اڄ سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزادي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي
هن ڏينهن جي شروعات 1993 ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي طرفان ڪئي وئي هئي. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد پيشاوراڻه فرضن جي ادائگي دوران صحافتي ادارن کي درپيش مشڪلاتن، مسئلن، ڌمڪين ۽ زندگي کي درپيش خطرن متعلق قوم ۽ دنيا کي آگاهه ڪرڻ هوندو آهي. هن ڏينهن تي منعقد ٿيندڙ سرگرمين ۾ انهن صحافين کي ياد ڪرڻ هوندو آهي جيڪي پنهنجي فرض جي ادائگي ڪندي پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي ۽ انهن مان ڪيترا ڄڻا قيد ڪاٽي رهيا آهن. ڪميٽي ٽو پروٽڪيٽ جرنلسٽ مطابق گذريل سال 2018 ۾ پوري دنيا ۾ ڪل 59 صحافي پيشاوراڻه فرض ادا ڪندي پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ صرف هن سال جي 5 مهينن ۾ 5 صحافي قتل ٿيا آهن. جڏهن ته 1992 کان هن وقت تائين ڪل 1304 صحافي ماريا ويا آهن. جڏهن ته 60 صحافي لاپتا آهن. جنهن کان علاوه ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايل صحافين جو تعداد 251 آهي.

