ڀارت اڃا به ڪارروايون ڪري سگهي ٿو: آرمي چيف
ڀارت جي ڪاررواين بعد پارلياماني اڳواڻن جو ان ڪئمرا ۾ اجلاس پارليامينٽ ۾ ٿيو. جنهن ۾ آرمي چيف پارليامينٽ جي اڳواڻن کي ٻڌايو ته اسان ڀارت کي اثرائتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڀارت پاران وڌيڪ حرڪت جو خدشو موجود آهي. فوج هر صورت ۾ ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهي. جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به جهاز ايل او سي جي خلاف ورزي نه ڪئي آهي. جڏهن ته هڪ ڀارتي جهاز پاڪستاني حدن اندر ۽ هڪڙو جهاز ڀارت جي حدن ۾ ڪريو آهي. عالمي طاقتن هن معاملي تي تشويش جو اظهار ڪيو آهي ۽ اها ڪردار ادا ڪري رهي آهي. عالمي طاقتن جي ڪوشش آهي ته معاملو طئي ٿي وڃي. جڏهن ته وزير اعظم ڀارت کي پرامن رهڻ جي درخواست ڪئي آهي. اميد آهي ته ڀارت هوش کان ڪم وٺندي هن دعوت کي مثبت انداز ۾ وٺندو.

