بلاگنئون

شاهه لطيف جي نگري ڀٽ شاهه ۾ درويش حضرت يارو فقير جو مقام

حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي نگري ڀٽ شاھ جي درويش حضرت يار علي المعروف يارو فقير جو مُقام درگاھ شريف شاھ لطيف ڀٽائي جي اولهه ۾ واقع آھي، جتي تقريبن 1500کن قبرون  موجود آھن. ڀٽ شاھ ۾  يعقوب شھيد جي مُقام کانپوءِ ھي شھر جو سڀ کان وڏو مُقام آھي. ھن مقام ۾ ميربحر، شيخ،   خاصخيلي، رَنگ، ماڇي، سما، پڃارا، کٽي، سومرا، سيد، کوسا، انصاري، پنھور، سولنگي، ڏاھاڻي، وساڻ، ڪاسائي، ڏيرا ۽ ٻين برادرين وارن جون قبرون آھن. يار علي فقير المعروف يارو فقير ذات جو ڪير ھو ڪٿان جو ھو ۽ سندس سوانح حياتي مبارڪ جو ڪو احوال لکت ۾ ته  نه  اچي سگھيو آھي نه وري سينا بسينا ڪو خاص احوال ملي سگھيو آھي. فقير يار علي المعروف يارو فقير جون جيڪي ٻڌل سڌل ڳالھيون آهن انهن ۾ صرف ايترو احوال ملي سگھيو آھي ته  ھي سوڍڙو فقير اصل خيرپورميرس ضلعي جو ھو ۽ حضرت مخدوم سرور نوح رح جو مريد ھو. ڪي چون ٿا ته  يار علي عرف يارو فقير شاھ لطيف کان اڳ جو ھو. جڏھن شاھ سائين اچي ڀٽ وسائي ته  ان کان اڳ ئي يارو فقير جو آخري آرام گاھ ھتي موجود ھو. ڪي چون ٿا تھ يارو فقير شاھ لطيف جي دور جو آھي ۽ خيرپور مان پنھنجي مرشد حضرت مخدوم سرور نوح رح جي مزار تي آيو ھو. انھن ڏينھن ۾ شاھ لطيف ڀٽ اچي وسائي ھئي ۽ سندس ھاڪ پري پري تائين هئي ۽ يارو فقير به پنھنجي مرشد جي حاضري بعد ڀٽ تي اچي لطيف سائين جي حاضري ڀري ۽ شاھ لطيف مان ايترو ته  متاثر ٿيو جو بعد ۾ ڀٽ تي لطيف سرڪار جن جي خدمت ۾ رھي پيو ۽ پاڻ کي لطيفي فقير سڏايو ۽ لطيفي راڳ ڳائڻ سکيو ۽ راڳ ڳايو. اھي به  روايتون ملن ٿيون ته يارو فقير شاھ لطيف جو وڏو راڳائي فقير ھو، جنھن جو تعلق تمر فقير سان ھو. سندس لاڏاڻو تمر فقير جي لاڏاڻي بعد ٿيو آھي. يارو فقير جي قبرستان ۾ ڪيتريون ئي مشھور شخصيتون ۽ لطيف سرڪار جا ڪيترائي راڳي فقير ڌرتي ماءُ جي ھنج ۾ ابدي ننڊ ستل آھن. انھن مشھور ماڻھن ۾ لطيف سائين جا مشھور راڳي ابراھيم فقير، فقير گلڻ، فقير اول، يعقوب فقير، قائم فقير، کٻڙ فقير، خادم حسين ميربحر المعروف، چڀڙ فقير ميربحر، غلام فقير پاڻ لطيفي سماع جو فقير ھو، ھوت فقير، امام بخش فقير، شاھ لطيف جو رسالو ترتيب ڏيندڙ رمضان خاصخيلي، ڀٽ شاھ جو مشھور اوطاقي ۽ لطيف شناس الهڏنو خاصخيلي، مھمان نواز زوار داد فقير ڏيرو جيڪو ثقافت کاتي جي ملازم اياز ڏيرو جو والد ھو، مشھور حڪيم ۽ لطيف شناس فقير غلام عباس ڏيرو، مولابخش ميربحر چيف انجنيئر ڊرٻ، خالق ڏنو ميربحر، ماستر محمد جمن ميربحر، جان محمد شيخ، عوام دوست مھمان نواز مختيارڪار، اجرڪ جو مشھور ڪاريگر الهڏنو سومرو، ڀٽ شاھ جو مشھور صحافي محمد وڪيل سمون ۽ ٻيون شخصيتون شامل آھن. ھن وقت يارو فقير جو قبرستان تقريبن پنجن ايڪڙن تي پکڙيل آھي. ھي مقام ماضي ۾ ڏھن ايڪڙن تي ھو، پر گهڻا ماڻهو مُقام تي قبضو ڪري گهر ٺاھي ويٺا آھن. ماضي ۾ پاڙي وارا پنھنجو چوپايو مال به ھن قبرستان ۾ اچي ٻڌندا ھئا، جنھنڪري قبرن جي بي حرمتي ٿيندي هئي. اھڙي صورتحال ۾ ميربحر برادري پنھنجي پاڙي ۾  قبرن کي چوديواري ڏياري محفوظ ڪري ڇڏيو آھي. سيد گدا حسين شاھ لطيفي جڏھن ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين ٿيو ته ھن 2018ع ۾ ھن قبرستان کي گلستان يار علي فقير جو نالو ڏئي قبرستان کي خوبصورت بنائڻ، وڌيڪ قبضا ٿيڻ کي روڪڻ ۽ قبرستان جو تقدس بحال رکڻ لاءِ ترقياتي ڪمن جي منصوبي جو سنگ بنياد رکي پوري قبرستان کي چوديواري ڏياري. پوري قبرستان جي ڊٺل قبرن کي ٺهرايو ۽ سڄي قبرستان ۾ وڻ، گل، ٻوٽا لڳائڻ سان گڏ سڄي قبرستان ۾ ڇٻر لڳرائي قبرستان کي سرسبز بنائي ڇڏيو، جو ھي قبرستان نه، پر ڪو يورپ جو تفريحي ماڳ نظر اچڻ لڳو. جيستائين سيد گدا حسين شاھ لطيفي ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين ھو ايستائين يارو فقير جي قبرستان ۾ ساوڪ ئي ساوڪ هئي ھاڻ ڇٻر ته سڪي وئي آھي، پر سيد گدا حسين شاھ جيڪي مختلف قسم جا وڻ جن ۾ نم، سرنھن، ٽالھي، ٻيريون، چڪو، ليمان ۽ ٻيا طرح طرح جا وڻ گل ٻوٽا آھن اھي وڏا ٿي ويا آھن. 2018ع کان ھن مقام جو خدمتگار نبي بخش شيخ  آھي، جيڪو بنا معاوضي جي خدمت ڪري پيو. اسان جڏھن به يارو فقير جي مقام ۾ ويا آھيون صبح ھجي يا منجهند يا شام ھي فقير قبرستان ۾ صفائي ڪندي ۽ سڄي قبرستان ۾ ڇڻڪار ڪندي وڻن، گلن ۽ ٻوٽن کي پاڻي ڏيندي نظر ايندو آھي. هئڻ ته ايئن گهرجي ته جن جن خاندانن جون قبرون آهن انهن ماڻهن کي گڏجي هن ماڻهو جي مالي مدد ڪرڻ گهرجي.