وفاقي وزير سردار علي محمد خان مهر فوت ٿي ويو
پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ اينٽي نارڪو ٽڪس جو وفاقي وزير سردار علي محمد خان مهر لاڏاڻو ڪري ويو. خانپور مهر ۾ سردار علي محمد خان مهر جي گذريل رات طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن بعد مقامي ڊاڪٽرن کي سندس رهائشگاهه تي گهرايو ويو هو، مقامي ڊاڪٽرن مطابق سردار علي محمد خان مهر کي دل جو دورو پيو هو، جنهن سبب دل ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ اهو ئي سندس موت جو سبب بڻيو آهي. سردار علي محمد خان مهر جي وفات تي سوڳ ۾ سڄي ضلعي گهوٽڪي جي تعلقي خانپور مهر ۾ سڀئي مارڪيٽون بند ڪيون ويون آهن. ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد علي محمد خان مهر جي رهائشگاهه تي تعزيت لاءِ پهچڻ جمع ٿي ويو آهي. سردار علي محمد خان مهر پرويز مشرف جي دور ۾ سال 2002 کان 2004 تائين سنڌ جو وڏو وزير به رهي چڪو هو.

