خاصنئون

آمريڪا گولان جي جبلن تي اسرائيل جي خود مختياري تسليم ڪري ورتي

آمريڪا جي صدر گولان جي جبلن تي اسرائيلي خود مختياري تسليم ڪرڻ واري صدارتي حڪم نامي تي صحيح ڪري ورتي آهي. وائيٽ هائوس ۾ ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ حڪم نامي تي صحيح ڪرڻ بعد ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مان گولان جي جبلن تي اسرائيل جي خود مختياري کي تسليم ڪري ورتو آهي. حڪم نامي تي صحيح ڪرڻ بعد آمريڪي صدر  قلم اسرائيل جي وزير اعظم کي ڏيندي چيو ته هي اسرائيل جي عوام کي ڏيندا.

گولان جي جبلن جو پس منظر

شام جي گادي واري هنڌ  دمشق کان 60 ڪلو ميٽر پري موجود گولان جي جبلن جي هڪ طرف اسرائيل، ٻئي طرف شام، اردن ۽ لبنان جون سرحدون لڳن ٿيون. هنن جبلن تي 1967 ۾ اسرائيل قبضو ڪيو هيو. جنهن بعد شام 1973 ۾  ان کي واپس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هو ناڪام رهيو. اسرائيل جي هن جارحيت کي عالمي طور تي قبول نه ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن به ان کي غير قانوني قرار ڏنو آهي. ٻئي طرف آمريڪا جي صدر جي هن فيصلي بعد عالمي سطح تي شديد تنقيد ڪئي پئي وڃي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل  جو چوڻ آهي ته گولان جي جبلن تي گڏيل قومن جو موقف اڄ به برقرار آهي.