اسان جي سماج عورت دشمني (Misogyn) کي ڪنهن هڪ سبب تائين محدود نٿو ڪري سگهجي، بلڪه اها تاريخي، نفسياتي ۽ سڃاڻپ اثرن جي ڏکي ملاوٽ کان جنم وٺي ٿي. هڪ سطح تي اها انهن ڳوڙهن ۽ پراڻن سماجي روين ۽ جبلتن جو تسلسل آهي، جيڪي جديديت کان اڳ تهذيبي دورن کان هلندا پيا اچن. برصغير جي پسمنظر ۾ ان ڪيفيت کي بيٺڪيتي تاريخ وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. برطانوي راڄ جي دوران محض سياسي ۽ معاشي ڍانچا ئي تبديل نه ٿيا بلڪه انساني شعور به نئين سر جڙيو، محڪوم ذهن ڪمتري واري احساس، نظم و ضبط ۽ سخت سماجي درجي بندي کي اندروني طور تي قبول ڪيو، جيڪي اڄ به اختيار، صنف ۽ روايت جي حوالي کان اسان جي روين کي متاثر ڪن ٿا. ان ريت فڪري بيٺڪيت کان ڇوٽڪاري جو عمل اڃان تائين نامڪمل آهي. اهو نامڪمل ڇوٽڪارو نفسياتي سطح تي به هڪ ڇڪتاڻ کي جنم ڏئي ٿو، جنهن کي اوڊيپس ڪمپليڪس جي پسمنظر ۾ سمجهي سگهجي ٿو. محڪوم شعور هڪ وقت بغاوت ۽ فرمانبرداري جي وچ ۾ لمندو رهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ جديديت سان گڏ هڪ مبهم ۽ ٽڪرايل تعلق پيدا ٿئي ٿو. ائين معاشرو تنقيدي فڪر اختيار ڪرڻ جي بجاءِ سڃاڻپ واري سطح تي رياستي طاقت سان جڙيل ادارا اڪثر اهڙن بيانن کي واڌارو ڏين ٿا جيڪي ماٺا، ظاهري ۽ لفظي تشريحن تي مشتمل هوندا آهن. اهي تشريحون غير جانبدار ناهن هونديون بلڪه طاقت جي وجودي ڍانچن کي مضبوط ڪرڻ جو وسيلو بڻجن ٿيون. ان جي ڀيٽ ۾ برصغير جي تاريخ ۾ هڪ جهڙائي، لچڪدار ۽ اخلاقيات تي مشتمل صوفياڻيون ۽ تفسيري روايتون موجود رهيون آهن، جن کي هوريان هوريان هوريان ڌڪيو ويو آهي ۽ اهوئي عمل عورتاڻي دشمني جو هڪ اهم سبب آهي.