1991ع ۾ نمبيا جي گادي واري شهر ونڊهوڪ ۾ يونيسڪو جي ڪانفرنس ٿي. ان ۾ آفريڪا جي صحافين گڏجي هڪ اعلاميو جاري ڪيو جنهن کي “ونڊهوڪ ڊيڪلريشن” چيو وڃي ٿو. ان اعلاميي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته آزاد، گهڻ رخي ۽ خود مختيار صحافت کي جمهوريت ۽ انساني حقن لاءِ لازمي قرار ڏنو وڃي. جنهن جي بنياد تي 1993ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 3 مئي کي صحافت جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو. ڇو ته 3 مئي 1991ع تي ئي ونڊهوڪ ڊيڪلريشن جاري ٿيو هو.
مقصد: پريس (صحافت) جي آزادي جو تحفظ، حڪومتن کي ياد ڏيارڻ ته صحافت تي پابندي نه هجي ۽ معلومات تائين رسائي عوام جو بنيادي حق آهي. شهيد صحافين کي ڀيٽا ڏيڻ، انهن صحافين کي ياد ڪرڻ جن سچ لکڻ ۽ سچ ڏيکارڻ جي ڪري پنهنجي جان ڏني. صحافين جي تحفظ جو مطالبو ورجائڻ، صحافين کي ڌمڪين، حملن، اغوا ۽ قتل کان بچائڻ لاءِ آواز اٿارڻ. اخلاقي صحافت جو درس ڏيڻ، صحافين کي ياد ڏيارڻ ته هو غيرجانبدار، ذميوار ۽ سچ تي ٻڌل رپورٽنگ ڪن. صحافي حڪومتن جو احتساب ڪن دنيا جي حڪومتن کان پڇن ته هو پريس فريڊم جي ڪيتري قدر پاسداري ڪن ٿيون. پاڪستان جو آئين آرٽيڪل 19 تحت راءِ جي اظهار ۽ پريس (صحافت) جي آزادي ڏئي ٿو، پر عملي طور تي صحافين کي سخت چئلينج درپيش آهن. صحافين کي درپيش خطرا، حملا: قتل ۽ تشدد جا واقعا پيش اچڻ عام ڳالھه ٿيندي پئي وڃي، پاڪستان صحافين لاءِ دنيا جي خطرناڪ ترين ملڪن مان هڪ آهي. هر سال ڪيترائي صحافي قتل ٿين ٿا. سنڌ ۾ به خيرپور، سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص، ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۾ صحافين تي حملا عام آهن. صحافين کي اغوا ڪيو وڃي ٿو ۽ ڌمڪيون به ڏنيون وڃن ٿيون ته حقيقتن کي ظاھر نه ڪن، خبر فائل ڪرڻ تي صحافين کي نامعلوم نمبرن تان ڌمڪيون، گهرن تي حملا ۽ اغوا جا واقعا ٿين ٿا. اختلافي رپورٽنگ تي صحافين تي دهشتگردي، بغاوت ۽ سائيبر ڪرائيم جا ڪوڙا ڪيس به داخل ڪيا وڃن ٿا. PECA قانون کي صحافين خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. معاشي ۽ ادارتي مسئلن کي صحافي منھن ڏئي رھيا آھن. اخبارن ۽ چينلن جا مالڪ مهينن تائين صحافين کي پگهارون نٿا ڏين. خاص ڪري سنڌ ۾ صحافي 5 کان 10 هزارن تي ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. نوڪري جو تحفظ نه آھي، اڪثر صحافين وٽ مقرري جو ليٽر يا ڪانٽريڪٽ به ناهي. ڪنهن به وقت نوڪري مان ڪڍيو وڃي ٿو. ٽريننگ جي کوٽ آھي، سنڌ جي ننڍن شهرن ماتلي، بدين، ٽنڊوالهيار، دادو ۽ ٻين مڙني شھرن ۾ ڪم ڪندڙ صحافين کي جديد ڊجيٽل صحافت، فيڪٽ چيڪنگ ۽ قانوني تحفظ جي ڪا ٽريننگ نٿي ملي. سنڌ جي حوالي سان ٻيا به خاص نوعيت جا مسئلا آھن، سنڌ ۾ بااثر وڏيرا، سردار ۽ چونڊيل نمائندا پنهنجي خلاف خبر لڳڻ تي صحافين تي ڪوڙيون FIR داخل ڪرائين ٿا يا ذاتي دشمني ۾ کين قتل ڪرائين ٿا. نصرالله گڏاڻي، جان محمد مهر، بچل گائنچو، خاور حسين، عزيز ميمڻ، شان ڏهر جهڙا ڪيترائي سنڌي صحافي قتل ٿي چڪا آهن. سنڌي اخبارون ۽ چينل اشتهارن جي کوٽ جو شڪار آهن. حڪومتي اشتهار رڳو وڏين اردو ۽ انگريزي اخبارن کي ملن ٿا، جنهن سان سنڌي صحافت ۽ صحافي معاشي طور ڪمزور ٿيا آهن. ڪيترن ئي شهرن ۾ پريس ڪلبن تي بااثر وڏيرن ۽ طاقتور گروهن يا غير صحافين جا قبضا آهن، جنهن سبب حقيقي ڪم ڪندڙ صحافي پاسيرا ٿي رھيا آهن. پريس ڪارڊ يا ايڪريڊيشن ڪارڊ جي بنيادن تي صحافين کي ورهايو وڃي ٿو. جيڪو سرڪار تي تنقيد ڪري، ان جا اشتهار بند ڪيا وڃن ٿا.
يوٽيوب چينل، فيس بڪ پيج هلائيندڙ آزاد صحافين جون وڊيوز ڊليٽ ڪرايون وڃن ٿيون. عورت صحافين کي خاص ڪري سوشل ميڊيا تي گٿا لفظ، ڌمڪيون ۽ ڪردار ڪشي جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. 2021ع واري “جرنلسٽس پروٽيڪشن ايڪٽ” تي مڪمل عمل ڪيو وڃي ۽ صحافين جي قتل جي آزاد جاچ ٿئي. ويج بورڊ ايوارڊ تي عمل ڪرائي صحافين کي بروقت پگهار ۽ نوڪري جو تحفظ ڏنو وڃي. سنڌ ۾ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي صحافين کي ڊجيٽل سيڪيورٽي، قانون ۽ اخلاقي صحافت جي تربيت ڏني وڃي ۽ صحافت جا بنيادي اصول سيکاريا وڃن. پريس ڪلبن تان غير صحافين جا قبضو ختم ڪرائي پريس ڪلب اصل ڪم ڪندڙ صحافين جي حوالي ڪيا وڃن. سنڌي اخبارن، چينلن ۽ ويب سائيٽن کي سرڪاري اشتهارن ۾ برابر حصو ڏنو وڃي، عامل ۽ عطائي صحافين کي ڌار ڪيو وڃي. سنڌ جي صحافي گوڏن تائين پاڻي ۾ بيهي ٻوڏ ڪور ڪندو آهي، وڏيري جي اوطاق اڳيان احتجاج ڪندي گولي کائيندو آهي، پوءِ به قلم نٿو ڇڏي.