هن ملڪ جي حڪمرانن ۽ انصاف ڏيندڙن عام ماڻهن کي شايد ڪيڙو ماڪوڙو سمجهي مڪمل طور نظر انداز ڇڏيو آهي، جو عام ماڻهن پاران مسلسل ايڏين دانهن، ڪوڪن ۽ احتجاجن تي به ڪو ڌيان نٿو ڏنو وڃي. سندن دانهن جو ڪٿي به ڪو داد نٿو ٿئي. هتي سوين ماڻهو ذاتي دشمنين سان گڏ مختلف ننڍن ننڍن مسئلن تي قتل ٿي رهيا آهن، ايڪسيڊنٽ ۾ ماڻهو حياتيون وڃائي رهيا آهن. منشيات جي خطرناڪ قسمن جي اچڻ تي ماڻهو تڙپي تڙپي موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن. اسپتالن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ جي ڪري معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت عام ماڻهن جي زندگين جا ڏيئا اجهامي رهيا آهن. ڳالھه رڳو ايتري هجي ته سمجھه ۾ اچي ٿي جيڪي مختلف سببن يا ذاتي دشمنين جي ذمري ۾ آڻي اهڙا ڪيئي ڪيس نظر انداز ڪيا ٿا وڃن، پر انتهائي حيرتناڪ حد تائين سنڌ ۾ پوليس جي ناجائزين ڪوڙن ڪيسن، مبينا طور وڏن سياسي ڀوتارن ۽ مافيائن جي هشي تي پوليس جا هر ايندڙ ڏينهن نوان نوان ڪارناما نروار ٿيندي نظر ايندا رهن ٿا، جن تي شيطان به شرمائجي وڃي ٿو، پر هتان جي رياست جي حڪمرانن کي انھن ظلمن جو ڪو احساس ئي نٿو ٿئي، پوليس هٿان جائز ناجائز هاف فرائي ۽ فل فرائي جو متعارف ڪرايل نظام قانون جي منهن تي چماٽ مثل محسوس ٿئي ٿو. ان عمل سان عدالتن ۽ قانون تي پوليس ڄڻ ته عدم اعتماد جو اظهار ڪري پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ کي ترجيح ڏئي رهي آهي، جيڪو انتهائي افسوس جوڳو عمل آهي. ان قسم جي فيصلن کي روڪرائڻ گهرجي عدالتن کان مٿانهان قتل روڪرايا وڃن ته جيئن ماڻهن ۾ قائم ٿيل خوف جي فضا به ختم ٿي سگهي. تازو سنڌ ۾ 2022 جي برساتن سبب متاثر ٿي ڪيترائي ماڻهو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ ڪري ويا، انهن ۾ سڪرنڊ جي تاريخي علائقي دليل ڪوٽ جو رهواسي پيرسن پورهيت عبدالڪريم ملاح به هو جيڪو برساتن سبب متاثر ٿيڻ جي ڪري اباڻا اجها ڇڏي اتان لڏي ڪراچي جي هڪ علائقي ۾ جهوپڙي اڏي اتي گڏھه گاڏي تي پاڻي کپائي حق حلال سان پيٽ گذر شروع ڪيو، پر سڀني کي خبر آهي ته هتي هر هنڌ خاص ڪري ڪراچي ۾ پنڻ وارن کان وٺي ڪاروبار ڪرڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ کان وٺي منشيات کپائڻ ۽ ٻه نمبري ڌنڌا ڪرڻ پويان مبينا طور ڪي طاقتور مافيائون به هونديون آهن، جن جي ڏڍ تي ماڻهو جائز ناجائز ڌنڌا ڪندا رهندا آهن. جيڪڏهن سندن ڌنڌي ۾ ڪو ٻيو غير واسطيدار ماڻهو شامل ٿي ويو ته ان جو جاني يا مالي دشمن ڪرڻ ۾ به دير ناهن ڪندا، ائين ئي پيرسن پورهيت عبدالڪريم ملاح به ڪراچي ۾ حق حلال جي روزي ڪرڻ مسئلن کي جنم ڏيڻ لڳو، عبدالڪريم ملاح جي چواڻي موجب ته ان علائقي ۾ رهندڙ ڪو بااثر شخص هن کان پاڻي کپائڻ جا ٽي هزار هفتي ۾ ڀتو گهرڻ لڳو جيڪو نه ڏيڻ تي هو هن مسڪين جو دشمن ٿي پيو، ائين ٿوري ڳالھه وڌي وڻ ٿيندي وئي، عبدالڪريم موجب ته هنن منهنجي نوجوان پٽ امير علي کي پوليس هٿان کنڀرائي ڇڏيو. پوليس پئسن جي گهر ڪئي جيڪي نه ڏيڻ تي منهنجي پٽ کي پوليس بيگناھه هاف فرائي ڪري ڇڏيو. ان ظلم خلاف مون دانهون ڪيون ته ان بااثر شخص مون تي پريشر رکڻ لاءِ منهنجي ڀاءُ ۽ هڪ ٻئي پٽ کي به کنڀرائي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي خلاف به آئون انصاف وٺڻ لاءِ هر ڪنهن وس واري ڏانهن ويس، پر ڪنهن به منهنجي دانهن نه ٻڌي، نيٺ مجبور ٿي مون پريس ڪانفرنسون ڪيون. ان کان علاوه ڪراچي پريس ڪلب تي 65 ڏينهن