اسحاق ڊار جا ناجائز اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتاري جا وارنٽ جاري
اسحاق ڊار خلاف نيب عدالت ۾ هلندڙ ناجائز اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتاري جا ضمانت جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اسحاق ڊار خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ۾ سندس پروٽوڪول آفيسر فضل داد پيش ٿيو.
اسحاق ڊار جي غير حاضري تي نيب جي وڪيل پاران عدالت کي درخواست ڪئي وئي ته سندس خلاف گرفتاري جا ضمانت جوڳا وارنٽ جاري ڪيا وڃن.
عدالت نيب جي درخواست منظور ڪندي ملزم جا ضمانت جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
ان سان گڏ عدالت ملزم اسحاق ڊار کي ۱۰ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ۲۵ سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

