رانا ثناءُ الله 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل منتقل
منشيات ڪيس ۾ گرفتار ن ليگ جو اڳوڻي قانون جي وزير رانا ثناءُ الله کي ڇهن ساٿين سميت 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اڄ صبح جو اي اين ايف پاران رانا ثناءُ الله کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي هن جي 14 ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي عدالت 14 ڏينهن جو رمانڊ ڏيڻ جو حڪم نامون جاري ڪري ڇڏيو. جنهن بعد رانا ثناءُ الله کي ڪيمپ جيل منتقل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڪالهه رانا ثناءُ الله کي ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو هو. خبرن موجب گرفتاري وقت رانا ثناءُ الله جي گاڏي مان 21 ڪلو منشيات به هٿ آئي هئي، جنهن ۾ 15 ڪلو هيروئن هئي.

