پاڪستان طرفان ايران کي پنهنجي سرزمين وسيلي ٽئين ملڪ سان واپار جي اجازت ڏيڻ وارو تازو فيصلو رڳو هڪ انتظامي حڪم نامو ناهي، پر اهو خطي جي واپار، سفارتڪاري ۽ معاشي رابطن ۾ اهم اڳڀرائي طور ڏٺو پيو وڃي. وزارت تجارت پاران “ٽرانزٽ آف گڊز آرڊر 2026” جاري ڪرڻ سان پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي اهميت کي معاشي فائدي ۾ تبديل ڪرڻ طرف هڪ سنجيده قدم کنيو آهي. هن فيصلي سان نه صرف پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن ۾ نئون موڙ اچي سگهي ٿو، پر سڄي خطي ۾ واپار جا نوان در به کلي سگهن ٿا. پاڪستان ۽ ايران پاڙيسري ملڪ آهن. ٻنهي جي وچ ۾ ڊگهي سرحد، تاريخي لاڳاپا ۽ ثقافتي ويجهڙائپ موجود آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته گذريل ڏهاڪن ۾ ٻنهي ملڪن جا واپاري لاڳاپا پنهنجي اصل صلاحيت مطابق ترقي نه ڪري سگهيا. ان جا سبب عالمي پابنديون، انتظامي رڪاوٽون، سرحدي مسئلا ۽ علائقائي سياسي حالتون رهيون آهن. هاڻي جڏهن پاڪستان ايران کي پنهنجي بندرگاهن ۽ روڊن وسيلي ٽئين ملڪ تائين سامان پهچائڻ جي اجازت ڏئي رهيو آهي ته اهو واپار جي نئين دور جي شروعات ٿي سگهي ٿو. هن فيصلي جو سڀ کان وڏو فائدو پاڪستان جي بندرگاهن، خاص طور گوادر، پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ کي ٿيندو. جيڪڏهن ايران سان واسطيدار سامان پاڪستان جي رستن مان گذرندو ته بندرگاهي فيس، ٽرانسپورٽ، گودامن، انشورنس ۽ ٻين خدمتن وسيلي پاڪستان کي آمدني حاصل ٿيندي. ان سان گڏ بلوچستان ۽ ٻين علائقن ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. خاص طور گوادر بندرگاهه، جيڪا ڪيترن سالن کان پنهنجي مڪمل معاشي صلاحيت جو انتظار ڪري رهي آهي، ان لاءِ هي قدم انتهائي اهم ثابت ٿي سگهي ٿو.
ٻئي طرف ايران لاءِ به هي فيصلو اهميت رکي ٿو. ايران کي ڪيترن عالمي معاشي ۽ سفارتي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، تنهنڪري پاڙيسري ملڪ وسيلي تجارتي سهولت ملڻ سان ان جي درآمدات ۽ برآمدات ۾ آساني اچي سگهي ٿي. جيڪڏهن سامان جي ترسيل تيز، محفوظ ۽ گهٽ خرچائتي ٿيندي ته ايران جي ڪاروباري حلقن لاءِ هي موقعو فائديمند ثابت ٿيندو، پر هر مثبت قدم سان گڏ ڪجهه ذميواريون به جڙيل هونديون آهن. پاڪستان کي يقيني بڻائڻو پوندو ته ٽرانزٽ واپار شفاف، محفوظ ۽ قانوني اصولن موجب هلي. اسمگلنگ، غيرقانوني واپار يا سيڪيورٽي خدشن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. خاص طور بلوچستان ۽ سرحدي علائقن ۾ امن امان جي صورتحال تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن واپاري رستا غير محفوظ رهيا ته سرڪاري پاليسيءَ جا فائدا محدود ٿي ويندا. ان سان گڏ انفرااسٽرڪچر جي بهتري وقت جي اهم ضرورت آهي. روڊ، ريلوي نيٽ ورڪ، سرحدي چيڪ پوسٽون، ڊجيٽل ڪسٽمز نظام ۽ بندرگاهي سهولتون جديد تقاضائن مطابق هجڻ گهرجن. رڳو حڪم نامو جاري ڪرڻ سان واپار وڌي نٿو سگهي، پر ان لاءِ عملي تياري، انتظامي رفتار ۽ مستقل پاليسي ضروري آهي.
هي فيصلو سفارتي لحاظ کان به اهم آهي. موجوده عالمي حالتن ۾ پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان معاشي لاڳاپا مضبوط ڪري. واپار اڪثر سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو ذريعو بڻجندو آهي. جيڪڏهن پاڪستان، ايران، افغانستان، وچ ايشيا ۽ چين سان واپاري رابطن کي وڌائي ٿو ته خطي ۾ استحڪام ۽ خوشحالي جا امڪان وڌي سگهن ٿا. حڪومت کي گهرجي ته هن پاليسي کي رڳو ايران تائين محدود نه رکي، پر پاڪستان کي علائقائي ٽرانزٽ حب بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪري. دنيا جا ڪيترائي ملڪ پنهنجي جاگرافيائي مقام مان اربين ڊالر ڪمائن ٿا. پاڪستان وٽ به سامونڊي رستا، سرحدون ۽ اسٽريٽجڪ حيثيت موجود آهي. جيڪڏهن درست پاليسيون اختيار ڪيون وڃن ته ملڪ جي معاشي بحران کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. آخر ۾ چئي سگهجي ٿو ته ايران کي ٽئين ملڪ لاءِ پاڪستان وسيلي واپار جي اجازت ڏيڻ وارو فيصلو معاشي طور دانشمندانه ۽ سفارتي طور بروقت قدم آهي. هاڻي اصل امتحان ان جي شفاف ۽ موثر عملدرآمد جو آهي. جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي، دور انديشي ۽ انتظامي صلاحيت سان هن پاليسي کي اڳتي وڌائي ته پاڪستان خطي جي واپاري نقشي تي اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو.