پاڪستان ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ اهم ڳالهيون شروع
پاڪستان ۽ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس وچ ۾ آسٽريليا ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون، ڳالهين ۾ پاڪستان پاران ايف اي ٽي ايف کي ٻڌايو ويو آهي ته گڏيل قومن جي ڊرگ اينڊ ڪرائيم جي اداري جي سهڪار سان نئين نيشنل رسڪ اسيسمينٽ شروع ڪئي وئي آهي ۽ مني لانڊرنگ ۽ ٽيررازم فنانسنگ جي حوالي سان ڪيل ڪاررواين بابت ٻڌايو ويو، پاڪستان 26 مان 22 نقطن تي ٿيندڙ عملدرآمد جي باري ۾ رپورٽ پيش ڪئي ملاقات ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پاڪستان اسٽيٽ بينڪ جي گورنر رضا باقر ڪئي. خزاني واري وزارت مطابق پاڪستان سٺي پيش رفت ڪئي آهي. ان لاءِ اميد آهي ته سٺي خبر ايندي ۽ پاڪستان جو نالو بليڪ لسٽ ۾ نه ايندو ۽ گري لسٽ مان به ڪڍڻ جي اميد آهي. ان کان علاوه پاڪستان ٻڌايو ته ايف اي ٽي ايف کي ٽيررازم فنانسنگ ۽ ٽيررازم ۾ مبينا طور ملوث تنظيمن ۽ فردن خلاف ڪارروائي، حافظ سعيد، مختلف مدرسن جي حوالي سان ٻڌايو ويو بيئرر سرٽيفڪيٽن ۽ بيئرر انعامي بانڊن کي ختم ڪرڻ جي شرطن تي عمل ڪيو ويو. چاليهه هزار جو انعام بانڊ ختم ڪرڻ جي رجسٽريشن تي اطمينان جو اظهار وڪيلن، چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جي نگراني ۽ مانيٽرنگ جو مڪينزم متعارف ڪرايو ويو آهي.

