ڪهاڻيونڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: باغ

انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ وڏيري حاجياڻي جي گهر کانسواءِ ڪنهن جو به گهر پڪين سرن جو ٺهيل نه هو، سندس گهر جي ڪوٺين ۽ ورانڊي کانسواءِ ٻاهريون اڱڻ ڪچو هوندو هو.ڳوٺ به انهيءَ جي نالي پٺيان سڃاتو ويندو هو، پر سڄي تر ۾ اهو ڳوٺ “مائيءَ جو ڳوٺ” جي نالي سان مشهور هو. هو هڪ نيڪ مائي هئي. ڳوٺ ۾ هن ڪنهن تي به وڏيريءَ وارو رعب نه ڪيو، پنهنجي گهر جو ڪم ڪار به هوءَ پاڻ ڪندي هئي ۽ ڏکي سکي ۾ ڳوٺاڻن جي ڪم به ايندي هئي. صبح جڏهن مال جي ڳچيءَ مان رسا ڇوڙبا هئا، ڌراڙ ٻڪرين ۽ مينهن لاءِ ايندا هئا ته هو به نماز مان واندي ٿي لسي ولوڙڻ ۾ جنبي ويندي هئي. ڳوٺ جون ڪيتريون ئي مايون لسي لپ لاءِ هن وٽ پهچي وينديون هيون، پر هن ڪنهن به مائي جي ٿانو کي ڪڏهن خالي نه موٽايو. مال جي چڙن جو راڳ جڏهن منهنجي ڪنن تي پوندو هو ته آئون به سجاڳ ٿي پوندو هئس. صبح جو سج اڃان اڀرندو ئي مس هو ته ڳوٺاڻا چانهه ڍڪ پي ڪمن ڪارين ۾ لڳي ويندا هئا. ڪو هٽ کوليندو هو، ڪو ٻني ٻاري جي ڪندو ته ڪو وري شهر ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ نڪري ويندو هو. مايون گهر جي ڪم ڪار ۾ رڌل هونديون هيون. ڳوٺ ۾ رڳو مسلمان آباد ڪونه هئا، پر هندن جا به تمام گهڻا گهر هئا، پر ڳوٺ ۾ ڪڏهن اهڙو خيال ڪنهن کي به نه آيو ته ڪو اسين ڳوٺاڻا هندو يا مسلمان آهيون.

اسان جي ڳوٺ جي اوڀرندي ۽ ڏاکڻي پاسي کان ٻنيون هيون. اتر ۾ واريءَ جا وڏا دڙا هئا. برسات جي ڏينهن ۾ اهي واريءَ جا دڙا برسات جي پاڻي کي ڳوٺ ڏانهن وڌڻ کان روڪيندا هئا. اولهندي پاسي جتي اسان جي وڏيريءَ جو گهر هوندو هو، انهيءَ کان ٿورو پريان انبن جو باغ هوندو هو ۽ اتي نم جا به ڪجهه وڻ هئا، جڏهن انب ٻور جهليندا هئا ۽ نم به ڦولاربا هئا ته سڄي ماحول ۾ سڳنڌ ئي سڳنڌ هوندي هئي. انبن جو باغ مون کي ڏاڍو وڻندو هو. جڏهن باغ ۾ انبڙيون ٿينديون هيون ته آئون پنهنجن دوستن سان گڏجي اهي پٽڻ ۽ هيٺ پٽ تي ڪريل انبڙيون ميڙڻ لاءِ ويندو هئس، پر باغ جي رکوال چاچي علي احمد کان جام ڊپ ٿيندو هو. هو هڪل ڪندو هو ته جهول ۾ گڏ ڪيل انبڙيون اتي ڇڏي اسين سڀ وٺي ڀڄندا هئاسين، پر جڏهن هو هيڏانهن هوڏانهن ٿيندو هو ته اسين وڻن جي ڇانو ۾ ويهي وڻن جي ٽارين تي ويٺل طوطن ۽ ڪوئل جون ٻوليون ٻڌندا هئاسين ۽ طوطن جون ٽڪيل انبڙيون به زمين تان ميڙي کائڻ شروع ٿي ويندا هئاسين. اهو باغ هڪ الڳ دنيا هئي، جنهن ۾ گهاٽا انبن جا وڻ ڄڻ ته اسان ٻارن جا دوست هوندا هئا. جن جو ميوو اسان لاءِ ڪا من و سلوا هو. پريان کان ائين لڳندو هو انهيءَ ۾ اندر گهڙڻ کانپوءِ ماڻهو وڃائجي ويندو، پر اندر جيئن وڻن جي ڇانو ۾ اچبو هو ته ڄڻ اسين باغ جي ڀاڪر ۾ اچي ويندا هئاسين. اسان جو انهي باغ ۾ وڃڻ رڳو انهيءَ مند ۾ نه ٿيندو هو، جڏهن انهيءَ ۾ انبڙيون لڳنديون هيون، پر انهيءَ کانسواءِ به لڏندا لمندا اتي پهچي ويندا هئاسين.

