بلاگنئون

ڏکڻ ايشيائي معاشري ۾ عورتاڻي دشمني، تاريخ ۽ شعور جو بحران

اسان جي سماج  عورت دشمني (Misogyn)  کي ڪنهن هڪ سبب تائين محدود نٿو ڪري سگهجي، بلڪه اها تاريخي، نفسياتي ۽ سڃاڻپ اثرن جي ڏکي ملاوٽ کان جنم وٺي ٿي. هڪ سطح تي اها انهن ڳوڙهن ۽ پراڻن سماجي روين ۽ جبلتن جو تسلسل آهي، جيڪي جديديت کان اڳ تهذيبي دورن کان هلندا پيا اچن. برصغير جي پسمنظر ۾ ان ڪيفيت کي بيٺڪيتي تاريخ وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. برطانوي راڄ جي دوران محض سياسي ۽ معاشي ڍانچا ئي تبديل نه ٿيا بلڪه انساني شعور به نئين سر جڙيو، محڪوم ذهن ڪمتري واري احساس، نظم و ضبط ۽ سخت سماجي درجي بندي کي اندروني طور تي قبول ڪيو، جيڪي اڄ به اختيار، صنف ۽ روايت جي حوالي کان اسان جي روين کي متاثر ڪن ٿا. ان ريت فڪري بيٺڪيت کان ڇوٽڪاري جو عمل اڃان تائين نامڪمل آهي. اهو نامڪمل ڇوٽڪارو نفسياتي سطح تي به هڪ ڇڪتاڻ کي جنم ڏئي ٿو، جنهن کي اوڊيپس ڪمپليڪس جي پسمنظر ۾ سمجهي سگهجي ٿو. محڪوم شعور هڪ وقت بغاوت ۽ فرمانبرداري جي وچ ۾ لمندو رهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ جديديت سان گڏ هڪ مبهم ۽ ٽڪرايل تعلق پيدا ٿئي ٿو. ائين معاشرو تنقيدي فڪر اختيار ڪرڻ جي بجاءِ سڃاڻپ واري سطح تي رياستي طاقت سان جڙيل ادارا اڪثر اهڙن بيانن کي واڌارو ڏين ٿا جيڪي ماٺا، ظاهري ۽ لفظي تشريحن تي مشتمل هوندا آهن. اهي تشريحون غير جانبدار ناهن هونديون بلڪه طاقت جي وجودي ڍانچن کي مضبوط ڪرڻ جو وسيلو بڻجن ٿيون. ان جي ڀيٽ ۾ برصغير جي تاريخ ۾ هڪ جهڙائي، لچڪدار ۽ اخلاقيات تي مشتمل صوفياڻيون ۽ تفسيري روايتون موجود رهيون آهن، جن کي هوريان هوريان هوريان ڌڪيو ويو آهي ۽ اهوئي عمل عورتاڻي دشمني جو هڪ اهم سبب آهي.

مادياتي نقطهءِ نظر کان ڪارل مارڪس ۽Friedrich Engels  چٽو ڪيو هو ته ڪنهن به معاشري جي حقيقي ترقي ان وقت تائين ممڪن ناهي، جيستائين عورتن جي معاشي ۽ سماجي ميدان ۾ مڪمل شرڪت حاصل نه ٿئي، بعد ۾Bertrand Russel، Jean-Paul Sartre، Noam Chomsky، Terry Eagleton، John Rawls، Michael Sandel، Michael Parenti، David Harvey  ۽ Richard D. Wolff  جهڙن مفڪرن مختلف انداز ۾ اهو موقف پيش ڪيو ته انصاف، جمهوريت ۽ سماجي ترقي، برابري ۽ خاص طور تي صنفي برابري کانسواءِ ممڪن ناهي. انهيءَ ريت عورتاڻين تحريڪن مسلسل هن ڳالھه تي زور ڏنو آهي ته عورتن جي معاشي خودمختياري انهن جي سماجي ۽ سياسي آزادي جو بنيادي شرط آهي. جيتوڻيڪ شروعاتي جديد فڪر جيئن Jean-jacques Rousseau جو عمراني معاهدو، صنفي مساوات کي مڪمل طور تي نافذ نه ڪري سگهيو، پر ان طاقت، دارومدار ۽ درجا بندي تي سوال اٿارڻ جو بنياد ضرور ميسر ڪيو.

ان پسمنظر ۾ پاڪستان ۾ عورتاڻي دشمني محض ثقافتي مسئلو ناهي بلڪه هڪ سڃاڻپ وارو مسئلو آهي، جيڪو نظرياتي “مٿين ڍانچي” (Superstructure) ۾ کتل آهي ۽ موجوده طاقت جي رشتن کي برقرار رکي ٿو. ان ڪري ڪنهن حقيقي تبديلي لاءِ سطحي سڌارا ڪافي نه ٿيندا، بلڪه شعور ۽ ادارن ٻنهي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ تنقيدي (Deconstruction) ضروري آهي. نيٺ اڳتي وڌڻ جو رستو هڪ اهڙي سماجي ۽ سياسي نظام جي جوڙجڪ ۾ لڪل آهي جيڪو برابري، انصاف ۽ انساني وقار تي مشتمل هجي، جتي هر فرد، بنا فرق جنس، مڪمل طور تي عوامي زندگي ۾ حصو وٺي سگهي. ان جي لاءِ نه صرف روايت جي نئين تعبير گهربل آهي، بلڪه آفاقي اصولن سان گڏ هڪ سنجيده لاڳاپو به ناممڪن آهي.