انساني تاريخ جو هر دور شاهد آهي ته لالچ انسان کي اندر کان خالي ڪري ڇڏي ٿي. جڏهن ته صبر انسان کي اندر کان مضبوط بڻائي ٿو. لالچ هڪ اهڙي باهه آهي، جيڪا صرف ٻين کي نه، پر سڀ کان پهرين پاڻ انسان کي ساڙي ٿي ۽ صبر هڪ اهڙو چراغ آهي، جيڪو اونداهه ۾ به اميد جي روشني پيدا ڪري ٿو. فلسفي جي زبان ۾ چئجي ته لالچ نفس جي بيماري آهي، جڏهن ته صبر روح جي شفا آهي. لالچ رڳو دولت جي خواهش جو نالو ناهي اها طاقت، شهرت، حسد، مقابلي ۽ پاڻ کي ٻين کان مٿانهون سمجهڻ جي خواهش به ٿي سگهي ٿي. جڏهن انسان لالچ جي قبضي ۾ اچي ٿو ته هو انصاف وساري ويهي ٿو، انسانيت کي پٺتي ڇڏي ڏئي ٿو ۽ اخلاقي قدرن کي لتاڙي اڳتي وڌڻ چاهي ٿو. نتيجي طور سماج ۾ ناانصافي، استحصال، بداعتمادي ۽ نفرت وڌي ٿي. قديم يوناني فلسفي ارسطو چيو هو ته هر انتها انسان کي تباهيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي. لالچ به انتها جو ئي ٻيو نالو آهي. جڏهن خواهش حد کان وڌي وڃي ٿي ته اها عقل کي مات ڏئي ڇڏي ٿي. تاريخ شاهد آهي ته وڏيون سلطنتون، طاقتور حڪمران ۽ امير ترين ماڻهو به لالچ سبب زوال جو شڪار ٿيا آهن. لالچ انسان کان سڪون کسي وٺي ٿي؛ ماڻهو گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ باوجود به مطمئن نٿو رهي. ان جي ابتڙ، صبر انسان کي وقت سان هم آهنگ ڪري ٿو. صبر سيکاري ٿو ته هر شيءِ فوري نٿي ملي، هر مسئلو هڪ ئي ڏينهن ۾ حل نٿو ٿئي ۽ هر سفر کي منزل تائين پهچڻ لاءِ وقت کپي. صبر انسان کي انتظار ڪرڻ، برداشت ڪرڻ ۽ حالتن کي سمجهڻ جي سگهه ڏئي ٿو. صبر انسان کي اهو شعور عطا ڪري ٿو ته ڏک مستقل ناهي ۽ خوشي هميشه لاءِ ناهي، زندگي وهندڙ درياءَ وانگر آهي.