هونئن ته ڳوٺ ۾ ڪيئي نيڪ مرد هئا، پر ڪاڪو الهوڌايو ڄڻ ته سموري ڳوٺ جو نڪ هو، مڻيادار ملوڪ مڙس، جنهن وٽان ڪنهن کي ڪا تڪليف نه آئي. مرڻي پرڻي ۾ سدائين پيو هر ڪنهن جو ٻانهن ٻيلي ٿيندو هو. سندس پٽڪي جي ور کي سدائين اسان هڪجهڙو ڏٺو جنهن ۾ ڪو فرق نه آيو. ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي به پٽڪو ٻڌڻ هن ئي سيکاريو هو. سندس منهن تي سدائين اڇي سونهاري سنواريل هوندي هئي، شهپر به سهڻا هئس. منهن ۾ جيڪا ڏيا هئي سا ڪڏهن به جهڪي نه ٿي، ڳالهين جو ڳهير ۽ ڪچهري جو ڪوڏيو هو. ڳوٺ جي اوطاق تي جيڪي مهمان ايندا هئا سي جيڪڏهن ڪاڪي الهوڌائي جي ڪچهري نه ڪن ڄڻ سندن اچڻ ئي اجايو ٿيو. هن وٽ ڪيئي قصا ڪهاڻيون هيون، پاڻ زماني جو ماڻهو هو سو چوندو هو ته اسين ماڻهن جا ڌنار آهيون. منهنجي ناني سان سنگت هوندي هئس، پاڻ ۾ گهاٽا يار هئا. ڳوٺ جي ڪچي ۽ چن واري مسيت جا نمازي به اهي ئي سادا ڳوٺاڻا هئا. مسيت ڇا هئي هڪ گنبذ، چوديواري سرن جو ٽٽل ڦٽل اڱڻ ۽ وضو ڪرڻ لاءِ مٽيءَ جا ٻه ٽي ڪرا اڱڻ ۾ پيا هوندا هئا. ڪاڪو الهوڌايو مسجد جي ٺهيل ڪچي ڏاڪڻ تي ٿورو مٿي بيهي ٻانگ ڏيندو هو. امامت به پاڻ ئي ڪندو هو، تڏهن ڳوٺن ۾ مسجدون فرقن ۾ ورهايل نه هونديون هيون ۽ نه ئي ڪو ملون لائوڊ اسپيڪر تي وڏي واڪي ٻئي فرقي جي ماڻهن کي مارڻ لاءِ فتوائون جاري ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته انهيءَ ڪچي مسيت اندر ئي جهرڪين آکيرا به ٺاهي ڇڏيا هئا جيڪي نماز هلندي به ڦيرا پيون ڏينديون هيون. مسيت ڪچي هئي، پر انهيءَ جا نمازي پڪا هئا، سندن نيتون بنهه پاڪ ۽ صاف.

