خاصنئون

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مولانا فضل الرحمان خلاف داخل درخواست رد

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مولانا فضل الرحمان جي فوج خلاف تقرير تي ڪارروائي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. شهري شاهجهان خان پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ مولانا فضل الرحمان، وفاق، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيئرمين پيمرا کي فريق بڻائيندي چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جي تقريرن ۽ ان جي سياسي جماعت تي پابندي مڙهي وڃي. ساڳئي وقت وزيراعظم هائوس کان پڇيو وڃي ته هن وقت تائين هن جي تقريرن تي پابندي ڇو ڪونه لڳائي وئي آهي، جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اسان ڪير ٿيندا آهيون، ڪنهن کي به روڪڻ وارا اسان جي باري ۾ به گهڻو ڪجهه چيو ويندو آهي اسان جا ڪردار اهڙا هئڻ گهرجن جو ڪوبه اسان جي لاءِ اهڙيون ڳالهيون نه ڪري سگهي. جنهن بعد عدالت درخواست کي ٻڌڻي لائق نه هئڻ جو اعتراض واري خارج ڪري ڇڏيو.