بک هڙتال تي ويٺس، پر منهنجو ڪنهن به انصاف نه ڪيو، جنهن تي مايوس ٿي مجبورن ڪراچي مان انصاف جو جنازو کڻي آئون واپس سڪرنڊ آيس، جتي ڳوٺ جي مين سڪرنڊ نواب شاھه روڊ تي ٻه ڏينهن انصاف جو جنازو رکي ڌرڻو هنيو ۽ ٽئين ڏينهن يعني 17 اپريل تي سڪرنڊ شهر جي مين سئنيما چوڪ تي اهو انصاف جو جنازو رکي احتجاج ڪري آئون سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن کي دعوتون ڏيندي عرض ٿو ڪريان ته هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪنهن مظلوم کي انصاف نٿو ڏنو وڃي ان جو مطلب آهي انصاف مري چڪو آهي، هاڻ اهو جنازو روڊن رستن تي پيل آهي، اچو ته گڏجي ان کي ڪلھو ڏئي ان کي دفن ڪري ڇڏيون متان اهو جنازو بدبوءِ ڪري وڃي ۽ ايندڙ وقت ۾ اوهان کي به تڪليف نه ٿئي. يقينن پيرسن پورهيت عبدالڪريم ملاح جا اهي دل ڏاريندڙ لفظ سندس مايوسي سان گڏ اسان کي به گهڻو ڪجھه سوچڻ تي به مجبور ڪن ٿا. سنڌ جا باشعور ماڻهو به هن سان ٿيل ظلم تي خاموش آهن، هن مسڪين پيرسن پورهيت مجبور ٿي سنڌ جي قومپرستن کي به پڪاريو ۽ سنڌ جي ساڃاھه وندن ڏانهن به واجهايو آهي، ٽن مهينن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي، پر هن سان ٿيل ناحق جو ڪٿي به ڪو داد نٿو ٿئي. هيءَ رياست جيڪا هڪ ماءُ مثل آهي ان جا ٻچڙا انصاف لاءِ بار بار پڪاري رهيا آهن، پر ڪنهن وٽ به اها درد ڀري پڪار ٻڌڻ لاءِ ٽائيم ناهي. هڪ درد ۽ ٻيو عبدالڪريم پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ٻک وجهي روئي رهيا آهن. پيرسن عبدالڪريم ملاح پنهنجي جهونين اکين جي پنبڻين مان پاڻي هاري رب جي ذات تي ڀروسو رکي دنيا جي ڪرتوتن جون دانهون پنهنجي پالڻهار کي ڏيڻ تي مجبور بڻجي ويو آهي. هن ظلم کي سڀ خاموش تماشائي ٿي ڏسي رهيا آهن. سنڌ جي وزير اعليٰ کان وٺي قانون جي وزير، گهرو وزير، آئي جي سنڌ، حد جي ايس ايس پي سميت هو هر ڪنهن کي اپيلون ڪري ٿڪجي چڪو آهي. هر در تي به وڃي چڪو آهي پنهنجي درد جون دانهون کڻي انصاف ملڻ جي اميد تي سنڌ جي راڄڌاني جي وڏي کان وڏي ڪراچي پريس ڪلب تي به ڪوڪاري چڪو آهي، ايترين دانهن، اخباري خبرن توڙي ٽي وي چينلن تي ڪيل اپيلن جو ڪو به داد نٿو ٿئي. هن سڄي وارتا بيان ڪرڻ جو مقصد اهوئي آهي ته پيرسن پورهيت عبدالڪريم ملاح جي معاملي جو ترت نوٽيس وٺي سندس گنهگارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي. هن جي ڳالھه ٻڌي اڻ ڌري جاچ ڪرائي هن جي گم ٿيل هڪ ٻئي پٽ ۽ ڀاءُ کي بازياب ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي ته جيئن قانون جي حڪمراني به قائم رهي سگهي ۽ مسڪين پورهيتن لاءِ روز روز ٿيندڙ ان قسم جي انيائن جو به خاتمو اچي سگهي. جيڪڏهن هن واقعي ۾ پوليس ڪنهن جي ونگار وهي ناحق هڪ بيگناھه نوجوان کي هاف فرائي ڪيو آهي ته ان لاءِ به سزا تجويز ٿيڻ گهرجي. پوليس کي اهو حق نه ڏيڻ گهرجي ته هو ڪنهن جي به ونگار وهي ڪنهن جي زندگي سان کيڏي، ان معاملي جو انصاف ضرور ٿيڻ گهرجي. نه ته اهو سوال اٿندو رهندو ته ڇا انصاف واقعي مري چڪو آهي؟ ڇا هاڻ باقي انصاف جو جنازو پڙهائڻ جي دير آهي؟ پر دل نٿي مڃي ڇو ته انصاف ڪرڻ واري ذات سڀ کان وڏي ۽ اعليٰ آهي، عبدالڪريم سان به انصاف ضرور ٿيندو. ڇا ٿي پيو جي زميني انصاف ڏيندڙن کان زميني خدا، ڀوتار ۽ مافيائون زور آهن. اهو نه وسارڻ کپي آسمان وارو خدا ته موجود آهي، جيڪو هنن سڀني کان هڪ هڪ پل جو حساب وٺندو ۽ اهو عبدالڪريم سميت اسان سڀني جو ايمان آهي ته اهو حساب ضرور وٺندو.