ڳوٺ ۾ ڪڏهن به اهڙو جهيڙو نه ٿيو جنهن لاءِ پوليس کي وچ ۾ اچڻو پيو هجي. عورتن جي ڏند چڪ ضرور هوندي هئي، پر اهي به سج لهڻ کانپوءِ پرچي وينديون هيون. مائي حاجياڻي جي ننهن زيبو هئي. اها جواڻ جماڻ ملوڪ مائي هئي. رنگ جي ڳوري، بت ڀريل، اکين ۾ سدائين ڪجل هوندو هئس، جڏهن به مساڳ سان پنهنجا ڏند صاف ڪندي هئي ته هن جا سڌا سريکا ڏند هرک وانگر اڇا ٿي ويندا هئا ۽ سندس چپن تي مساڳ جو رنگ وري ايندو هو. هوءَ وارن ۾ تيل هڻي وچان سينڌ ڪڍندي هئي، پر منجهس هڪ خراب ڳالهه هئي، هوءَ سگريٽ پيئندي هئي اهو به سوپاري سان. سندس وات ۾ سوپاري هوندي هئي ۽ سگريٽ جا ڪش هڻندي رهندي هئي، پر هوءَ تڏهن به سهڻي لڳندي هئي. سگريٽ هن جي آڱرين ۾ آهستي آهستي هر ڪش تي ننڍو ٿيندو ويندو هو. سندس وات  ۽ ناسن مان نڪتل دونهون ور وڪڙ کائيندو هوا ۾ پکڙي گم ٿي ويندو هو. مون کي اهو سڀ ڪجهه انهي ڪري به ياد آهي جو ننڍي هوندي اسين ڳوٺ جا ٻار جڏهن هن جي گهر جو اوٽو لتاڙڻ ويندا هئاسين ته هوءَ کٽ تي ويٺي هوندي هئي ۽ پوءِ سمورن ٻارن کي ڳڙ وارا چانور ملندا هئا. انهي وقت اسان لاءِ اها وڏي عياشي هئي.

 پر وقت وڏو شڪاري آهي، سڀ ڪجهه ساڳيو نه رهندو آهي. جيئن ڳوٺ جنم وٺندا آهن ائين ڳوٺ مري به ويندا آهن، جيڪڏهن اتان جا ڳوٺاڻا انهيءَ جي سنڀال نه ڪن ته ڳوٺ ڄڻ يتيم ٿي ويندا آهن. ڳوٺاڻن جا رويا ۽ اتان جو سڀاءُ ڳوٺ جا روح هوندا آهن. جڏهن اهي مٽجي وڃن ته پوءِ ڳوٺ ويران ٿيڻ لڳندا آهن. مائي حاجياڻي جي ڄمار به نيٺ وڏي ٿيندي وئي، هن کان هاڻ گهر جا ڪم ڪار ڇڏائجي ويا، هوءَ بيمار رهڻ لڳي. پوءِ هڪ ڏينهن ڳوٺاڻن کي ڄاڻ مليو ته مائي حاجياڻي گذاري وئي آهي. انهيءَ وقت آئون پنهنجن سنگتين سان بلورن راند کيڏي رهيو هئس. سڄي ڳوٺ لاءِ اها ڏک واري خبر هئي ته مائي حاجياڻي برقعو مٽائي پرلوڪ هلي وئي آهي. سندس جنازي ۾ سڄو ڳوٺ گڏ ٿيو، ٽيجهي تائين سموري ڳوٺ کي ماني ملندي رهي. انهيءَ وقت ڳوٺاڻن کي لڳو ته انهن جي مٿي تان هڪ اهڙو هٿ کڄي ويو آهي جيڪو انهن لاءِ ڇپر ڇانوَ هو.

