پاڪستان خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل نه آهي
وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ پنهنجي پاڙيسرين سان سٺا تعلقات رکڻ چاهي ٿو. خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسان مسئلي ڪشمير جو پرامن حل چاهيون ٿا. جڏهن ته ڀارت ڪشميرين تي ظلم ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت کي ايٽمي ميزائل بابت تجويز ڏني آهي پر ڀارت پاران ان تجويز جو ڪو به جواب نه مليو آهي. ان تجويز جو مقصد ئي خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ کي روڪڻ آهي. جڏهن ته ڀارت جو S 400 ميزائيل خطي ۾ عدم توازن جو سبب بڻجندو. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري کي خطي جي اسٽريٽيجڪ صورتحال کي سمجهڻو پوندو اين ايس جي (نيوڪليئر سپلائر گروپ) کي به پنهنجي پاليسي بهتر بنائڻي پوندي.

