ گهاتي ۽ مها پوڄارڻ جي رتبي جي گهٽتائي ڪئي آهي.”
سنڌو پنهنجو جهڪيل ڪنڌ مٿي کنيو ۽ مها پوڄاريءَ جي اکين ۾ اکيون کپائيندي چيائين: “سائين، جنھن کي اوهين ڪين جهڙو سنگ تراش ٿا چئو، تنهن جو رتبو ديوتائن کان به مٿانهون آهي. هن جون آڱريون اهڙيون ڏياٽيون آهن، جن مان شڪتي ديوي روشني بڻجي ڦٽندي آهي.”
“ديوتائن لاءِ اهڙا اکر اچاري تون ديوتائن جي ڪروڌ کي سڏي رهي آهين. جي اڄ کان پوءِ تون هن وٽ وئين ته مان هن جي آڱرين جون ڏياٽيون اجهائي ڇڏيندس، جو اها ئي ديوتائن جي مرضي آهي.”
مها پوڄاريءَ سارنگ کي پاڻ وٽ سڏايو هو. سارنگ سوچيو ته الائجي ڇو مها پوڄاريءَ هن کي سڏايو هو. شايد مها پوڄاريءَ کي هن ۽ سنڌوءَ جي پيار جي خبر پئجي وئي هئي. سنڌو مها پوڄارڻ نه هئي، پر هن جي ڏات هئي ۽ ڏات سان پيار ڪرڻ ڏوھ آهي ته پوءِ دنيا جا سڀ سنگتراش ڏوهاري آهن، جن پنهنجي ڏات سان پيار ڪري، سونهن سوڀيان کي جنم ڏنو آهي. هو پنهنجي ڏات لاءِ جيئندو ۽ ڏات لاءِ ئي مرندو… هن پنهنجا وکريل وار سنواريا، ڇريل چادر بت کي ويڙهيائين ۽ مها پوڄاريءَ جي محل ڏانهن روانو ٿيو.
سارنگ کي مورتيءَ جي اڳيان آندو ويو. هن جا ٻئي هٿ مورتيءَ جي اڳيان رکيل اڏيءَ تي رکيا ويا. ڪهاڙو چمڪيو ۽ رت اڏيءَ تان اڏامي مورتيءَ تي پيو. سارنگ دانهن ڪئي، وٽ کاڌا، لڇيو، ڦٿڪيو ۽ پوءِ بيهوش ٿي ويو.
اوچتو گهوڙن جي هڻڪار ٿي، رڻ گجيو، راڙو ٿيو، ڪانَ ڪَڙ ڪَڙ ڪندا ڪُکن ۾ لڳا. ھر طرف دانهون، رڙيون، موت ئي موت! سايون ٻنيون سڙڻ لڳيون، رت ريلا ڪري وهي ڇڙيو. مھين شهر تي ڌارين حملو ڪيو هو.
آغا سليم ناول جي هن پهرين حصي ۾ جيڪو نقش چٽيو آهي. سو نه رڳو لفظن، جملن ۽ پئراگرافن جو شاهڪار آهي، پر اهو هڪ مها تخليقڪار جي ڏات جو پڻ لازوال مثال آهي.
آغا سليم تاريخ جي ڪک مان ماضي، حال ۽ مستقبل جون نه رڳو حسناڪيون ميڙي مُٺ ڪيون آهن، پر هن انساني چالاڪين، مذهبي چالبازين کي پڻ وائکو ڪيو آهي. انسان جيڪو مها پوڄاري هجي، پوپ هجي، پادري هجي يا ملون هجي، هن هميشه مقدس ڪتابن ۽ مذهب کي پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪيو آهي. بس هر دور سان گڏ سندس روپ بدلجي ٿو.