خاصنئون

ٿر ۾ وڌيڪ آر او پلانٽن جي ضرورت آهي: پ پ

پيپلز پارٽي جي ايم پي اي راڻي حمير سنگهه چيو آهي ته ٿر اندر وڌيڪ آر او پلانٽن هڻڻ سان پاڻي جي مسئلي کي حل ڪري سگهجي ٿو. ٿر پريس ڪلب ۾ هڪ پريس ڪانفرنس سان ڳالهائيندي حمير سنگهه چيو ته سنڌ حڪومت ٿر جي عوام لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. هاڻي اها ٿر ۾ وڌيڪ سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي ڪري رهي آهي. جنهن ۾ وڌيڪ آر او پلانٽ به لڳايا ويندا. هن چيو ته مون سنڌ حڪومت کي صلاح ڏني آهي ته اها ٿر ۾ وڌيڪ آر او پلانٽ هڻائي ڏئي ٿر جا پاڻي جا ذخيرا ٿر کي سالن تائين پاڻي جي ضرورت پوري ڪري سگهن ٿا.