ڪراچي ۾ سرڪاري استادن جو احتجاج، ميٽرڪ جا امتحان خطري ۾
ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس جي تشدد بعد ميٽرڪ جا امتحان خطري ۾ پئجي ويا. سنڌ حڪومت ۽ استادن وچ ۾ مطالبن جي جنگ ۾ شاگرد پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا. ياد رهي ته ميٽرڪ جا امتحان هڪ کان وڌيڪ دفعا معطل ٿي چڪا آهن ۽ نئين تاريخ مطابق اهي 01 اپريل تي ٿيڻا هئا. جڏهن ته هاڻي پهرين اپريل تي امتحان ٿيڻ جي ڪابه اميد نظر نه اچي رهي آهي. ٻئي طرف تعليم واري سيڪريٽري احتجاج کي امتحانن خلاف سازش قرار ڏنو آهي. هن جو چوڻ آهي ته استادن جي مطالبن جي سمري وزيراعليٰ ڏانهن موڪلي وئي آهي ۽ وزيراعليٰ جي اجازت سان ئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته امتحانن جي تاريخ پهريون هولي سبب 20 مارچ مان وڌائي 25 مارچ رکي وئي هئي، جنهن بعد احتجاج سبب 25 مارچ مان به وڌائي پهرين اپريل رکي وئي.

