اسلام آباد ۾ هلندڙ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مذاڪرات نه رڳو علائقائي، پر عالمي سياست لاءِ هڪ اهم موڙ جي حيثيت اختيار ڪري ويا آهن. ڏهاڪن کان جاري ڇڪتاڻ، جنگي ماحول ۽ بي اعتمادي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جو هڪ ميز تي ويهڻ يقيناً هڪ مثبت پيش رفت آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا اهي مذاڪرات حقيقي امن ڏانهن قدم آهن يا رڳو وقتي سفارتي حڪمت عملي؟
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران جي ايٽمي پروگرام کي مڪمل طور ختم ڪرڻ کي ڊيل جو بنيادي نقطو قرار ڏيڻ سان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته واشنگٽن جو بنيادي مقصد ايران کي ايٽمي هٿيارن جي صلاحيت حاصل ڪرڻ کان روڪڻ آهي. آمريڪا جي نظر ۾ اهو عالمي سلامتي لاءِ ضروري آهي، جڏهن ته ايران لاءِ اهو قومي خودمختياري ۽ دفاعي حق جو مسئلو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به معاهدي تائين پهچڻ آسان ڪم نه هوندو. ٻئي پاسي ايران طرفان به واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجن قومي مفادن تان پوئتي نه هٽندو. ايران جي قيادت پنهنجي ڳالهين واري ٽيم کي مڪمل اختيار ڏيڻ سان گڏ اهو به ظاهر ڪيو آهي ته هو جنگي محاذ وانگر سفارتي محاذ تي به متحد آهي. ان سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تهران ڪنهن به دٻاءَ هيٺ اچي فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
اسلام آباد ۾ انهن مذاڪرات جو انعقاد پاڪستان لاءِ هڪ اهم سفارتي ڪاميابي طور ڏٺو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف پاران بار بار اهو اعادو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. اهو ڪردار صرف ميزباني تائين محدود ناهي، پر هڪ فعال ثالث جي حيثيت سان ٻنهي ڌرين کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش به شامل آهي. 47 سالن جي پراڻي دشمني کي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جون سفارتي ڪوششون يقيناً ساراهه جوڳيون آهن. عالمي سطح تي به انهن مذاڪرات کي وڏي اهميت ڏني پئي وڃي. فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون طرفان ايران تي زور ڏيڻ ته هو اسلام آباد مذاڪرات مان فائدو وٺي ڇڪتاڻ گهٽائي، ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته يورپي ملڪ به هن عمل کي سنجيدگي سان ڏسي رهيا آهن. آبنائي هرمز ۾ جهازراني جي آزادي ۽ سلامتي جهڙا مسئلا عالمي معيشت سان سڌي طرح لاڳاپيل آهن، ۽ انهن جو حل نه رڳو علائقي، پر سڄي دنيا لاءِ اهم آهي. ان دوران چين طرفان ايران کي نوان فضائي دفاعي نظام فراهم ڪرڻ جي تياري، صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿي. اهو قدم واضح ڪري ٿو ته عالمي طاقتون پنهنجي پنهنجي مفادن لاءِ صف بندي ڪري رهيون آهن. اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن مذاڪرات ناڪام ٿين ٿا ته خطو ٻيهر هڪ وڏي تڪرار ڏانهن وڌي سگهي ٿو.
اسلام آباد مذاڪرات جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي جو اهي هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيا آهن جڏهن دنيا اڳ ئي مختلف بحرانن جو شڪار آهي. وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ، عالمي معيشت جي غير يقيني صورتحال، ۽ توانائي جي فراهمي بابت خدشا، سڀ گڏجي هن عمل کي وڌيڪ حساس بڻائين ٿا. جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪو به بامعنيٰ معاهدو ٿي وڃي ٿو ته اهو نه رڳو جنگي خطري کي گهٽائيندو، پر عالمي مارڪيٽن ۾ به استحڪام آڻي سگهي ٿو.
تنهن هوندي به حقيقت اها آهي ته اهڙا مذاڪرات اڪثر ڊگهي عرصي تائين هلندا آهن ۽ فوري نتيجا ڏيڻ ممڪن ناهن. ٻنهي ڌرين کي پنهنجي اندروني سياسي دٻاءَ، عوامي راءِ ۽ قومي مفادن کي نظر ۾ رکڻو پوندو آهي. جيئن پاڪستاني وزير قانون اشارو ڏنو، اهڙيون پيچيده ڳالهيون ڪلاڪن يا ڏينهن ۾ حل نٿيون ٿين. آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته اسلام آباد مذاڪرات هڪ اميد جو ڏيئو ضرور روشن ڪيو آهي، پر ان کي روشن رکڻ لاءِ سنجيده ڪوششن، لچڪدار رويي ۽ باهمي اعتماد جي ضرورت آهي. جيڪڏهن سڀئي ڌريون خلوص نيت سان اڳتي وڌن ٿيون ته هي عمل نه رڳو ايران ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ بهتري آڻي سگهي ٿو، پر سڄي خطي لاءِ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جو نئون باب به کولي سگهي ٿو. ٻي صورت ۾، هي موقعو به ماضي وانگر ضايع ٿي سگهي ٿو، جنهن جو نقصان صرف لاڳاپيل ملڪن کي نه، پر پوري دنيا کي ڀوڳڻو پوندو.