تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪا اهڙي عجيب و غريب شيءِ جنم وٺندي آهي، جيڪا ان کان اڳ ڪڏهن وجود ۾ نه آئي ھجي. مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence) جديد، تخليقي ۽ مضبوط تاريخ جي پهرين غير فطري يعني ڊجيٽل نسل طور اڀري آهي. تاريخ ۾ اهڙا واقعا ضرور ٿي گذريا آهن جن دنيا جو رخ بدلائي ڇڏيو، پر هن ڀيري هي پيشرفت اُنهن سڀني کان مختلف ۽ اسان جي سمجهه ۽ ضابطي کان ٻاهر وڃڻ جي سگهه رکي ٿي. بني بشر پنهنجو ئي هڪ نقل تيار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو نقل هاڻ انساني رويو اختيار ڪرڻ، ڪم جا طريقا سمجهڻ ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪرڻ لڳو آهي. مختصر اهو ته بني بشر پنهنجي سڀ کان وڏي خاصيت ذهني صلاحيتون ڪنهن ٻئي کي ڏئي رهيو آهي، جنھن جي باري ۾ اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهو مستقبل ۾ انسانن کي ئي پنهنجي وس ۾ ڪري سگهي ٿي. بني بشر ڌرتيءَ تي ان ڪري حڪمران رهيو آهي، ڇو ته هن وٽ هڪ منفرد صلاحيت هئي، حالتن ۽ ضرورتن مطابق پنهنجي ذهن کي استعمال ڪرڻ، بقا جي ڊوڙ ۾ اڳيان رهڻ، وسيلن کي ڪم آڻڻ ۽ ذهني ظرفيت کي غير معمولي حد تائين پهچائڻ اها بني بشر جي ڪاميابيءَ جو بنياد رهي آهي. اها ئي صلاحيت جنهن تهذيب کي مٽيءَ جي ڪوٺي کان آسمان ڇهندڙ عمارتن تائين پهچايو، هاڻ چيٽ بوٽس کي ڏني پئي وڃي جيڪي شعور جي دروازي تي اچي بيٺا آهن. اڄ جو انسان پنهنجي ذهني صلاحيتن کي اھڙي آسان نموني سان چيٽ بوٽس ۾ منتقل ڪري رهيو آهي ڄڻ انسانن کي اها صلاحيت مفت ۾ ملي هجي، پر انساني ذهني صلاحيت اربين سالن جي ارتقا جو نتيجو آهي.