نظام قدرت ۾ اهم ڪردار عورت جو آهي، عورت کانسواءِ دنيا نامڪمل آهي. عورت ممتا جو ساگر به آهي ته محبت جو درياءَ به. بي بي حوا کانسواءِ دنيا ۾ ڪوبه نفس اهڙو ناهي جنهن کي ماءُ جنم نه ڏنو هجي. عورت رڳو هڪ لفظ ناهي، پر اهو احساسن جو وجود ۽ زندگي جي تسلسل جو نالو آهي. دنيا جي مختلف سماجن ۾ عورت کي مختلف حيثيتن سان ڏٺو وڃي ٿو. هوءَ ڪڏهن ماءُ، ڪڏهن ڌيءَ، ڪڏهن ڀيڻ ۽ ڪڏهن زال جي روپ ۾، پر انهن سڀني سڃاڻپن کان اڳ عورت مڪمل انسان آهي، جنهن جا پنهنجا خواب، خواهشون ۽ حق آهن، پر اسان جي سماج ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏو الميو آهي ته اڄ به عورت جي زندگي محفوظ ناهي، هر ٻئين ڏينهن ڪا نه ڪا خبر سامهون اچي ٿي، جتي ڪنهن نياڻي، ڀيڻ، زال، ڌيءَ، ماءُ کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو پيو وڃي. ڪجھه ڏينهن پهرين هالا جي بي گناھ قتل ڪيل روبينا چانڊيو هجي يا ٽنڊومستي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل خالده چانڊيو يا وري تازو قتل ڪيل گلان ڀارو هجي. گلان ڀارو پنهنجي مڙس جي گهر مان نڪري پوليس وٽ پهتي ۽ تحفظ لاءِ درخواست ڏني اها ڪا معمولي ڳالھه نه هئي هڪ عورت جيڪا پنهنجي جان بچائڻ لاءِ اهڙو قدم کڻڻ، ان جي اندر جي خوف ۽ بيوسي کليل اظهار هو، جتي هن صاف لفظن ۾ درالامان وڃڻ جي خواھش ظاهر ڪئي، ڇو ته هن کي پنهنجي جان جو خطرو محسوس ٿي رهيو هو، پر پوءِ منظر بدلجي ويو هڪ پيءُ پنهنجي پٽڪي جو واسطو ڏيئي پٽڪو پيرن تي رکي واپس گهر وٺي وڃڻ لاءِ راضي ڪري ورتو، جتي سندس لفظ هئا ته مون کي پڪ آهي ته مون کي قتل ڪيو ويندو، پر پيءُ جي پڳ جي عزت خاطر موت به قبول آهي. اهي لفظ صرف هڪ بيان نه هو، اها هڪ بيوس نياڻي جي صدا هئي. نيٺ گلان ڀارو کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو، اهو الزام جيڪو صدين کان عورتن تي ظلم ڪرڻ لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ٿيندو رهيو آهي. هيءَ ڪهڙي رسم آهي جيڪا انساني جان کي جانورن کان به گهٽ سمجهي ٿي. غيرت جي نالي تي قتل هي نه غيرت آهي نه روايت، نه عزت، هي صرف ۽ صرف ظلم ۽ بربريت آهي ۽ انسانيت جي کليل توهين آهي. اسان جي سماج ۾ غيرت جو تصور غلط نموني پيش ڪيو ويو آهي. غيرت جو ته مطلب انصاف، عزت، برابري، انسانيت آهي. جڏهن ڪو شخص پنهنجي ئي گهر جي عورت کي قتل ڪري ٿو ته اهو غيرت نه، پر درندگي آهي، عورت به انسان آهي ان کي به جيئڻ جو اوترو ئي حق آهي جيترو مرد کي آهي. جيڪڏهن اسان واقعي هڪ مهذب سماج بڻجڻ چاهيون ٿا ته اسان کي ڪارو ڪاري جهڙين ڪڌين ۽ ظالماڻه رسمن کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻو پوندو. شايد اهو ڏينهن تڏهن ايندو جڏهن اسان پنهنجون سوچون تبديل ڪنداسين، قانون جو احترام ۽ سڀ کان اهم انسانيت کي ترجيح ڏينداسين. ڇو ته جيستائين عورت محفوظ ناهي، تيستائين سماج به محفوظ نٿو ٿي سگهي.