معاهدي تي عمل نه ٿيو ته ڪردن خلاف وڏو آپريشن ٿيندو
هڪ تازي انٽرويو ۾ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته بارڊر ويجهو موجود ڪرد فورسن کي جلد علائقو خالي ڪري ڇڏڻ گهرجي، جيڪڏهن انهن ائين نه ڪيو ته ڪرد فورسن خلاف وڏي پئماني تي آپريشن شروع ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته معاهدي مطابق ڪرد فورسن کي علائقو 120 ڪلاڪن اندر خالي ڪرڻو آهي، جنهن سان سيف زون جو مسئلو آساني سان حل ٿي ويندو. واضح رهي ته ترڪي پنهنجي سرحدي علائقي ۾ 35 لک شامي مهاجرن کي ترسائڻ لاءِ هڪ سيف زون ٺاهڻ چاهي ٿي. جڏهن ته ان علائقي مان آمريڪا جي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ هڪ بحران پيدا ٿي ويو ۽ اتي موجود ڪرد فورسن کان علائقو خالي ڪرائڻ لاءِ ترڪ سرڪار آپريشن شروع ڪيو، جيڪو معاهدي سبب بند ڪيو ويو.

