ايم ڪيو ايم سائوٿ آفريڪا ٻيهر دهشت گرديءَ لاءِ سرگرم
هڪ دفعو ٻيهر ايم ڪيو ايم سائوٿ آفريقا، پاڪستان ۾ دهشت گردي جي علامت بڻجي وئي. خبرن موجب ايم ڪيو ايم سائوٿ آفريقا طرفان صوبائي وزير شهلا رضا ۽ سعيد غني کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سفارش تي داخلا واري کاتي سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهلا رضا ۽ سعيد غني کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن ۽ ٻنهي کي غير ضروري سرگرمين کان روڪيو ويو آهي ۽ سيڪيورٽي الرٽ جي ڪاپي ٻنهي صوبائي وزيرن کي اماڻي وئي آهي. اي آر وائي جي نمائندي ارباب چانڊيو مطابق ٻنهي ڄڻن کي هڪ خط وسيلي هڪ هفتي اندر قتل ڪرڻ جي ڌمڪي اماڻي وئي آهي. ياد رهي ته 27 اپريل تي اڳوڻي ٽائون ناظم ڊاڪٽر پرويز محمود جي قتل ۾ ملوث ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر ڪنور عمران کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هيو. پڇا ڳاڇا واري آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ملزم ناظم آباد، گلبهار سيڪٽر جي ٽارگيٽ ڪلنگ ٽيم جو انچارج هيو. پڇا ڳاڇا دوران هن ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڪيترن ئي ڏوهن جو اعتراف به ڪيو.

