خاصنئون

ملڪ اندر هيپاٽائيٽس جو خاتمو نه آندو ويو ته اها بيماري ٻيو پوليو ثابت ٿيندي، ماهر

ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ پاڪ لِوَر اينڊ جِي آءِ سوسائٽي  (Pak Liver and G.I Society)  پاران منعقد ٿيندڙ سالانا ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي صحت جي ماهرن چيو آهي ته پاڪستان ۾ روزانا سوين مريض هيپاٽائيٽس سبب موت جو شڪار ٿي رهيا آهن. جڏهن ته دنيا 2030 تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي طرف وڃي رهي آهي. پاڪستان ۾ هن مرض ۾ مبتلا ماڻهن جو صحيح انگ معلوم ڪرڻ به هن وقت تائين ناممڪن رهيو آهي. جيڪڏهن ان جي خاتمي لاءِ ڪم نه ڪيو ويو ته پوءِ هيپاٽائيٽس ٻيو پوليو ثابت ٿيندو. جڏهن ته 2030 تائين اهو باقي دنيا ۾ ختم ٿي چڪو هوندو. اسان کي گهرجي ته ان بيماري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪريون ۽ قومي سطح تي ان جو خاتمو آڻيون. هن ڪانفرنس ۾ وچ ايشيا جي مختلف ملڪن جي ماهرن کان علاوه پاڪستان جي مختلف شهرن جي ماهر ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ تمام ماهرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ اندر قومي سطح تي هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.