 ڪجهه ڏينهن جي سوڳ کانپوءِ زندگي پنهنجي معمول تي اچي وئي. مائي حاجياڻي جي گذاري وڃڻ کانپوءِ سندس پٽن ۾ ملڪيت جي حصي پتي تان وٺ وٺان ٿي وئي، هر ڪنهن جي حصي ۾ ڪجهه نه ڪجهه آيو. ٻنيءَ جي ٽڪر کان وٺي گهر، مال ۽ باغ تائين سڀ ڪجهه ورهائجي ويو. سندس وڏي پٽ دلبر خان جي حصي ۾ ٻيو ته گهڻو ڪجهه آيو، پر باغ جو مالڪ به اهو ئي ٿيو هو. اوطاق ۾ ملڪيت جي ورڇ جون خبرون زورن تي هيون، ڪاڪو الهوڌايو چوندو هو ته “مائي حاجياڻي هئي ته ڳوٺ جي ڄڻ امان هئي، هاڻ ته الائي ڇا ٿيندو، هاڻ ڳوٺ جو والي وارث ته دلبر خان ٿيو آهي، سو اهو ڪهڙا اڪ ڪارا ڪندو اهو به اسان کي ساريو پيو آهي. هاءِ ڙي زمانا هاءِ تنهنجا رنگ.” هو آهه ڀري ماٺ ٿي ويندو هو.

“پر ڪاڪا الهوڌايا آهي ته ساڳيو رت نه پوءِ هي ڳوٺ لاءِ ڪيئن چڱو ڪونه ٿيندو.” علي بخش چيو.

“بابل علي بخش آئون ماڻهن جو ڌنار آهيان، هي وار مون اس ۾ اڇا ڪين ڪيا آهن، ماڻهو ماڻهو جي پرک رکي ٿو ڄاڻان، پر خير ڪجهه وقت ترسو پوءِ ڏسو ته ڪهڙا ٿو رنگ ڏيکاري اهو دلبر خان” ڪاڪي الهوڌائي چيو.

 دلبر خان لاءِ اهو ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته هو شوقين مڙس آهي، ڳوٺ جي وڏيرائپ ٻئي ماڻهو جي هٿن ۾ اچي وئي هئي، پر منهنجو باغ تي وڃڻ جاري رهيو، ڀلا باغ کي ڪهڙي خبر ته انهي جو ڌڻي هاڻ مٽجي ويو آهي. آئون، رشيد، منگهارام ۽ علي ڏنو باغ ۾ انبن جي موسم توڙي بنا موسم جي ويندا رهندا هئاسين. آئون پنهنجن سنگتين سان گهمڻ ڦرڻ ۽ باغ ۾ مستيون ڪرڻ ۾ لڳي ويندو هئس. اسين انهيءَ ئي باغ ۾ لڪ لڪوٽي راند کيڏندا هئاسين، آئون جڏهن باغ ۾ داخل ٿيندو هئس ته ائين لڳندو هو سڀئي وڻ ٻانهون کولي ڀليڪار ڪندا هجن. جڏهن انهن وڻن ۾ انبڙيون ٿينديون هيون ته انهن جون ٽاريون جهڪي وينديون هيون. طوطن جو ٻولڻ ۽ ڪوئل جي ڪوڪ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. ٽارين مان ڪريل سڪل پنن تي جڏهن اسان جا پير پوندا هئا ته انهن جي ڀرڻ جو آواز به اسان جي ڪنن تي پوندو هو. مون کي لڳندو ته اسان جي دوستي رڳو انهن وڻن سان ئي نه بلڪه انهن طوطن ۽ اتي رهندڙ هر پکيءَ سان هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته اسين سڀ سنگتي منجهند جي ماني کائي باغ تي اچي وڻن جي ڇانوءَ ۾ سمهي رهندا هئاسين. انهن وڻن جي ڇانوَ ماءُ جي ڀاڪر جيان لڳندي هئي. طوطا هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين اڏمندا رهندا هئا. وري جڏهن ڪو هوا جو جهوٽو لڳندو هو ته وڻن جا پن جهومي پوندا هئا. اسين وڻن تي چڙهي اتان هيٺ ٽپا ڏيندا هئاسين. جڏهن هاري انبن جي پٽائي شروع ڪندا هئا ته انهن ڏينهن ۾ ڄڻ ته باغ تي ڪڙو اچي ويندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن باغ تي وڃڻ نه ٿيندو هو. پوءِ منهنجي پيءُ کي شهر ۾ ڪلارڪي ملي وئي، انهيءَ ڪري اسان کي شهر لڏڻو پيو. منهنجي دل پنهنجن سنگتين کي ڇڏڻ ڪونه پئي چاهيو، پر مجبوري هئي، انهيءَ ڪري انهن کان موڪلايم، پر سٺي ڳالهه اها هئي ته ناناڻا ڳوٺ ۾ هجڻ ڪري منهنجو ۽ گهروارن جو اچڻ ٿيندو هو.

