ڪوڙ کي دهرائبو ته اهو سچ نه ٿي ويندو: ڊي جي آءِ ايس پي آر
آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ڪوڙ کي دهرائڻ سان اهو سچ نٿو بڻجي سگهي. ڀارت پاران ڪيل پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 16-F ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪرڻ وارا ان جو ثبوت ڇو نٿا پيش ڪن. پاڪستان ڀارت کي جيڪو نقصان پهچايو آهي ان تي پاڪستان جي خاموشي کي نظر انداز نه ڪيو وڃي. ٽوئيٽ ذريعي ڏنل پنهنجي بيان ۾ ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پاڪستان سچ تي به دهل نه وڄايو، سچ اهو آهي ته پاڪستان ايئر فورس ڀارت جا ٻه جهاز ڪيرايا آهن جنهن جو ملبو سڄي دنيا ڏٺو.

