ڀارت دهشتگردي جا الزام پاڪستان ۽ اسان تي هڻن بند ڪري: چين
ڀارت پاران، پلواما جي واقعي جي ذميداري پاڪستان تي ۽ مسعود اظهر کي چين تي گڏيل قومن ۾ دهشتگرد قرار ڏيڻ جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ وجهڻ جا الزام هڻڻ تي چين پاران سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. چين پاران چيو ويو آهي ته ڀارت الزام هڻڻ بجاءِ پنهنجي پاليسين ۽ سيڪيورٽي جي معاملن کي بهتر بنائڻ واري عمل تي نظرثاني ڪري. ڀارت گڏيل قومن ۾ مسعود اظهر خلاف ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي ۽ پنهنجي ناڪامي جو ملبو اسان تي اڇلائي رهيو آهي. هميشه وانگر هن واقعي ۾ به حملي جو الزام پاڪستان تي هڻڻ سان ان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته ڀارت پنهنجي پاليسي ۽ سيڪيورٽي جي معاملن کي بهتر بنائڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه ٿو رکي. بهتر ٿيندو ته ڀارت مسعود اظهر خلاف پڪا ثبوت جمع ڪرائي.