هڪ ڀيري جڏهن اسين ڳوٺ آياسين ته منگهارام، رشيد ۽ علي ڏني کي هٿيڪو ڪري چيم ته هلو باغ ڏانهن هلون. هنن مون کي چيو ته هوڏانهن ڪونه ٿا هلون. مون کانئن پڇيو ته ڇو؟ هنن ڪو جواب ڪونه ڏنو، پر وري به منهنجي ضد جي ڪري مون سان هليا. آئون باغ وٽ پهچي حيران ٿي ويس، منهنجو مٿو ڄڻ ته ڀوانٽيون کائڻ لڳو. ڇو ته آئون جنهن باغ کي ڇڏي ويو هئس اتي هاڻ هڪ به انب يا نم جو وڻ نه هو. باغ ميدان ٿي چڪو هو. ڪن ڪن هنڌن تي ٿڙ هئا باقي ڪجهه نه بچيو هو. اهي طوطا به نه هئا، الائي ڪهڙي پار اڏامي ويا هئا. مون پنهنجن دوستن ڏانهن نهاريو هنن جي اکين ۾ اها ئي ساڳي اداسي هئي جيڪا منهنجي اکين ۾ لهي آئي هئي. پوءِ هنن ٻڌايو ته دلبر خان پنهنجي حصي جون ٻنيون وڪڻي ڇڏيون ۽ باغ به وڍرائي انهيءَ جو ڪاٺ وڪڻي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي حصي ۾ آيل سموري ملڪيت عياشي ۾ کپائي ڇڏي، آخر ۾ هن وٽ اهو باغ بچيو هو سو به هن وڍرائي انهيءَ جو ڪاٺ ٻارڻ ڪري ڇڏيو. منهنجن ڪنن ۾ هڪدم ڪاڪي الهوڌائي جا لفظ ٻرڻ لڳا “آئون ماڻهن جو ڌنار آهيان.” اسين اتان کان موٽي آياسين، جتي هاڻ رڳو هڪ خالي زمين وارو ميدان هو. آئون ڪجهه ڏينهن ڳوٺ ۾ رهيس پوءِ وري شهر امان وارن سان موٽڻ جي ڪيم، پر هڪ ڀيرو ٻيهر مون سوچيو ته متان اهو منهنجن اکين جو دوکو هجي، آئون وري انهيءَ باغ کي ڏسڻ جي آس دل ۾ سانڍي اوڏانهن ويس، پر اتي واقعي به ڪجهه نه هو. مون کي لڳو ته اهو باغ منهنجي اندر ۾ به هو، جيڪو پکين جو ديس هو ۽ وڏيري اهو باغ وڍرائي منهنجي اندر جي باغ کي به ويران ڪري ڇڏيو هو ۽ انهن پکين کان انهن جو وطن ڦرجي ويو هو، جن جون ٻوليون سڄي ڳوٺ ۾ ٻُرنديون هيون.

***