خاصنئون

حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي نٿي هٽائي سگهي

ڪيمبرج يونيورسٽي جي شاگردن سان خطاب ڪندي چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسا چيو ته پنهنجي ججن تي اعتماد ڪريو، اهي انصاف ڪندا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو معاملو سپريم جڊيشل ڪائونسل جو آهي. اسين پاڪستان اندر عدالتن ۾ اصلاحون آڻي رهيا آهيون. جڏهن ته انصاف کي يقيني بنائڻ منهنجي اولين ذميواري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ چيف جسٽس چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کان مني ٽريل جو مطالبو ڪرڻ عدالتن جو ڪم آهي ان تي هتي ڪجهه به نٿو چئي سگهان. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ماڊل انصاف جي فراهمي ۾ بهتري لاءِ ماڊل ڪورٽن جا نتيجا بهتر برآمد ٿيا آهن. ملڪ ۾ آمريتون نه هجن ها ته اسان اڄ تائين قانون جي حڪمراني لاءِ ڪوششون نه ڪريون ها. انصاف جي فراهمي ۾ نظام پوري طرح ڪم نه ڪري ته ان ۾ اسان جو ڪوبه ڏوهه نه آهي. پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني لاءِ اسان جو معاشرو جدوجهد ڪري رهيو آهي.