لاڙڪاڻي اندر 17 عطائي ڊاڪٽر گرفتار: ڪلينڪون سيل
رتوديرو ۾ ايڊز جي وائرس ڦهلجڻ بعد لاڙڪاڻي ضلعي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪيل آپريشن ۾ 17 عطائي ڊاڪٽر گرفتار ڪيا ويا آهن، جنهن تي ايف آءِ آر ۾ قلم 417، 419 ۽ 269 لاڳو ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻي جي ڪمشنر سليم رضا کهڙو ۽ ڊپٽي ڪمشنر نعمان صديق هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته جلد ئي ضلعي اندر سڀني عطائي ڊاڪٽرن خلاف ايڪشن کنيو ويندو. هنن وڌيڪ چيو ته ڊسٽرڪٽ هيلٿ مئنيجرن مطابق ضلعي ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو تعداد 270 آهي. جڏهن ته اسان جي ذريعن مطابق اهو نمبر 1100 آهي. منهنجو اندازو آهي ته اهو تعداد 4000 تائين آهي. لاڙڪاڻي جي ڪمشنر چيو ته جن ماڻهن اهڙن عطائين کي پنهنجا دڪان ڪرائي تي ڏنا آهن انهن خلاف به ڪيس داخل ڪرايا ويندا ۽ اسان اهڙو ايڪشن ڪنداسين جنهن جا اثر پوري صوبي ۾ محسوس ڪيا ويندا.

