ڪراچي جي ڪي فور منصوبي تي مرڪز ۽ سنڌ حڪومت ملي ڪري ڪم ڪندا
مرڪز ۽ سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته هڪ جوائنٽ ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا ڪراچي جي پاڻي واري ڪي فور منصوبي جي رپورٽ تيار ڪندي. نيشنل انجنيئرنگ سروسز پاڪستان لميٽيڊ ڪمپني (نيسپاڪ) جي لڳايل ڪاٿي مطابق هن پروجيڪٽ تي 120 ارب رپين جو خرچ ايندو. نئين ٺهندڙ ڪاميٽي ۾ وفاق ۽ سنڌ جا 5، 5 ميمبر شامل هوندا. تفصيلن موجب هن پروجيڪٽ لاءِ 50 واٽ جو پاور پلانٽ به لڳايو ويندو. جنهن جي پي سي ون تيار ڪئي وئي آهي. ڪي فور منصوبي بابت سنڌ حڪومت ۽ مرڪز جي نمائندن جي ملاقات ۾ موجود سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي لاءِ پاڻي جو مسئلو زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. اسان ڪي فور منصوبو شروع ڪيو ته جيئن هن شهر جي پاڻي جي مسئلن کي حل ڪري سگهون پر هن منصوبي کي 15 سال گذري ويا آهن ۽ اڄ تائين به اهو منصوبو اڃان مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ ان منصوبي ۾ اڃان ڪجهه سال لڳي ويندا.

